چين پاڪستان جي مالي امداد ڪندو
چين پاران پاڪستان جي موجوده مالي بحران ۾ مالي مدد ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو ويو آهي. پرڏيهي خابرو ادارن پاران چيو ويو آهي ته چين پاڪستان جي موجوده مالي بحران ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا مالياتي ذخيره 9 ارب ڊالرن جي سطح تائين اچي پهتا آهن. هن وقت چين پاران پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض ڏيڻ جو به يقين ڏياريو ويو آهي. خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته هن ڏس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان جي اڃان به وڌيڪ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جنهن کان علاوه چين اهو به چاهي ٿو ته پاڪستان هن مالي خساري مان نڪرڻ لاءِ قدم کڻي. ياد رهي ته موجوده مالي خساري مان نڪرڻ لاءِ عمران خان آءِ ايم ايف کان مدد گهرڻ نٿو چاهي ۽ ان ڏس ۾ چين پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. واضح رهي ته فنانشل ٽائيمز جي خبر اهڙي وقت ۾ آئي آهي جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت سازي جي مرحلن مان گذري رهي آهي ۽ هن وقت ملڪ جي قرض جون ادائگيون ڪرڻ ئي هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ هن وقت ملڪ جا مالي ذخيرا گهٽجي ويا آهن جن مان صرف ڏيڍ مهيني جي ادائگي ئي ڪري سگهجي ٿي. ٻئي طرف ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي قرض ڏيڻ جو اشارو ڏنو ويو هو جنهن بعد آمريڪا پاران چيو ويو هو ته اهو ڏسندو پاڪستان آءِ ايم ايف کان مليل قرض چين جي قرض جي ادائگي لاءِ استعمال نه ڪري جنهن جو مطلب ٿيو ته آمريڪا هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.