ميڪسم گورڪي چيو ھو ته، ھڪ انسان کي ٻئي انسان جي تذليل ۽ تڪليف ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي. ائين ئي ھر ملڪ کي پنھنجي ڪيل ڪرتوتن ۽ ڪڌن ڪمن کي به ڪڏهن وسارڻ نه گهرجي. تاريخ ۾ ھر اھو درد، ڏک، موت ۽ ڪيل ظلم درج ٿيل آهي، جيڪو هڪ ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ تي ڪيو آهي. اڄ جو جھموريت جي علمبردار آمريڪا بھادر تازو ئي وينزويلا تي انسان کي ھن دور ۾ لڄائڻ جو ڪارنامو ڪيو آھي، پر ان کان اڳ ڪڏهن عراق، افغانستان، لبيا، شام ۽ يمن شامل آھن. اھي ته ٿيا تازا واقعا، پر ٿورو پوئتي ڏسبو ته مغربي ملڪن ترقي ئي انسانن جو خون وهائي ڪئي آهي، هو انسانن کي غلام بڻائي رت وھائيندا رھيا ۽ مٿان انسان جا ڀرجهلا به سڏائيندا رھيا. ڊاڪٽر سڪندر مغل پنھنجي ڪتاب انسان جي سماجي ارتقا ۾ لکي ٿو، ڪولمبس 3 آڪٽوبر تي سفر شروع ڪيو، 11 آڪٽوبر 1492ع جي رات جي پوئين پھر ڪولمبس کي ھڪ پاسي کان روشني نظر آئي. 12 آڪٽوبر جي صبح جو ڪولمبس ۽ سندس عملي جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. ڇو ته سندن سامھون واقعي به زمين ھئي، ھو اڄوڪي اتر آمريڪي کنڊ جي بھاما جي ٻيٽن مان ڪنھن ھڪ جي آڏو بيٺا ھئا.
ان ٻيٽ جي ماڻھن جيڪي اراواڪ قبيلي سان تعلق رکندڙ ھئا ڪولمبس ۽ سندس ٽيم جو مختلف تحفن سان آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪولمبس پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو، ھنن وٽ ھٿيار نه آھن ۽ نه ئي کين انھن جي خبر آھي، انھن وٽ لوھ ناھي سندن تير ڪاٺ جا ٺھيل آھن، اھي سٺا نوڪر ٿي سگھن ٿا. 50 ماڻهن سان اسان انھن سڀني کي پنهنجو غلام بڻائي سگھون ٿا ۽ کانئن جيڪو ڪم وڻي اھو وٺي سگھون ٿا. اڳتي هلي سندن ڳاڙھي رنگت جي بنياد تي کين ريڊ انڊين سڏيو ويو. ڪولمبس جيڪو اصل ۾ ھندستان جي ڳولھا لاءِ نڪتو ھو، تنھن ھن سر زمين کي ھندستان ۽ اتي نظر ايندڙ ماڻهن کي انڊين سمجھيو ۽ سڏيو. ھيءَ سر زمين جيئن ته يورپ واسين سميت سموري دنيا لاءِ بلڪل ھڪ نئين ۽ اوپري ھئي، ان کان اڳ ھن سر زمين جو دنيا جي ٻين علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن سان ڪو واسطو نه ھو. ان ڪري ھن سر زمين جي ڳولها کانپوءِ يورپ واسي کيس نئين دنيا سڏڻ لڳا. ھاڻي ان خطي کي طبعي بيهڪ جي لحاظ کان ٻن کنڊن اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ورھايو ويو آهي. يورپ واسين کي وسيلن سان مالا مال ھڪ نئين دنيا ھٿ چڙھي وئي. اھڙيءَ طرح سمورو آمريڪا يورپي بيٺڪ ۾ تبديل ٿي ويو. ڪولمبس جي ڊائريءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي شخص سون جي ڳولھا ۾ ديوانن جيان ڀٽڪندو رھيو. سون ڳولهيندي ھو ان جاءِ تي پھتو جنھن کي اڄ ڪيوبا سڏيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ھسپانيولا پھتو.
