ملڪ جي سڀني ضلعن ۾ هيلٿ انشورنس ڏني ويندي
حڪومت پاران وزيراعظم جو هيلٿ انشورنس جو پروگرام سڄي ملڪ ۾ ڪم شروع ڪندو. اهو پروگرام اهڙن خاندانن لاءِ هوندو جيڪي روزانو 200 رپين کان به گهٽ ڪمائين ٿا. هي پروگرام 26 ضلعن تائين ڦهلايو ويندو، جنهن تي 38 ارب رپين جو خرچ ايندو. هن کي پروگرام وفاقي حڪومت پاران ڊسمبر 2015 ۾ شروع ڪيو ويو هو جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڪيو هو. هن پروگرام جو مقصد 20 لک غريب خاندانن کي مفت صحت جون سحولتون پهچائڻ هو جنهن مان هن وقت تائين صرف 41000 خاندانن کي فائدو پهچي چڪو آهي. جنوري 2018 ۾ 14 وڌيڪ خاندانن کي صحت ڪارڊ ورهايا ويندا.

