ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۾ رستن تي ڪچرو ساڙڻ وارن جي خلاف ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو فيصلو ڪيترو درست هوندو؟

سنڌ جي گاديءَ جو شهر ڪراچي جنهن کي عوام جي لاءِ معاشي موقعن ۽ روزگار جو حب سمجهيو وڃي ٿو، جتي امير ۽ غريب پنهنجي آمدني مطابق زندگي مزي سان گذاري سگهي ٿو. هتي تفريح جي لاءِ سٺا موقعا موجود آهن، پر ساڳي جاءِ تي عوام کي هن ميٽروپوليٽن سٽي جي حساب سان جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن اهي نه ملي سگهيون آهن، جنهن جا ڪيترائي سياسي سبب آهن. هجڻ ته ائين گهرجي ته هن شهر کي لنڊن يا نيويارڪ وانگر جديد سهولتن سان آراسته هجڻ گهرجي، جنهن سان زندگي عالمي معيار مطابق تيز ۽ آسان بڻجي وڃي، پر ان جي ابتڙ هن شهر ۾ اسان کي ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ اهڙيون گاڏيون نظر اچن ٿيون جن کي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رستن تي نه هجڻ گهرجي. هن شهر کي هڪ مڪمل اوور هالنگ جي ضرورت آهي.

جنهن جو مطلب اهو آهي ته هن شهر جي پراڻي ۽ ناڪاره نظام کي پاڙان پٽي هڪ نئون جديد ۽ مضبوط نظام متعارف ڪرايو وڃي. ڪراچيءَ جو انفرااسٽرڪچر 1960-70 واري ڏهاڪي جي آباديءَ لاءِ ٺهيل هو. ان کانپوءِ ان کي اپرگريڊ نه ڪيو ويو آهي. هي شهر ڪنهن هڪ اداري جي هٿ ۾ هجڻ بجاءِ مختلف ادارن جي هٿ ور چڙهيل آهي، جنهن ۾ ڪي ايم سي، ڪينٽونمينٽ، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، جنهن جي ڪري هي شهر انتظامي مونجهارن جو شڪار بڻجي چڪو آهي ۽ عوام کي ميٽروپوليٽن شهر جون سهولتون نه ملي سگهيون آهن. سنڌ حڪومت تازو ئي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي اجلاس ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪو به شخص يا ادارو کليل جاءِ تي يا ڪچري جي ڪنڊين ۾ ڪچرو ساڙيندي پڪڙيو ويندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي ايف آءِ آر درج ڪئي ويندي. هن فيصلي جو سبب اهو آهي ته ڪچرو ساڙڻ سان فضا ۾ زهريلو دونهون پکڙجي ٿو جنهن سان ماحول ۾ گدلاڻ پکڙجي ٿي. اهو حڪومت جو هڪ بهتر عمل ٿي سگهي ٿو، پر اصل ۾ حڪومت اڃان تائين صرف هڪ علامت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر بيماريءَ جي جڙ کي پڪڙڻ کان ڪيٻائي رهي آهي.

ڪراچيءَ جي عوام کان ڪچري کڻڻ جي مد ۾ مختلف ٽيڪس ورتا وڃن ٿا. هن وقت ڪچرو کڻڻ جي لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينت بورڊ ۽ ان سان لاڳاپيل خانگي ڪمپنيون ان ڳالهه جون پابند آهن ته ڪچرو گهرن مان کڻي ڪليڪشن پوائنٽن تائين پهچائين، پر اهو سڄو ڪم سواءِ ڪجهه علائقن جي غير تسلي بخش طور تي ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ جي هر ضلعي جو عوام سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن نه آهي. ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجو تيل بچائڻ لاءِ ڪچرو لينڊ فل سائيٽ تي کڻي وڃڻ بدران خالي پلاٽن ۾ اڇلائي ساڙين ٿيون، جنهن ڪري انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن اندر ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي وڃن ٿيون ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري شهر مسلسل سموگ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. حڪومت کي گدلاڻ جو احساس ٿيو آهي اها هڪ خوش آئند ڳالهه آهي، پر ايف آءِ آر جهڙن قدمن سان اهو مسئلو هل ٿيڻ وارو ناهي، ان لاءِ ڪو سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. عام طور تي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ڪچري کي باهه ڏيڻ سان گندگي ختم ٿي ويندي، پر عوام ۽ ڪچرو کڻڻ وارين ڪمپنين جي ورڪرن کي تربيت ۽ آگاهيءَ جي ضرورت آهي ته دونهون ڪينسر ۽ ساهه جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.

حڪومت ايف اءِ آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ته ڪيو آهي جيڪو سخت انتظامي قدم پڻ آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ايف آءِ آر درج ٿيڻ سان انهن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، ماڻهن کي جيل يا ڏنڊ جو خطرو هوندو ۽ جيڪي عملي جا ماڻهو ڪچري کي باهيون لڳائين ٿا انهن کي سزا طور انهن ادارن مان ڪڍيو ويندو؟ پر ٻئي پاسي ڪو غريب ماڻهو ان الزام هيٺ اچي سگهي ٿو ۽ ذميدار پنهنجو پاڻ کي آجو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ايف آءِ آر کي پوليس پاران رشوت وٺڻ جو وسيلو بڻايو ويو ته معاملو اڃان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو. بهتر اهو آهي ته حڪومت کي ايف آءِ آر سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ڪچرو کڻڻ واري هر گاڏيءَ جي GPS ذريعي سخت نگراني ڪرڻ گهرجي، گهر گهر وڃي ڪچرو کڻڻ واري نظام کي يقيني بنائڻ لاءِ آگاهي ڏني وڃي، ڪچرا ڪنڊين جي ڀرسان سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ گهرجن ۽ گڏوگڏ عوام جي اندر شعور پيدا ڪيو وڃي ته اهي ڪچري کي ڪيئن جمع ڪري ٻاهر اڇلائين، ڪٿي اڇلائين جتان اهي ڪچرو کڻڻ واريون گاڏيون ڪچرو جمع ڪري کڻي سگهن. حقيقت ۾ ڪچري جو مسئلو سڀني ادارن وانگر اندروني ڪرپشن جي سبب ختم ٿيندي نظر نٿو اچي. نيويارڪ شهر جو ڪچري وارو نظام دنيا جي سڀ کان وڏو ۽ پيچيده سرڪاري نظام آهي. اتي (DSNY) نيويارڪ سٽي ڊپارٽمينٽ آف سينيٽيشن هڪ واحد ادارو آهي جيڪو سڄي شهر جي صفائي جو ذميوار هوندو آهي، پر ان جي برعڪس ڪراچي ۾ مختلف ادارا اهو ڪم ڪن ٿا. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي، “گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مڙسين هر نه هلي” سو ڪراچيءَ ۾ به اهو ئي مسئلو آهي ته عوام کي خبر ئي ڪونهي ته سندن علائقي ۾ صفائي جو ذميوار ڪير آهي ڪهڙي اداري کي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي. بهتر اهو ٿيندو ته ڪراچي ۾ ايف آءِ آر جي ذريعي ڪچرو ساڙڻ وارن کي پڪڙي هڪ ننڍي گناهه جي بدلي ايڏي وڏي سزا ڏيڻ جي بجاءِ نظام کي سينٽرلائيز ڪري نيويارڪ جي طريقي سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جتي ميئر سڌو سنئون جوابده هجڻ گهرجي. ڪراچيءَ جي شهرين کان پراپرٽي ٽيڪس وٺي ان جي بدلي کين سئو سيڪڙو نتيجا ڏنا وڃن، اهو سڀ کان وڌيڪ سٺو فيصلو ٿي سگهي ٿو.