سنڌ هاءِ ڪورٽ مٺي جي هندو ڀائرن جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو
خميس ڏهاڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حڪم نامون جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مٺي لڳ قتل ڪيل ٻن هندو ڀائرن دليپ مهيشوري ۽ چندر مهيشوري جي قاتلن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. دليپ مهيشوري ۽ چندر مهيشوري ٻنهي ڀائرن کي 5 جنوري تي دڪان اندر ڦر جي واردات ۾ مزاحمت تي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. جنهن بعد دليپ موقعي تي ئي مري ويو ۽ چندر اسپتال ۾ دم ڏنو، ان بعد ۾ وارثن پاران واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس احمد علي ايم شيخ ان جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو. عدالت ۾ پيشي دوران تفتيشي افسر عدالت کي ٻڌايو ته پوليس قاتلن کي پڪڙڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جلد ئي قاتلن کي ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويندو. جنهن کانپوءِ ڪورٽ حڪم نامون جاري ڪيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.