دي اڪنامسٽ انٽيليجينس يونٽ(EIU) دي اڪنامسٽ جو هڪ تحقيقي ۽ تجزياتي حصو آهي جيڪو پنهنجي تحقيق ۽ مشاورتن سان مختلف ادارن کي اڳڪٿي ڪري مختلف صورتحالن جا جائزا وٺي مختلف ميدانن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ يا مختلف پراجيڪٽ شروع ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت مشورا ڏيندو آهي. هن اداري جا بنيادي مول متا ڪجهه هينئن آهن. ادارن کي اڳڪٿي ڪري تجزيا مهيا ڪرڻ EIU جو مقصد هوندو آهي ته هو اهڙا تجزيا ڪري جيڪي اڻ ڌريا هجن، مضبوط بنيادن تي بيٺل هجن، معاشي، سياسي ۽ سماجي روين جي پسمنظر ۾ ڏيکاريل هجن. انهن جا تجزيا اڳڪٿيون ڪرڻ خطرن جي آگاهي ڏيڻ ته ڪابه ڌر جيڪڏهن ڪٿي واپار ڪري ٿي يا حڪومت ٺاهي ٿي يا ڪا تنظيم ڪو فيصلو ڪري ٿي ته ان ۾ انهن کي اڳواٽ تجزيا مهيا ڪرڻ آهي.
ان کان علاوه هي ادارو معلومات ۽ انگ اکر (ڊيٽا) گڏ ڪندو آهي، ان جو تجزيو ڪندو آهي، جنهن ۾ تمام گهڻيون شيون شامل هونديون آهن. خاص طور تي معاشي اشارا (انڊيڪيٽر)، سياسي استحڪام ۽ مارڪيٽ جي صورتحال بابت ٻڌائيندو آهي. اها معلومات ۽ انگ اکر مختلف رپورٽن ذريعي اشاعتي مواد طور ۽ آن لائين سروسز جي ذريعي ڏني ويندي آهي. هي ادارو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ حڪومتن کي ۽ وڏن وڏن ادارن ۽ تنظيمن کي ڪنهن به فيصلي سازي واري صورتحال ۾ مدد ڪندو آهي. ڇو ته هن اداري جو مقصد اهو آهي ته هو پنهنجي گراهڪ يا خريدار کي اها معلومات فراهم ڪري جيڪا کيس سڄي دنيا جي باري ۾ هڪ مڪمل آگاهي فراهم ڪري سگهي ۽ هو پنهنجون ترجيحات چونڊي انهن جي مطابق پلاننگ ڪري سگهي. هن اداري تازوئي 27 فيبروري 2025 تي هڪ رپورٽ جاري ڪندي 165 آزاد رياستن ۽ خود مختيار خطن جو جائزو وٺندي هڪ انڊيڪس رپورٽ شايع ڪئي آهي، ڇو ته هن ڊويزن جو ڪم تجزيا ڪرڻ ۽ انهن جا اشارا شايع ڪرڻ آهي ته اهي مختلف ميدانن ۾ ڇا پنهنجي گهربل ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن يا نه؟ هن تازي رپورٽ ۾ مختلف ملڪن ۾ جمهوريت جي ميدان ۾ 165 ملڪ پنهنجي ڪارڪردگي ڪيئن ڏيکاري رهيا آهن، انهن جي ادارن ۾ ڇا جمهوريت جي نالي تي صرف ڏيکاءُ ته نه ٿي رهيو آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ جي جاري ڪيل درجا بندي 2024ع ۾ 6 درجا هيٺ لهي آيو آهي، جيڪا شرمندگيءَ جهڙي ڳالهه آهي ۽ هينئر پاڪستان هن رپورٽ مطابق ڏهن بدترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ وارن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جن وٽ جمهوريت خطري ۾ پيل نظر اچي ٿي. هيءَ انڊيڪس پنجن بنيادن تي ٻڌل هوندي آهي، جنهن سان ملڪن جي جمهوري قدرن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ چونڊن جو عمل، حڪومت جي ڪارڪردگي، سياسي شرڪت، سياسي ثقافت ۽ شهري آزادي شامل آهن. هر ملڪ جي چئن مان هڪ جي طور تي درجا بندي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪجهه ملڪ مڪمل جمهوريت واري درجابنديءَ ۾ اچن ٿا، ٻيا خراب جمهوريت وارا ملڪ آهن، ٽين نمبر تي هائبرڊ نظام ۾ ايندڙ ملڪ آهن ۽ چوٿين نمبر تي آمرانه نظام شامل آهي.
هن رپورٽ ۾ انتهائي خطرناڪ مشاهدا سامهون آيا آهن. دنيا ۾ گڏيل طور تي جمهوريت جو زوال نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان عالمي درجابندي ۾ 2.84 جي گڏيل اسڪور سان 124 نمبر تي رهيو. درجابنديءَ موجب پاڪستان آمرانه حڪومت جي ڪيٽيگري ۾ شامل نظر آيو. هن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي 6 درجا گهٽتائي جي نتيجي ۾ آمرانه حڪومتن جي سراسري اسڪور ۾ وڌيڪ خرابي ڏٺي وئي. هلندڙ ڪجهه سالن جو اهو رجحان ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته آمرانه حڪومتون وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ آمرانه رويو اختيار ڪندي نظر اچي رهيون آهن. تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته انڊيڪس مطابق دنيا جي 3/1 کان وڌيڪ آبادي (39.2 سيڪڙو) آمرانه حڪومتن ۾ رهندڙ آهن ۽ ان جو تناسب هلندڙ سالن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. جڏهن ته 60 ملڪن جي درجابندي آمرانه حڪومتن جي طور تي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش، ڏکڻ ڪوريا ۽ پاڪستان بدترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهن. جن جي عالمي درجابنديءَ ۾ ترتيبوار تنزلي 25، 10 ۽ 6 رهي. ان کان علاوه هن رپورٽ ۾ آذربائيجان، بيلاروس، ايران، موزمبيق، روس، بنگلاديش ۽ پاڪستان ۾ حڪومتن اقتدار ۾ رهڻ لاءِ هر اهو طريقو استعمال ڪيو، جنهن سان جمهوريت ڪمزور ٿي. هن رپورٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ 2024 جي چونڊن ۾ فراڊ ۽ تشدد جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اعليٰ اختيارين جي طرفان سياسي ڏاڍ ۽ دراندازي جا الزام به مڙهيل آهن. هن رپورٽ ۾ ڏکڻ ايشيا جي جمهوريت کي مضبوط ٿيڻ جي لاءِ نااميدي ڏيکاري وئي آهي، جيڪا افسوسناڪ آهي.. ڊيموڪريسي انڊيڪس جي ڊائريڪٽر جان هوئي چيو آهي ته انڊيڪس جو رجحان 2006 کان جمهوريت جي رجحان ۾ ڪمزوري ۽ لاٿ ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ آمريت مضبوط ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ دنيا ۾ جمهوريت کي ڪافي مشڪلاتون درپيش نظر اچن ٿيون.