حيدرآباد ۾ کير جي قيمت 90 رپيا مقرر
ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن حيدرآباد پاران کير جي رٽيل قيمت 90 رپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ڏهي جي قيمت 120 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙو فيصلو کير وڪڻندڙ، رٽيلرز ايسوسئيشن، ملڪ فارمز ايسوسئيشن، ڪيٽل ڪالوني اينڊ ڊيري فارمز ايسوسئيشن سان گڏ هڪ ميٽنگ دوران ڪيو ويو آهي. ميٽنگ ۾ ڳالهائيندي حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر انيس احمد دستي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کير ساڳي قيمت تي وڪرو ڪرڻ جو ڪو خاص جواز نه آهي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ کير جي قيمت وڌڻ جا مختلف سبب آهن. ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ واڌ، مزدوري، يوٽيلٽي جي خرچن سبب کير مهانگو ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ۾ کير جي قيمت جي واڌ جون شڪايتون ملنديون رهيون آهن، جنهن مطابق کير جي قيمت 100 رپين تائين وڃي پهتي آهي، جيڪو عوام تي هڪ بار جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، پر هاڻي کير جي واپارين کي ان ريٽ کي واپس وٺڻ گهرجي ۽ کير کي پراڻي ريٽ تي کپائڻ گهرجي. هن چيو ته هن قيمت جي خلاف کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. خاص طور تي رمضان جي مهيني ۾ قيمت وڌائيندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمز ايسوسئيشن جي ريجنل پريزيڊنٽ چيو ته حيدرآباد ۾ هر روز 24 لک ليٽر کير جي گهرج آهي. جڏهن ته ڪاروبار ۾ ناڪام ويندڙ 35 فارمن پاران ڪاروبار بند ڪرڻ سبب اها گهرج پوري ڪرڻ مشڪل ٿي پئي آهي ۽ اهو اضافي بار به باقي فارمن تي اچي پيو آهي.

