چين دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايمفيبيوس جهاز تيار ڪري ورتو
چين دنيا جو وڏو ايمفيبيوس جهاز تيار ڪري ورتو جيڪو زمين ۽ پاڻي ٻنهي هنڌن تي لهي سگهندو. چين پنهنجي فوج کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ لاءِ اهڙي ايجاد ڪئي آهي. تجرباتي اڏام ۾ اهو جهاز چين جي صوبي گوانگ ڊونگ کان اڏام ڀري ۽ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ زوهوئي ايئرپورٽ تي واپس ڪاميابي سان لهي آيو. چيني خبرن واري اداري طرفان چيو ويو آهي ته اهو جهاز سمنڊ ۽ جزيرن جي حفاظت ڪندو. چين پاران سائوٿ چائنا سي جي حفاظت جي مقصد لاءِ هن قسم جي ايجاد ڪئي وئي آهي. هن جهاز ۾ 50 ماڻهو سفر ڪري سگهندا ۽ ان سان گڏ اهو جهاز 12 ميٽرڪ ٽن پاڻي به کڻي وڃي سگهندو جيڪو باهه وسائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو. هي جهاز 53.3 ٽن وزن سان ٽيڪ آف ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ دفعي ۾ 2500 ميلن تائين سفر ڪري سگهي ٿو.


