پريس ڪانفرنس
12 اپريل 2018ع
حيدر منزل، ڪراچي
صحافي دوستو… اسلام عليڪم
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس حيدر منزل ڪراچي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ هيٺين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
سيد زين شاهه (سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي)، حاجي شفيع ڄاموٽ (ايم پي اي)، امان الله شيخ (عوامي جمهوري پارٽي)، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي (جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان)، گلزار سومرو (سنڌ ترقي پسند پارٽي)، امير آزاد پنهور (جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر)، صوفي حضور بخش (جيئي سنڌ محاذ سرور سهتو)، فتاح چنا (جيئي سنڌ تحريڪ)، نواز خان زنئور (جيئي سنڌ لبرل فرنٽ)، حافظ سڪندر تنيو (سنڌ ساگر پارٽي)، ڪامريڊ رمضان ميمڻ (نيشنل پارٽي)، زوهيب عمر لغاري (عوامي راج پارٽي)، عابد حيدري (جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو)، نور احمد ميمڻ، مشتاق عباسي (دانشور)، محمد کوکر (جيئي سنڌ قومپرست پارٽي)، يونس مهر (سول سوسائٽي)، روشن ٻرڙو، محبوب عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اڄ جي اجلاس ۾ سڀ اڳواڻ هن ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ تاريخي طور قومي وحدت آهي، جنهن ۾ سنڌين جي دائمي اڪثريت جو هجڻ لازم آهي. وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته هـُو سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ تحفظ فراهم ڪن ۽ هر طرف کان ٿيندڙ آبادي جي والار جيڪا سنڌ جي ڊيموگرافي لاءِ وڏو خطرو آهي، تنهن کي قانوني طور روڪين.
28 نومبر 2017ع کان سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ جا قومپرست هڪ کان وڌيڪ احتجاج ڪري غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري فيصلي خلاف رد عمل طور پنهنجو موقف ڏئي چڪا آهن. ڌرتي ڌڻين جو واضح موقف آهي ته غير ملڪين (Aliens) جنهن ۾ برمين، بنگالين ۽ افغانين کي شهريت ڏيڻ غير قانوني عمل آهي.
ڪراچي بدامني ڪيس (2012) ۾ سپريم ڪورٽ جو واضح فيصلو آهي ته غير ملڪين خاص طور برمين، بنگالين ۽ افغانين کي خاص ڪئمپين تائين محدود ڪيو وڃي، ڇو ته هـُو نه صرف غير ملڪي آهن پر سنڌ جي وسيلن تي بار ۽ خاص طور بدامني ۽ دهشتگردي پيدا ڪرڻ ۾ ملوث پڻ آهن.
نادرا چيئرمين عثمان مبين جيڪو ذاتي دلچسپي وٺي غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهيو آهي. هـُو نه صرف سٽيزن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي پر معزز سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توهين پڻ ڪري رهيو آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو مطالبو آهي ته نادرا چيئرمين کي فوري طور هٽائي کيس ان ڏوهه جي سزا ڏني وڃي.
غير ملڪين (Aliens) کي مليل شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ رد ڪيا وڃن ۽ ووٽر لسٽن ۾ شامل نالا خارج ڪيا وڃن.
غير ملڪين (Aliens) کي خاص طور برمين، بنگالين ۽ افغانين کي سندن ڏيهه موڪلڻ جا انتظام ڪيا وڃن.
ڌاري آبادڪاري خلاف هلندڙ جدوجهد کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ سڀني پارٽين تي ٻڌل اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جناب چيف جسٽس پاران بنگالي عورت کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڏنل رمارڪس، جنهن ۾ هـُن چيو آهي ته “نادرا رشوت وٺي غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي”. سنڌ ايڪشن ڪميٽي معزز چيف جسٽس جي رمارڪس کي درست سمجهي ٿي ۽ اها حقيقت پڻ آهي ته نادرا رشوت جي عيوض غير ملڪين کي ڪارڊ جاري ڪري سنڌ واسين جي قومي حقن تي نه صرف ڌاڙو هڻي رهي آهي پر ملڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. اسين معزز عدالت کان انصاف جي گهر ٿا ڪريون ته هـُو سوئو موٽو ايڪشن وٺي غير ملڪين کي ڏنل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرائي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان پنهنجي قومي وجود جي بقاءَ ۽ غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ 17، 18 ۽ 19 اپريل 2018ع تي نادرا آفيس ڪورنگي روڊ آڏو بک هڙتال ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ جي محب وطن ماڻهن ۽ عوام کي سڏ ٿو ڏجي ته هـُو هن جدوجهد ۾ شامل ٿي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو هٿ مضبوط ڪن.

