سفرنامو

اچو ته البانيه گهمون (قسط-9 حصو چوٿون)

البانيا جي آزاديءَ جو اهڃاڻ، ڪروجا قلعو

خير هاڻي پاڻ البانيا جو ڪجهه وڌيڪ جهان ڏسڻ لاءِ ڇڪيون ٿا پنڌ کي. اِهو پنڌ پنهنجن گوڏن کي ناهي ڪرڻو پر گاڏي جي ڦيٿن کي ڪرڻو آهي، جيڪي ائڪسيليٽر جي حڪمن (Command) جي پوئواري ڪندي اڳتي وڌن ٿا. هاڻ منهنجي ٻنهي پاسن کان آهن اُهي ئي جبل، واديون، سرسبز کيت، وڻ ٽڻ، گل ڦل ٻوٽا ۽ مٿان جهڙالي موسم ۾ آواره گرد بادل. منهنجي ته اڳين منزل ڪروجا شهر آهي پر هنن بادلن جي منزل جو نه ڪو اتو ۽ نه ئي ڪو پتو. هي ڪو اسانجن ٺاهيل روڊ رستن تان يا گوگل مئپ جي حساب سان ٿورو ئي هلن ٿا. ھي تہ آھن ڇڙواڳ ۽ پنھنجي مرضي جا مالڪ؟ ڪڏھن ڪڏھن من بہ انھن آوارہ بادلن جيان روح جون رولاڪيون ڪرڻ چاھيندو آھي پر اسانجي سماج جا نام نھاد اخلاقي قدر ڪٿي ٿا ائين ڪرڻ ڏين؟ ھن ڪُند ذھن سماج ۾ پنھنجي مرضي سان جيئو، سئو فتوائون لڳي وينديون جيڪي اوھان جو جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏينديون. خير پاڻ بادلن کي پوئتي ڇڏيندي اڳتي وڌي رهيا آهيون. ممڪن آهي ته اِهي بادل هاڻي پنهنجي ماروئڙن جي ديس پُڄي چڪا هجن ۽ دردمندي جو ديس وسائي ڇڏيو هجين، ۽ جڏهن ته پاڻ هاڻ چند ڪلوميٽر جو سفر طئه ڪري پهچي ويا آهيون ڪروجا شهر

ڪروجا (Kruja) شهر جنهن کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ (Kruje) ڪوٺين، تقريبن 340 ڪلوميٽر اسڪوائر ايراضي تي ڦهليل شهر آهي ۽ اُن جي آبادي 60 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. البانيا جي اُتر ۾ موجود هي شهر ڪروجا جبل ۽ اشيم (Ishem) ندي جي وچ ۾ واقع آهي. هي شهر البانيا جي گادي جي هنڌ ترانا کان اُتر طرف تقريبن 30 ڪلوميٽر جي فاصلي تي پوي ٿو ۽ ائڊرياٽڪ (Adriatic) سمنڊ جي ويجهو آهي. جتي خوبصورت جبل، واديون، ندي ۽ سمنڊ هن شهر جي فطرتي سونهن کي چار چنڊ لڳائن ٿا اُتي هن شهر جي قديم تاريخ پڻ سياحن کي هن شهر ڏانهن ڇڪي اچي ٿي. چون ٿا ته هي شهر پنجين يا ڇھين صدي ۾ جڙي راس ٿيو. 12 صدي ۾ هي شهر البانيا جي قديم رهواسين الاريئنس (Illyrians) جو ڳڙهه رهيو ۽ البانيا جي بادشاهت جي گادي جو هنڌ به ٿي رهيو. الاريئنس لاءِ چيو وڃي ٿو ته اِهو قبل مسيح کان 400 سال اڳ جو قبيلو آهي جيڪو يونان، اٽلي، مقدونيا ۽ گهڻو پوءِ البانيا ۾ اچي آباد ٿيو. الباني پاڻ کي ان قديم قبيلي جي نسل مان هئڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجي قومي تاريخ ۽ وراثت جي تسلسل کي ان نسل سان ڳنڍين ٿا. پندرھين صدي جي اوائل ۾ ڪروجا تي ترڪي جي خلافت عثمانيه (Ottoman Empire) قبضو ڪيو پر 1443 ۾ البانيا جي هيرو سڪندر بيگ اُنهن کان قبضو ڇڏائي ورتو. سڪندر بيگ جي وفات کان 10 سال پوءِ يعني 1478 ۾ سلنطت عثمانيه وري ان تي قبضو ڪري ورتو. 1906 ۾ سلطنت عثمانيه خلاف بغاوت شروع ٿي ۽ 1912 ۾ سلطنت عثمانيه جي خاتمي بعد هي شهر البانيا جو حصو ٿي ويو. هي شهر پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ نازين جي خلاف تحريڪ جو ڳڙهه به رهيو.

