خاص

معاشي معاملا ڏکيا پر ڪنٽرول ۾ آهن، ڏيوالو نه نڪرندو: اسحاق ڊار

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سستي سياست لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچايو پيو وڃي، ثابت ڪري سگهان ٿو ته پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو، سياسي مقصدن لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ درست ناهن. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب دوران ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ سنگين مسئلا آهن، پر اسان کي اُهي حل ڪرڻا پوندا، ڪنهن کي انتقام جو نشانو نٿا بڻائڻ چاهيون. تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي پوزيشن واضح ٿي ويندي، اسان کي ڊالر، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ کي روڪڻو آهي، ايندڙ  6 کان 7 سالن ۾ پاڪستان کي 35 ارب ڊالرز جي ضرورت پوندي.