نئون

 15هين قومي اسيمبلي جي اجلاس رڪنن  حلف کڻي ورتو

اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾  پاڪستان جي 15 هين قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي،  جنهن جي شروعات قومي تراني، تلاوت قرآن پاڪ ۽ نعت سان اجلاس جي باقاعده ڪارروائي جوآغاز ٿيو. اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق نون چونڊجي آيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان حلف ورتو. قومي اسيمبلي جي رڪنن کي حروف تهجي جي ترتيب سان رجسٽر تي صحيحصون ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو. سڀ کان پهرئين پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري رجسٽر تي صحيح ڪئي. حلف کڻڻ کان پهرئين اسپيڪر اعلان ڪيو ته نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ 15 آگسٽ تي ٿيندي ۽ انهي ڏينهن نئون چونڊجي آيل اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي هلائيندو. ٻنهي جي چونڊ خفيا راءِ شماري ذريعي ٿيندي.