خاص

ارشد شريف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو، جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم به ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سينيئر صحافي ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو، کيس خطرا ڄاڻائي زبردستي ٻاهر اماڻيو ويو. ترجمان پاڪ فوج موجب ارشد شريف کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ آگسٽ ۾ هڪ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو، ٿريٽ الرٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ارشد شريف کي ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ قائل ڪرڻ هو، ارشد شريف 10 آگسٽ تي پشاور ايئرپورٽ تان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، متحده عرب امارات ۾ ارشد شريف جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪنهن ڪيو؟ ارشد شريف کي عرب امارات مان ڪينيا وڃڻ لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو، اي آر واءِ جي مالڪ سلمان اقبال کي پرڏيهه مان گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ارشد شريف جي قتل کي بنياد بڻائي پاڪ فوج خلاف هڪ ڪوڙو بيانيو گهڙيو ويو، ارشد شريف جي معاملي ۾ سلمان اقبال جو نالو ھر ھر اچي رهيو آهي، ان کي واپس آندو وڃي.