خاص

مصنوعي ذهانت جي استعمال سان هزارين ماڻهن کي معذوري کان بچايو ويو

هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته برطانيه جي اسپتالن ۾ مصنوعي ذهانت جي هڪ سافٽ ويئر جي استعمال سان هزارين مريضن کي فالج سبب ٿيندڙ مستقل معذوري کان بچايو ويو آهي. برينومِڪس (Brainomix) اِي اسٽروڪ سسٽم ٽيڪنالاجي سان ڪيل فالج جي شروعاتي مرحلي جي تجزيي سان معلوم ٿيو آهي ته هي نظام معاملي جي تشخيص ۽ علاج جي وچ ۾ وقت، جيڪو انتهائي حساس هوندو آهي کي گهڻي حد تائين گهٽ ڪري سگهي ٿو.