ڪروجا جيئن ته ڪافي پراڻو شهر آهي تنهنڪري ان ۾ پراڻي شهر جون ڪافي باقيات هن وقت به موجود آهن. هن ۾ پراڻي (قديم) بازار جيڪا 17 صدي جي آهي ڏسڻ وٽان آهي. الباني هن قديم بازار کي Derexhiku ڪوٺين. هن پراڻي بازار ۾ پراڻي زماني جي اسٽائل جا زيور، ريشم (اُن) جا ڪارپيٽ، ٽوپلا، حجامن جا دڪان، ڪاٺ تي گلڪاري، ڪٽلري، ثقافتي لوڪ لباس، چمڙي جا پرس، مٽي جا برتن، فرنيچر، ڀرت ۽ ٻيون ائنٽڪ ۽ ٽريڊيشنل شيون وڪري لاءِ موجود آھن. خاص طور تي الباني اُن (پشم) جو ٺهيل ٽوپلو جنهن کي هو Qeleshe چون ڪافي مشهور آهي. اُن کانسواءِ هتي جي ترڪش ڪافي پڻ مشهور آهي جيڪا سياح صبح جي وقت ۾ پيئڻ پسند ڪن ٿا. هن پراڻي ڳوٺ ۽ بازار ۾ ور وڪڙ کائيندڙ گهٽيون عام جام آهن. پراڻي آرڪيٽيڪٽ تي اڏيل بازار جي ڇت مٿان کان ڪَوَر (بند) ٿيل آهي، جيئن پاڻ وٽ پراڻي هالا ۽ شڪارپور جي ڍڪ بازار آهي. 200 دڪانن تي مشتمل چار سئو سال قديم ھي بازار ڪروجا شهر کان وٺي ڪروجا جي قلعي تائين ڦهليل آهي. بازار جي دڪانن ۾ پراڻي اسٽائل جا ٻن ٽن تاڪن وارا ڪاٺ جا دروازا لڳل آهن جن ۾ وڏا انجيس ۽ بند ڪرڻ لاءِ وڏا لوهي ڪنڊا ۽ پراڻي اسٽائل جا تالا به لڳل آهن، اھڙا ئي پراڻا در، ڪڙا ڪُنڊا ۽ تالا ڪنھن زماني ۾ پاڻ وٽ بہ دڪانن  کي لڳل ھوندا ھئا. ڪروجا جي پراڻي بازار ۾ عثمانيه سلطنت جي دور ۾ 1533 ۾ البانين جي ٺهرايل مسجد مراد بي ماسڪ (Murad Bey Mosque) به آهي جنهن کي الباني Xhamia Murat beu به ڪوٺين. هن مسجد کي ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ 1991 ۾ ڪميونسٽ دور جي خاتمي کانپوءِ اُن کي ٻيهر کوليو ويو آھي. هن قديمي شهر ڪروجا جي جبل جي چوٽي تي هڪ غار Sari Salleko جي نالي سان آهي جيڪا اسلام ۾ موجود ھڪ فرقي بڪتاشي عقيدي (Soofi sect) جي ماڻهن ۾ مقدس ليکي وڃي ٿي ۽ اُن جي زيارت کي اُهي پاڻ لاءِ اعزاز سمجهن ٿا.

