منھنجو يونيورسٽي جي پھرين ڏينھن کان ئي ڌيان پڙھائي ڏانھن ھو، پر منھنجا ڪجھه دوست ھميشه جيان ڇوڪريون ڦاسائڻ جي چڪر ۾ ھئا، پوءِ به ڪجهھ مھينا گذرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪنھن به ڇوڪري جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائي نه سگھيا ھئا. ھنن جي برعڪس منھنجي من موھڻي صورت ۽ پنھنجي ڪم سان جڙيل ھجڻ وارو سڀاءُ ئي ڇوڪرين کي مائل ڪرڻ لاءِ ڪافي ھو، پر ڪابه ڇوڪري مون کي اڃان تائين پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري سگھي ھئي سواءِ سوڀيا جي!
ھوءَ سڀني کان الڳ ھئي! صورت توڙي سيرت ۾ به پياري ھئي. پھرين سيميسٽر ۾ ئي ھن جي ادائن مون کي سوگھو ڪيو ھو!
ڪينٽين يا لائبريري ۾ ھوءَ سھيلين جي جھڳٽي مان نڪري اچي مون سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندي ھئي تنھن ھوندي به آئون پنھنجي دل جو راز ساڻس اڳيان فاش ڪري نه سگھيو ھئس!
ھر وقت سوڀيا جي تعاقب ۾ ڦرندڙ منھنجين نظرن کي منھنجن دوستن به پروڙي ورتو ھو. ھو مون کي، کيس پرپوز ڪرڻ جا ڪيترائي حربا ڏسيندا رھندا ھئا، مونکي ئي ھمت نه ٿيندي ھئي جو کيس پنھنجي دل جو حال سڻايان! ھن جو روز مرڪي ملڻ، پڙھائي جي سلسلي ۾ صلاح وٺڻ يا ڏيڻ ۽ ڪوريڊور، ڪينٽين يا لائبريري ۾ آمھون سامھون ايندي حال اورڻ ئي منھنجي روح کي راحت بخشيندو ھو! آئون محسوس ڪري رھيو ھئس ته سندس من ۾ به مون لا محبت جو مچ ٻري رھيو ھو، پر پوءِ به مون ھڪ ئي لمحي ۾ سڀ ختم ٿيڻ جي خوف کان پاڻ کي روڪي رکيو ھو!
يونيورسٽي جي ٽئين سال ۾ اسان جي دوستي تمام گھري ۽ مثالي بڻجي چڪي ھئي! اسان ٻئي لائبريري جي اسٽڊي ٽيبل تي شاھه جي سورمي سھڻي تي ڳالھائي رھيا ھئاسين. سندس نرم و نازڪ ھٿ منھنجن ھٿن ۾ ھو! آئون سندس ھٿ جي ڇھاءُ جي لذت کي اندر ۾ پيھندي محسوس ڪري رھيو ھئس! پاڻ شاعراڻي ٻولي ۾ مون سان مخاطب ٿي: جاويد! آئون چاھيان ٿي ائين ئي سدائين منھنجو ھٿ تنھنجن مضبوط ھٿن ۾ ھجي! ۽ پاڻ ٻئي تار ۾ ترندا وڃي ڪناري لڳون! تڏھن خوشي مان منھنجا لڙڪ لڙي اچي اسان ٻنھي جي ھٿن تي ڪريا ھئا! ھا مٺي! تون ته منھنجي سھڻي ۽ مان تنھنجو سڏ ورنائيندڙ ميھار آھيان! مون چيو ھو. ايتري ۾ ھن جھڪي منھنجن خوشي ۾ ڪريل لڙڪن کي پي ورتو ھو! مون ھن جي مک تان وارن جي چڳ ھٽائي ھن جي پيشاني کي لبن سان ڇھيو ھو! پوءِ ته اسان جي پريم ڪھاڻي سڄي يونيورسٽي ۾ مشھور ٿي وئي ھئي! ھن جون سھيليون ۽ منھنجا دوست به اسان ٻنھي جي پريم ڪھاڻيLove affair مان لطف اندوز ٿيڻ لڳا ھئا!
