ماتلي ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن ۽ اختيارين اسٽيشن روڊ ۽ ٻين روڊن تي بااثر ماڻھن جي گاڏن کي ڪڏھن ھٿ به نه لاٿو آھي، اھي روڊن جي مرڪزن تي بيٺا آھن، جنھن سان ٽريفڪ جي رواني ۾ خلل پوي ٿو ۽ ماڻھن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليف ٿئي ٿي. غريب جا گاڏا ڪڏھن اوندھا ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏھن ميونسپل ملازم انھن کي زبردستي ڪاھي ميونسپل ۾ مال سوڌو بيھاريو ڇڏين ٿا. گذريل ڏينھن حاجي نالي ھڪ غريب جو گاڏو ان کان زبردستي کسي ملازمن مال سوڌو ڪاھي ڪيڏانھن غائب ڪري ڇڏيو، جڏھن ساڳئي وقت ٻيا ڪيترائي گاڏا روڊ جي وچ تي بيٺل هئا، جيڪا سراسر ناانصافي ٿي رھي آھي، ميونسپل طرفان گاڏن بيھڻ جي لاءِ ڪابه جاءِ مخصوص ڪيل ناهي نه ئي گاڏن وارن کي اخلاقي طور تي ھٽرائي سائيڊ ڪرائڻ جو ڪو طريقو اختيار ڪيو ويندو آھي. غريبن جا گاڏا ڪڏھن اونڌا ڪرڻ ته ڪڏھن ڪاھي وڃڻ وارو عمل سراسر ناانصافي تي ٻڌل نظر اچي ٿو. اسٽيشن روڊ جي پوري وچ تي ماڻھو گنجائش کان وڌيڪ تعداد ۾ گاڏا بيھاريو بيٺل آھن، انھن کي ھٽائڻ لاءِ ڪنھن ڪڏھن به ڪوشش نه ورتي آھي، جڏھن ته ڪجھ غريبن جا گاڏا ھزارن جي مال سوڌو ميونسپل وارا زبردستي ڪاھي وڃڻ لڳا آھن. 40 فوٽ ويڪري اسٽيشن روڊ جي اولھ طرف وارن دڪاندارن کي ميونسپل اختيارين روڊ جا 10 فوٽ ھر دڪاندار کي ليز تي ڏئي دڪانن تي نمبرنگ ڪري ڇڏي آھي. 10 فوٽن تائين اولھ طرف اسٽيشن روڊ تي دڪاندارن جي حددخلين باوجود انھن دڪاندارن دڪانن جي اڳيان وري گاڏا بيھاري ڇڏيا آھن. بجليءَ جي ٿنڀن ۽ ٽرانسفارمرن ھيٺان ۽ وچ روڊ تي به گاڏا نظر اچن ٿا. ميونسپل ڪميٽي انھن جي بيھڻ جا ڪي به انتظام نه ڪيا آھن، جيڪا ميونسپل جي بنيادي ذميدارين مان ھڪ اھم ذميداري آھي ته جيئن محفوظ طريقي سان غريب روزگار ڪري سگھن. ان لاءِ ڪافي تجويزون به سامھون آيل آھن، پر انھن تجويزن تي ٽڪي جو به عمل نٿو ڪيو وڃي. ڦليلي جا وچ شھر وارا ڪنارا خالي پيل آھن، جتي ميونسپل مناسب سھولتون ڏئي گاڏي وارن کي اسٽيشن روڊ تان ھٽائي سگھي ٿي، مگر ان تجويز تي ڪوبه عمل نٿو ٿئي، جيئن ئي اھڙيون تجويزون سامھون رکيون ويون آھن تيئن ماڻھن گھرن اڳيان ڦليلي جي ڪنارن تي ڪچا قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. ڪي وري چون ٿا ته ڦليلي جي ڪنارن تي پارڪ ٺاھينداسين، سچ اھو آھي ته شھر ۾ وڌندڙ بيروزگاري سبب ريڙھن جو تعداد اڃان به وڌندو ۽ اڳتي ھلي ميونسپل ڪميٽي جي اختيارين لاءِ ھڪ وڏي مصيبت ثابت ٿيڻ سان گڏ خواري جو به سبب بڻبو. ان لاءِ ضروري آهي ته ميونسپل ڪميٽي مستقبل جي لاءِ ڪو واضح پلان ٺاهي شهر جي خوبصورتيءَ جي تحفظ جو به بندوبست ڪري ته ماڻهن کي روزگار ۾ گاڏو لڳائڻ لاءِ درست جاءِ به فراهم ٿي سگهي.