آمريڪي ڪورٽ ٽرمپ پاران پرڏيهين لاءِ آندل پابندي کي هٽائي ڇڏيو
آمريڪي ڪورٽ صدر ٽرمپ پاران نابالغ ٻارن جي آمريڪا اچڻ ۽ شهريت وٺڻ تي پابندي ختم ڪري ڇڏي. 2012 ۾ تڏهن جي آمريڪي صدر باراڪ اوباما پاران پاس ڪيل هڪ قانون جنهن ۾ نابالغ مهاجرين جي آمريڪا ۾ آمد جي منظوري کي موجوده صدر ٽرمپ ختم ڪندي حڪم جاري ڪيو هيو ته اهڙا ٻار ملڪ اندر نه آندا وڃن جنهن کي بعد ۾ شهريت ملي سگهي پئي. آمريڪا اندر رهندڙ اهڙن ماڻهن جو تعداد لکن ۾ آهي، جيڪي گذريل 5 سالن دوران پنهنجي والدين سان گڏ هجرت ڪري آمريڪا آيا آهن ٽرمپ جي هن پابندي کانپوءِ انهن سڀني کي ملڪ بدري جي خطري هيٺ ڪورٽ اهڙو قدم کنيو آهي.