اسان جي آخري سيميسٽر جا آخري ٽي مھينا وڃي بچيا ھئا. سوڀيا پنھنجي ماءُ جي مرتيئي تي ڏيڍ مھيني جي موڪل تي ڳوٺ ويل ھئي! اھي ڏينھن مون کي صدين جي برابر لڳي رھيا ھئا! آئون سوڀيا جي تصوير ڪتاب ۾ رکي ديدار ڪندو رھيو ھئس! سندس ماءُ جي عذر خواھي ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جي دوستن سان گڏ سوڀيا جي ڳوٺ ويو ھئس، پر مھمانن جي پيھه سبب ھوءَ اسان کي گھڻو وقت ڏيئي نه سگھي ھئي. واپس اچي مون ھن کي ڪيترائي ڀيرا فون ڪئي، پر ھن ڪابه ڪال اٽينڊ نه ڪئي ۽ نه ئي پاڻ فون ڪيائين. جنھن ڪري آئون گھڻو دل شڪسته ٿي پيس! ۽ دوستن به مون کي سوڀيا جي خلاف ورغلائڻ شروع ڪيو! وڏي بيوفا آھي يار تنھنجي محبوبه! پيار ۾ ڪو ايترو ستائبو آھي ڇا! تون به شھزادي سليم کان گھٽ ناھين سئو انارڪليون توتي قربان! مون به دوستن جي چوڻ ۾ اچي ھن کي نازيبا الفاظ لکي پوسٽ ذريعي خط روانو ڪري ڇڏيو ھو! جنھن سبب ھوءَ ڏيڍ مھيني جي موڪل کانپوءِ يونيورسٽي آئي ته مون سان ڪاوڙيل ھئي! مون جيترو به ھن جي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ھوءَ مون کان پري ٿيندي وئي! ڇو جو آئون اڃان به ھن کي بيوفا سڏيندو ۽ ميارون ڏيندو رھيو ھئس! پنھنجي ڪيئي تي بنهھ به شرمنده نه ھئس! ھن کي سرچائڻ لاءِ مون وري دوستن کان صلاح ورتي ھنن مون کي سوڀيا کي سبق سيکارڻ لاءِ مون کي چرين وانگي چاھيندڙ ھڪ معمولي صورت واري ڇوڪري منھنجي ڪلاس فيلو شمع سان پيار جو ڍونگ رچائڻ جي صلاح ڏني۔ مون ائين ئي ڪيو۔ ڪجھه ڏينھن تائين شمع سان ڍونگ ڪندو رھيس! ھوءَ مون تي انڌو اعتبار ڪرڻ لڳي ھئي! سوڀيا ھن جي اکين تان پيار جي پٽي لاھڻ خاطر کيس گھڻو سمجھايو ھو! پر شمع منھنجي پيار ۾ ايتري مست ھئي جو ھن کي سوڀيا جي سمجھائڻ ۾ ساڙ جي بوءِ اچي رھي ھئي! ھوءَ نه ٿڪي ھئي! نه ھٽي ھئي! پر آئون ساڻس پيار جو ناٽڪ رچائي ٿڪجي پيو ھئس ڇو جو منھنجي سوڀيا جي ورڻ جي آس نراس ۾ تبديل ٿي چڪي ھئي! نيٺ مون شمع جي اڳيان سچ ڳالھائي پنھنجي دل جي حال کان کيس واقف ڪيو ته مون کي معاف ڪجانءِ شمع! مون کي توسان ڪوبه پيار ويار ناھي مون صرف سوڀيا کي گلٽي فيل ڪرائڻ لاءِ توسان پيار جو ڍونگ ڪيو آھي! تڏھن ھو بنا ڪنھن شڪايت ڪرڻ جي ڪجهھ دير لڙڪ ڳاڙيندي رھي ھئي! آئون ان وقت سچ ڳالھائي پاڻ کي ھلڪو محسوس ڪري رھيو ھئس۔ جڏھن ھن جي لڙڪن وڌيڪ وھڻ کان جواب ڏنو تڏھن ھن پنھنجا پسيل ڳل اگھيا! ھڪ قرب ڀري نگاھه مون ڏي کڻي مون سان مخاطب ٿي، ڪو مسئلو ناھي جاويد! تون منھنجو ناھين ته ڇا ٿيو! پر مون توکي چاھيو آھي ۽ چاھيندي رھنديس! سوڀيا تنھنجو پيار آھي! آئون سمجھائينديس سوڀيا کي! ھو ضرور تنھنجي پيار جو قدر ڪندي! ھن جي آخري لفظن مونکي جياري وڌو ھو! سوڀيا کي وري ماڻڻ جي خوشي ۾ مون نچڻ، ڪڏڻ پئي چاھيو! آئون شمع ۽ سندس درد کي وساري چڪو ھئس! مون کي سوڀيا جي پيار ۾ ٻڏل ڏسي ھو ڪنھن مھل اٿي وئي ھئي، مون کي خبر ئي نه پئي ھئي! شمع جي ڪوشش به مون کي سوڀيا نه موٽائي سگھي ھئي! آخري سيميسٽر جي آخري پيپر ۾ مون ھن کي سرچائڻ لاءِ دوستن جي مدد سان وڏا وس ڪيا ھئا! زري گھٽ سوڀيا جا پير ڇھڻ لاءِ جھڪڻ وارو ھئس ته ھو مون کي روڪيندي ڪلھن کان جھلي مٿي ڪندي چوڻ لڳي اڙي اڙي ھي ڇا ٿو ڪرين! اھو ڪيان ٿو جيڪو ڪرڻ کپي آئون تنھنجو ڏوھي آھيان!
مون چيو تڏھن ھن جا لفظ تيرن وانگي منھنجي اندر کي گھائي ويا ھئا جاويد! تون منھنجو نه شمع جو ڏوھي آھين آئون ته توکي معاف ڪري پئي سگھيس، پر تو معصوم شمع سان جيڪو ظلم ڪيو آھي ان لاءِ توکي معاف نه ڪنديس! پر شمع پاڻ کي ئي معاف نه ڪري سگھندي جيسين سوڀيا سليم کي نه معاف ڪندي اوچتو ئي شمع اڳيان وڌي پنھنجو شرط رکي ڇڏيو، پر شمع سوڀيا اڃان ڳالھايو ئي پئي ته شمع سندس چپن تي آڱر رکي چپ رھڻ جو اشارو ڏنو ۽ سندس لبن تي فاتحانه مسڪراھٽ تري آئي ۽ منھنجو ھٿ سوڀيا جي ھٿ ۾ ڏئي جھلي ھوا ۾ لوڏيندي محبت زنده باد جو نعرو ھڻڻ لڳي تڏھن مون ۽ سوڀيا سندس وڏ ماڻھپو ۽ اندر جي خوبصورتي پسي ورتي.