خاص

نائبل دنيا جي پهرين اوپن سورس روبوٽ ٻلي

نائبل هڪ روبوٽ ٻلي جو نالو آهي جنهن جي تشهير هن وقت ڪرائوڊ فنڊنگ ويب سائٽ انڊي گو تي جاري آهي. هيءَ روبوٽ ٻلي ڪرتب ڏيکاري ٿي پر ان جو سڀني کان اهم پهلو اِهو آهي ته راند روند ۾ هيءَ روبوٽڪس ۽ پروگرامنگ به سيکاري ٿي. هن کي ٺاهيندڙن جو دعويٰ آهي ته هيءَ دنيا جي سڀني کان هلڪي ۽ برق رفتار روبوٽ ٻلي آهي ۽ اوپن سورس هئڻ سبب اوهان پنهنجي خواهش مطابق فيچر هن ۾ شامل ڪري سگهو ٿا.