خاص

ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو، سازش پاڪستان ۾ ٿي، لانگ مارچ ۾ وڏي رتوڇاڻ ڏسي رهيو آهيان

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته ارشد شريف جو موت حادثو نه هو، کيس قتل ڪيو ويو، جنهن جي سازش پاڪستان ۾ گهڙي وئي. پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ارشد شريف کي سازشين ڊيڄاريو ۽ مجبور ڪيو ته ملڪ مان هليو وڃي، هن پنهنجو خيال ڏيکاريو ته ارشد شريف جو موت ڪو حادثو نه هو، ارشد شريف کي رڳو ٻه گوليون لڳيون، هڪ سيني ۾ ۽ ٻي مٿي ۾ لڳي، اهي لانگ رينج کان نه هلايون ويون. هن چيو ته ارشد شريف جو موت قتل آهي، جنهن جي سازش پاڪستان ۾ ٿي، شاهديون مٽايون ويون آهن، ارشد شريف جي نه موبائل ملندي نه ليپ ٽاپ، چيو ويو ته ارشد شريف لنڊن هليو ويو، پر هو لنڊن نه ويو، ارشد شريف لاءِ ڪينيا جي چونڊ پويان اهي ماڻهو آهن جيڪي ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته مان آخري ڏينهن تائين ارشد سان رابطي ۾ هئس، موبائل فون جي فرانزڪ لاءِ تيار آهيان، ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڪٿان به ڪو خطرو نه هو، هن جا اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هئا. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته کيس عمران خان جي لانگ مارچ ۾ رتو ڇاڻ نظر اچي رهي آهي، جنازا ئي جنازا نظر اچي رهيا آهن.