ڪروجا شهر ۾ البانيا جي هيرو سڪندر بيگ جو مجسمو به نسب ڪيل آهي جيڪو Pascal Odyssaes جو ٺاهيل آهي ۽ سنگتراشي ڪلا جو نادر نمونو آھي. 28 نومبر، 1959 تي هن مجسمي نسب ڪرڻ جي افتتاحي تقريب به ٿي هئي.  هي ته ٿيو ڪروجا شهر جو احوال پر ڪروجا شهر جي آسپاس به گهڻو ڪجهه ڏسڻ وٽان آهي. ڪروجا کان 5 ڪلوميٽر پري Zgerdhesh جو ڳوٺ آهي جيڪو الاريئنس (Illyrians) قبيلي جي ڳوٺ طور سڃاتو وڃي ٿو. تاريخي تحقيق موجب ملڪ البانيا ۽ البانين جو نالو اصل ۾ ان قبيلي جي نالي مان ورتل آهي. (الريئنس جيڪو بگڙي بگڙي يا وقت سان گڏ آيل تبديلين جي ڪري البانيا ٿي ويو) البانين جو بڻ بنياد پڻ ان قبيلي سان جڙيل آهي. ڪروجا شهر کان 6 ڪلوميٽر پري نوجه (Noje) ۾ Hurdha e Keut نالي سان هڪ آبشار به آهي. هي آبشار (Waterfall) تقريبن 20 ميٽر اوچو آهي جيڪو جبلن تان وهي هيٺ زمين تي هڪ وڏو تلاءُ ٺاهي ٿو، جنهن کي اُتي جا ماڻهو Pond of Nanny Goat (ٻڪري جو تلاءُ) سڏين ٿا. هن خوبصورت تلاءُ سان هڪ دلچسپ ديو مالائي (Mythological) قصو بہ جڙيل آهي. چون ٿا ته هن علائقي ۾ هڪ پاڻي جي خوبصورت پري (Beauty of Water) رهندي هئي جيڪا روز صبح جو هن تلاءُ تي ايندي هئي ۽ پنهنجا وار تلاءُ ۾ ڀِڄائي (پُسائي) هوا ۾ ڇوڙي سج جي روشني ۾ سُڪائي ڪنگي ڪندي هئي. هوءِ وري ٻنپهرن جو به ايندي هئي ۽ تلاءُ ۾ ٽٻي هڻندي هئي. تلاءُ جي خوبصورتي هن سندري جي وهنجڻ جي ڪري نکري پوندي هئي، انهي ڪري هتي جي ماڻهن لاءِ هي تلاءُ مقدس هو ۽ اُن سان ڪرامتن ۽ ڪرشمن جا ڪئين قصا جڙيل هئا. ظاهر آهي جنهن تلاءُ ۾ سندري سنان (وهنجڻ) ڪندي هجي ۽ وري اُن جي ڪنڌي تي هوا ۾ وار بہ سڪائيندي هجي تہ اُهو تلاءُ مقدس ڪيئن نه هوندو؟ ۽ اُن جي ڦهليل وارن جو هوا ۾ هُڳاءُ عاشقن جي دلين کي معطر ڪيئن نه ڪندو؟ ۽ من جون آشائون پوريون ڪيئن نه ٿينديون؟ پاڻ وٽ ته گڏهن کي پوري درگاهون ٺاهيو ڇڏين ۽ بد ذوق ۽ نڀاڳا اُتي دعائون گهرندا وتن. ڀلا انهن بدذوق ۽ عقل جي انڌن جي من جون مرادون گڏھ کي سجدو ڪرڻ سان خاڪ پوريون ٿينديون! هِتي ته وري به سندري جي سونهن جي خوشبوءِ سان تلاءُ جي نکرڻ ۽ مقدس هئڻ جو حوالو آهي ۽ جتي سونهن ۽ محبت تي ميلو متل هجي، اُتي ڀلا ذوق وارن کي اچڻ کان ڪير ٿو روڪي سگهي؟ سهڻي لطيف به چيو آهي:

هلو ته هلون ڪوريئين جتي نِينهن اُڇل،

نڪا جهل نه ڪا پل، هر ڪا پَسي پرين کي.

بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾…