بلاگنئون

ڪالم ڪهاڻي: اڳ جو ڪاڻو هاڻ سياڻو، سائين…

1994ع جو زمانو هو، مان وزيراعليٰ جو اسپيشل اسسٽنٽ هئس ۽ هو منهنجو اسسٽنٽ. ماري ڇڏيندو هو جڏهن ڪو سوال ڪندو هو، مان نه ڏيندو هئس، هو جواب ڏيئي ڇڏيندو هو. منهنجو اسپيشل اسسٽنٽ جو هو. مون کان گهٽ پڙهيل هو جيئن سائين وزيراعليٰ کان مان گهٽ پڙهيل هئس. هئس ته مان به الائي ته ڇا ڇا، پر هو مون کان به مٿي هو. الائي ته ڪهڙا ڪهڙا جواب ٺاهيندو هو پوءِ سوال انهن جوابن جا گهڙيندو هو. ٺاهوڪا سوال سڻائي مون کان وري پڇندو هو “ڏي خبر؟” ڇا ڏيانس؟ گهروڙي بُجو ڏيو ڇڏيندو هئس هن کي… ۽ هو گهروڙي ٻه ڏيئي ڇڏيندو هو ڀتين کي. دل چويس ته ٽيون به پر ٽيون گهروڙي نه ڏيندو هو… دانگيءَ وانگيان هٿ مليندو هو پيلن سرڪاري ديوارن تي. مان اڍائي سال اسپيشل اسسٽنٽ رهيس ۽ هو منهنجو اسسٽنٽ. مان سائين وزيراعليٰ کي ته ڀلجي ويس. هن کي نه ڀُليم. راڻو ڪاڻو هو، پر سياڻو هو. چوندو هو ته تو فلسفو نه پڙهيو آهي. اهو آهي جواب، اچ ته ويهي ان جواب جو سوال ٺاهيون. مان هٿ جوڙي چوندو هئس راڻا مون کي معاف ڪر. چوندو هو ڪيم. هاڻ ٻڌائي ته سوال ڇا آهي؟ مان کلي بُجو ڏيانس، هو ٻه ڏيئي ڇڏيندو هو ديوارن کي. مان چپاٽ هڻانس، هو ٻه هڻي ڀتين کي. منهنجي آفيس جون ديوارون ڪاريون نه، پر شڪارپورين وانگيان اڇيون نه اشيون ٿي ويون هيون. شا ته ماڻهو هو شا ته انسان هو. الائي ته نه هو، پر راڻو ڪاڻو ضرور هو. ڪاڻي اک ڪري جواب پهريان ۽ پوءِ انهن جوابن جا سوال ٺاهيندو هو. ٻئي کي ته ڇا پاڻ کي به اڌ مُئو ڪري ڇڏيندو هو. فلسفو اڄ ايترو ته محدود ٿي ويو آهي جو ان کي تدريسي نظام جي ڪتابن ۾، ڪتابن جي سبقن ۾ حاشي (وضاحت) طور ليکيو ويندو آهي. اهو آهي جواب، ٻڌائي ته ان جواب جو سوال ڪيئن ٺهندو؟ مان چوندو هئس سوالن جا جواب پهريان نه ٺهندا آهن. پهريان سوال پوءِ جواب ٺهندا آهن. چوندو هو، الائي ته سوال ڪندو هو، تو فلسفو نه پڙهيو آهي، اهو آهي جواب. ان جو سوال آهي ڇا تو ڪڏهن فلسفو پڙهيو آهي؟ چوندو هئس “نه، مون نه پڙهيو آهي” چوندو هو تڏهن ته تون سوال پوءِ ۽ جواب پهريان ٺاهي نه سگهندو آهين. جڏهن به سائين وزيراعليٰ جي سامهون ويندو آهين، گهٻرائجي ويندو آهين. ڇا مان تنهنجي سامهون ايندي گهٻرائجي ويندو آهيان؟ ڪنڌ ڌوڻي نه ڪندو هئس ۽ هو هٿ ٻئي هٿ هوا ۾ کڻي هڻدو هو ميز جي شيشي تي… ٺا… شيشو ٻه ٽڪر. اهو ئي ته فرق آهي تو ۾ ۽ مون ۾. مون ۾ ۽ سائين وزيراعليٰ جي اسپيشل اسسٽنٽ ۾. هاڻ ٻڌائي ته ان ڪرسيءَ تي جتي تون ويٺو آهين مان ويهڻ جو حقدار نه آهيان؟ ۽ جتي مان ويٺو آهيان اتي توکي هئڻ نه گهرجي؟
