نئون

تاريخ جو پهريون خلائي شو پيس آڪٽوبر ۾ مدار ۾ موڪليو ويندو

ايندڙ آڪٽوبر کان آسمان ۾ انسانن پاران  ٺاهيل ستارو ڏسي سگهبو. هي انسان پاران ٺاهيل دنيا جو پهريون خلائي نمونو آهي جنهن جي سائز فوٽ بال جي ميدان جيتري آهي جيڪو سج جي روشني ذريعي روشن ٿيندو. هن مصنوعي ستاري کي خلائي جهاز اسپيس ايڪس فالڪن ذريعي اسپيس ۾ موڪليو ويندو. جيئن ته هي خلا ۾ موجود رهندو پر اهو هر رات جو نظر نه ايندو ڇاڪاڻ اهو اسان کي هر مهيني ٻه کان چار دفعا نظر ايندو رهندو هن  هٿرادو ستاري کي آربيٽل رفليڪٽر جو نالو ڏنو ويو آهي. آربيٽل رفليڪٽر کي 350 ميل جي بلندي تي خلا ۾ ڇڏيو ويندو جتي اهو وڏي عرصي تائين رهندو. جيڪو تفريحي بنياد تي اسان کي نظر ايندو جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن دوربين جي به ضرورت نه پوندي. آربيٽل رفليڪٽر آڪٽوبر جي مهيني ۾ وائنڊنگ برگ ايئر فورس بيس ڪيليفورنيا مان خلا ۾ موڪليو ويندو.