شام جو وقت هو، ڊسمبر جون ٿڌڙيو ھوائون فليٽ جي اڌ اڏوهي کاڌل دريءَ مان ڪمري ۾ داخل ٿي رهيون هيون. فليٽ جي اندر هڪ مصور برش ۽ رنگن سان ڪينواس تي پنهنجي خيالن جو فصل پوکي رهيو هو. الماريءَ جي ڀرسان ڀت تي وان گوگ، ڊاونچي، ۽ پڪاسو جون تصويرون سجايل هيون. دروازي جي ڀر واري ڪنڊ ۾ پينٽنگن جو ڍير لڳل هو. راشد پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي فن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، پر حقيقت اها هئي ته هن جي فن جو قدر ڪرڻ وارو ڪير به نه هو. هن پنهنجي زندگي انتهائي غربت ۽ مفلسيءَ ۾ گذاري. پيٽ جي باهه وسائڻ خاطر هوٽلن ۾ نوڪري ڪرڻي پيس ۽ پنهنجا فن پارا پڻ وڪڻڻا پيس. راشد جو خواب هو ته هن جي سڃاڻپ سندس فن وسيلي ٿئي، ۽ دنيا هن جي آرٽ کي ڏسي ۽ سمجهي، پر افسوس جو سماج ۾ آرٽ کي تفريح جو سستو سامان سمجهيو ويندو آهي.
هڪ ڏينهن جڏهن راشد پنهنجي اندر جي جذبن ۽ سوچن جي گهرائيءَ مان ڪينواس تي رنگ وکيري رهيو هو ته اوچتو زوردار دروازو کڙڪڻ جو آواز ٿيو. راشد جو ڇرڪ نڪري ويو، ۽ هو ڪرسيءَ تان اُٿي دروازو کولڻ ويو. ڏٺائين ته سخت ڪاوڙ ۾ ٻاهران فليٽ جو مالڪ بيٺو آهي.
“تون مسواڙ ڪڏهن ادا ڪندين؟ مسلسل ٽن مهينن جي مسواڙ رهيل آهي” فليٽ مالڪ جي لفظن ۾ تمام گهڻي تلخي هئي. هن جون اکيون ڪاوڙ ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون هيون.
راشد آهستي ۽ نرم لهجي ۾ جواب ڏنو، پر فليٽ جي مالڪ جا ڪن ڄڻ راشد جو جواب ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. “هفتي اندر پئسا آڻ، نه ته فليٽ خالي ڪر! مونکي تنهنجي بار بار بڪواس ٻڌڻ لاءِ وقت ناهي.”
فليٽ جو مالڪ اهي لفظ چئي ڪاوڙ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو هليو ويو.
راشد تمام گهڻو پريشان ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته هو هفتي اندر ايترا پئسا ڪٿان آڻيندو. هو دروازو بند ڪري فرش تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجي اڌ ٺهيل پينٽنگ ڏانهن ڏسڻ لڳو. راشد جو خيال ان پينٽگ کي اڌورو ئي ڇڏڻ جو ھو.
ٻئي صبح، جڏهن راشد ننڊ مان اٿيو ته ڪجهه فن پارا اخبار جي ڪاغذ ۾ ويڙهي رومال ۾ ٻڌي مارڪيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي فن پارا خريد ڪرڻ واري هارون جو دڪان هو. هارون مصورن کان سستي اگهه تي فن پارا خريد ڪرڻ جو ماھر ھو ۽ مالدار خريدارن کي ڳري اگهھ تي وڪرو ڪندو ھو. جڏهن راشد دڪان تي پهتو، ته هارون چمڪندڙ مرڪ سان کيس ڀليڪار ڪيو.
راشد آهستي آهستي پنهنجا فن پارا کوليا ۽ هارون جي اڳيان رکيا. “هيءُ منهنجي زندگيءَ جي محنت آهي، اميد آهي ته هن ڀيري ڪجهه مناسب رقم ملي ويندي.”
هارون نڪ تي عينڪ رکي فن پارا ڏاڍي ڌيان سان ڏسڻ لڳو،
“ھمم، سٺو ڪم آھي، پر اڃان گھڻو ڪم گھرجي”
ھارون وڌي اداڪاري سان ايئن ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄڻ هُن کي فن جي وڏي ڄاڻ هجي، جڏهن ته سچ اهو هو ته هو رڳو مارڪيٽ جي قيمتن ۽ خريد و فروخت جي معاملن ۾ ماهر هو۔ ھن کي فن جي سطحي معلومات ھئي.
