جگر جي چرٻي، دماغ لاءِ شديد نقصان ڏيندڙ ٿي سگهي ٿي
جگر تي غير معمولي چرٻي عام آهي، جنهن جي شديد نوعيت جگر جي ڪيترن ئي مرضن جو سبب بڻجي ٿي ۽ هاڻ ماهرن ان جو تعلق دماغي ۽ ذهني صحت سان به جوڙيو آهي ڇو ته ان جو اثر نفسيات تي ٿي سگهي ٿو. ڪنگز ڪاليج لنڊن سان وابسته پروفيسر راجر وليمز ۽ سوئٽزرلينڊ جي جامعه ليوزين جي ماهرن ٻڌايو آهي ته نان الڪحلڪ فيٽي ليور ڊيزي (اين اي ايف ايل ڊي) سان دماغ ۾ آڪسيجن جي فراهمي گهٽ ٿي ويندي آهي جنهن سان دماغي بافتن ۾ سوزش وڌي ويندي آهي ۽ ائين دماغ کي گهڻ طرفو نقصان پهچي سگهي ٿو. دنيا جي 25 سيڪڙو آبادي ۽ 80 سيڪڙو ٿلها ماڻهو اين اي ايف ايل ڊي جا شڪار آهن جنهن سبب ورزش کان دوري، فاسٽ فوڊ ۽ طرزِ زندگي آهي. هاڻ معلوم ٿيو آهي ته جگر تي جمع ٿيندڙ سڻڀ دماغ لاءِ به شديد نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.