پريشان ڪري ڇڏيندو هو. مون کي پريشان ڪري پاڻ پشيمان به نه ٿيندو هو. چوندو سائين وڏي جو مستقبل تابناڪ نه آهي. پڇيم ته ڇا آهي؟ چئي تڪڙ نه ڪر، تڪڙ تيڪائيندي آهي جيئن ٻالڪپڻي ۾ توکي سائين وڏي جي پيءُ هٿان تيڪائيندي هئي. پڇيم “ڪير سائين وڏي جو پيءُ؟” چئي وري تڪڙ، تڪڙ نه ڪر، تڪڙ ڪم شيطان جو. تون اسپيشل اسسٽنٽ آهين چيف منسٽر سنڌ جو ۽ مان ڪمبخت آهيان جو تنهنجو اسسٽنٽ آهيان. جيئن سائين وڏي جي پيءُ جو مستقبل تابناڪ نه هو، بلڪل ائين سائين وڏي جو به نه آهي. سوال ڇا آهي؟ اچ ته ويهي ان جواب لاءِ سوال ٺاهيون. چيم تون ائين چوڻ ٿو چاهين يا مون کان چورائڻ ٿو چاهين ته ڇا سائين وڏي جو مستقبل تابناڪ آهي؟…. ٻئي هٿ هوا ۾… ۽ پوءِ… ٺا… منهنجي ميز جو شيشو ٻه ٽڪر. ٻنهي هٿن سان لعنت (بُجو) ڏيندي چيومانس لعنتي ڀت تي هڻين ها هٿ. شيشي تي هڻي منهنجي ميز کي ماري ڇڏيئي مون کي ساڙي ڇڏيئي. چئي تون جي ايئن سوال کان اڳ جواب ٺاهڻ سکي وٺي هان ته هوند هن وقت چيف منسٽر سنڌ هجين ها ۽ وزيراعليٰ تنهنجو خاص اسسٽنٽ ۽ مان وري هن جو اسسٽنٽ هجان ها. ڪيڏي نه فخر جي ڳالهه هجي ها. ڪاش جي ايئن هجي ها. چيم اهو ته آهي جواب. سوال ڪٿي آهي؟ ساڄي هٿ جي آڱرين سان چپٽي وڄائيندي چيائين اجهو ٿا ٺاهي وٺون ان جواب جو سوال… ها… ها… ها… ها…. ڪيئن؟… ها… “ٺا” ميز جو شيشو ٻه اڌ. چئي سوال اهو آهي ته جي گڏهه ٻڪر هجي ها ۽ ٻڪر وري ٻڪري ته هوند ڇا ٿئي ها؟ گهروڙي بُجو ڏنومانس، پر هن نه ڏنو ديوارن کي. چئي بيهه بيهه سوال کي اڃان سهڻو ٿا ٺاهيون، پوءِ تون مون کي ۽ مان وري تنهنجي آفيسن جي ڀتين کي بُجو ڏيندس. سوال اهو آهي ته ڇا ٿي پوي ها جي هڪ گڏهه سنڌ جو چيف منسٽر هجي ها ۽ ٻيو گڏهه ان جو اسپيشل اسسٽنٽ ۽ ٽيون وري ان اسپيشل گڏهه جو اسپيشل اسسٽنٽ ۽ ان اسسٽنٽ جو وري اسسٽنٽ هڪ کوتو. گڏهه نه پر کوتو. ها… ها… ها… ها… ها… “ٺا” منهنجي ميز جو شيشو چڪنا چور. منهنجون گاريون لعنتون ۽ هن جا ٽهڪ هڪ پڙاڏو بڻجي مون کي