راشد التجا واري لهجي ۾ هارون کي چيو، “هارون، هن ڀيري ڪا مناسب آڇ ڪر. منهنجو گذر سفر مشڪل ٿي ويو آهي.”
هارون عينڪ جي مٿان ڏسندي چيو، “پريشان نه ٿي، مان توکي هڪ سٺي آفر ڏيندس. بس، مونکي هي سڀ فن پارا ڏسڻ لاءِ ٿورو وقت ڏي.”
ڪجهه وقت کانپوءِ، هارون چيو، “مان هر پينٽنگ جا 1500 روپيا ڏئي سگهان ٿو. اھو تنھنجي لاءِ سڀ کان بھترين آفر آھي.”
راشد لاءِ اها آڇ تمام گهٽ هئي. هن مايوسيءَ سان چيو، “يار، مان تمام گهڻو مجبور آهيان، ايتري رقم سان ته منهنجي فليٽ جي مسواڙ به ادا نه ٿيندي. ان کان علاوه، مان ڪيترن ئي ماڻهن جو قرضدار پڻ آهيان. ھيءَ منھنجي سموري زندگيءَ جي محنت آھي.”
هارون معصوميت سان چيو، “ڏس، مان تنهنجا سڀ فن پارا خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر مان توکي وڌيڪ رقم نٿو ڏئي سگهان. تون ڄاڻين ٿو ته مارڪيٽ ۾ هن شيءِ جي گهڻي گهرج ناهي. اسان جو ڌنڌو به وڏي مشڪل سان هلي رهيو آهي. سالن تائين اھي فن پارا بيڪار پيا ھوندا آھن، سالن کان پوءِ ڪو ھڪ خريدار اچي ڪا پينٽگ خريد ڪندو آھي، پر مان وري به توکي ھر پينٽنگ لاءِ 1600 روپيا ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. ڏس ٻيو ڪير به توکي اھڙي آفر ڪونه ڏيندو، وڌيڪ تنهنجي مرضي.”
راشد پنهنجي دل تي پٿر رکي فن پارا ھارون جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ پئسا وٺي گهر روانو ٿيو. ھن پنھنجي سموري زندگيءَ جي محنت سستي اگھه تي وڪرو ڪري ڇڏي، ھن جو اندر ڄڻ ٻه اڌ ٿي چڪو هو. “اي زندگي! مون ڇا حاصل ڪيو؟ ڪا عزت؟ ڪو قدر؟ ڪنهن خواب جي ڪا تعبير؟ جيڪو حاصل ڪيو، سو به لٽيو ويو ڦريو ويو. منهنجي محنت، منهنجا جذبا، منهنجا خواب ڄڻ ته ٽڪي جي شيءِ ھئا.” وچ روڊ تي رڙيون ڪندي راشد اهي لفظ چيا، آس پاس جا ماڻھو ھن کي چريو سمجهي مٿان ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، راشد جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا، ھن جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي هو پاڻ کي بي حال ۽ لاچار محسوس ڪرڻ لڳو.
جيئن ئي گھر پھتو ته بوٽن سميت پنھنجي بستري تي ليٽي پيو ۽ پنھنجي اڌ تخليق ڪيل شاهڪار ڏانھن نهاريندو رھيو. ٿوري وقت کانپوءِ ھو ھڪ ٻي پينٽنگ ٺاهڻ جي ارادي سان بستري تان اٿيو ۽ اٿي ڪري برش کنيو، پر برش راشد جي ھٿن مان ڇڏائجي ويو، ۽ برش سان گڏ ھو پاڻ به فرش تي ڍير ٿي ويو. گڏوگڏ ڪينواس به هيٺ ڪري پيو، راشد جي اکين اڳيان اونداهه ڇائنجي وئي. ٻن ڏينهن بعد، جڏهن پاڙيسرين کي راشد جي غير موجودگيءَ جو احساس ٿيو، ته دروازو کولي اندر داخل ٿيا. ڪمري ۾ هڪ عجيب قسم جي بدبوءِ پکڙيل هئي. فرش تي راشد جو بيجان جسم پيل هو، ۽ جسم جي ڀرسان اڌ تخليق ڪيل شاهڪار. جيڪو بعد لکين رپين ۾ نيلام ڪيو ويو.