ڏهڪائيندا آهن. مان ڏڪندي ٻه گوريون Laxotanil ۽ ٻه Avil 25mg کائي بيهوش ٿي ڪري پوندو آهيان بستري تي، پر باهه پئي ٻرندي آهي بستري تي… ۽ پوءِ اوجاڳو… اوجاڳو. نه سائين وزيراعليٰ رهيو ۽ نه راڻو ڪاڻو. لنڊن جي ڪرام ويل اسپتال مان وڃي اکين جو علاج ڪرائي آيو. هاڻ راڻو ڪاڻو نه آهي. سنڌ جي چيف منسٽر جو سينئر منسٽر آهي. سمجهي وڃو ته هو ڇا آهي؟ مان وري ڇا آهيان پروفيسر پريشان. هو پشيمان به نه آهي ۽ پريشان به نه آهي. ٻين کي پريشان ڪري پاڻ خوش ٿيندو آهي. مون کي فون ڪري فون تي ٽهڪ ڏيندو آهي… وڏا ٽهڪ… ۽ هن جا ٽهڪ پڙاڏو بڻجي مون کي ڏهڪائيندا آهن مان ڏڪندي ننڊ جي گورين جو ڦڪو ٺاهي پاڻيءَ سان پي ڇڏيندو آهيان… پر… پر ننڊ ڪٿي؟ جڏهن اڃان ٿڪجي هارجي ساڻو ٿي سمهڻ جي ڪندو آهيان ته هن جو فون اچي ويندو آهي. ڪيئن ٿو ڀانئين سوالن کان اڳ جواب جوڙيندي مزو اچي پيو يا…؟ يا کانپوءِ منهنجون گاريون هونديون آهن ۽ هن جون ڪچيون گاريون. نه اڳ ٻڌم ۽ نه ان کان اڳ. هاڻ ٻڌڻ تي مجبور آهيان. 51 جو ٿي ويو آهيان ۽ هو 65 سالن جو سينئر منسٽر آف چيف منسٽر سنڌ ٿي پيو آهي. فلسفو هاڻ فلسفو نه رهيو آهي. فلسفو نفسيات جو پاجامو پائي يونيورسٽين جي ڪاريڊورز ۾ پيو ڦرندو آهي، جتي فقط جواب هوندا آهن. سوال ڇا آهي ڪنهن کي ڪا خبر نه آهي. جواب هي آهي هر ڪنهن کي خبر آهي. سڀ سماجي مسئلا هاڻ فلسفي جي پهچ کان پري آهن. هاڻ فلسفو مادي ۽ مادي دنيا جي نوعيت، قوت ۽ ان جي نشونما تي ڪو تبصرو نه ڪندو آهي. هاڻ فلسفو نفسيات جي بنيادي سبقن Text طور نه لکيو ويندو آهي. سبق ۾ نفسيات جو ذڪر هوندو آهي ۽ ان سبق جي حاشيي طور فلسفي جو ذڪر خير ڪيو ويندو آهي. جو اهو شر نه آهي ته پوءِ ڇا آهي؟ مون کي ته خبر نه آهي. جي اوهان کي آهي ته ٻڌايوني!… ماضيءَ ۾ ارادي (يعني نيت) جي آزادي متعلق فلسفي سوين بحثن، مباحثن ۽ مذاڪرن جا ميلا کٽيا. هاڻ اهو فلسفو مشينن، ڪمپيوٽرن، Tablets، موبائل فونن، ٽي. وي چئنلن ۽ Laptop جي بار ۽ دٻاءُ هيٺ اچي چيڀاٽجي رهيو آهي، رڙ ئي رڙ آهي، پڙاڏو آهي ۽ ان جو سڏ آهي، پر فلسفي جو سڏ سڻڻ وارو ڪوبه نه آهي، مان آهيان، اڪيلو آهيان. مان اڪيلو ٿي ويو آهيان فلسفي جو ساٿي. منهنجا ۽ منهنجي فلسفي جا سڏ سڻڻ وارو ڪوبه نه آهي. جي آهي ته پوءِ اچي ني… پڙاڏو سوئي سڏ!!