ھن اسپين جي بادشاهه کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ تمام گھڻو وڌاءُ ڪيو، رپورٽ جي آخر ۾ ھن بادشاهه کي گذارش ڪئي ته سندس ٿوري مالي امداد وڌيڪ ڪئي وڃي، جنھن جي بدلي ۾ ھو پنھنجي ايندڙ سفر ۾ سندن لاءِ ايڏو سون آڻيندو جيترو ھو چاھيندا ۽ ايترا غلام آڻيندو جيترا ھو چوندا. اھڙيءَ طرح ڪولمبس کي ٻي مھم لاءِ ستر سامونڊي جھاز ۽ ٻارھن سئو کان وڌيڪ عملو ڏنو ويو. مقصد واضح ھو سون ۽ غلام گھربل ھئا. ڪولمبس مقامي ماڻهن کي زوريءَ پڪڙي کين ٻڌي سون جي کاڻين ڏانهن ويندڙ رستن جا پار وٺڻ شروع ڪيا. 1495ع ۾ ڪولمبس 1500 ايراواڪ مردن، عورتن ۽ ٻارن کي گھيري ۾ آڻي بند ڪيو. انھن مان 500 صحتمند ماڻهن جي چونڊ ڪري ھن جھاز ڀري اسپين موڪليا جن مان 200 ته رستي ۾ ئي مري ويا، باقي جيڪي بچيا انھن کي منڊين ۾ وڪڻي ڇڏيو. غلامن جي ڪاروبار شروع ڪرڻ کانپوءِ به ڪولمبس کي چين نه آيو. ھن وري سون جي تلاش شروع ڪئي. ھن علائقي ۾ پڙھو ڏياريو ته 14 سالن کان مٿي ھر ماڻھو ھر ٽن مھينن کانپوءِ سون جو هڪ خاص مقدار ڪٿان به ڳولھي کڻي اچي حاضر ٿئي، جيڪو ماڻهو سون کڻي ايندو تنھن کي ڳچيءَ ۾ لڙڪائڻ لاءِ ٽامي جو ھڪ ٽوڪن ڏنو ويندو ھو. جيڪي انڊين ان ٽوڪن کانسواءِ ڪولمبس جي سپاھين کي ور چڙهي ويندا ھئا ته انھن جا ھٿ ڪپيا ويندا ھئا، جن مان ڪي ته مري به ويندا ھئا، ڪي ماڻهو جبلن تي چڙھي ڀڄي ويندا ھئا ته ڪولمبس جا سپاھي انھن پٺيان شڪاري ڪتا بڇي ڇڏيندا ھئا، جيڪي کين چيري ڦاڙي ڇڏيندا ھئا. ان ظلم کان بچڻ لاءِ ڪيترن انڊين خودڪشيون ڪرڻ شروع ڪيون. ٻن سالن جي اندر ھيٽي ۾ آباد اڍائي لک انڊينز جو وڃي اڌ مس بچيو. 1515ع تائين انھن جو تعداد گھٽجي وڃي پنجاھ ھزار مس بچيو.
1550ع تائين سندن انگ اڃان وڌيڪ گھٽجي رڳو 500 ڄڻن تائين پھتو. 1650ع جي رپورٽ مطابق اصل ايراواڪ ۽ سندن نسل ئي ختم ٿي ويو. سون جي لالچ ۾ ڪولمبس جيڪو قھر ۽ قيامت اصلوڪن ڌرتي ڌڻين مٿان ڪڙڪايو تنھن جو اکين ڏٺو شاهد لاس ڪيساس نالي ھڪ نوجوان پادري ھو جنھن بعد ۾ ھڪ مڪمل ڪتاب لکيو. لاس ڪيساس لکي ٿو ته اصلوڪن رهواسين تي اسپيني اھڙن خونخوار بگھڙن ۽ چيتن جيان ڪڙڪي رھيا ھئا ڄڻ ته ھنن ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪو گوشت نه کاڌو ھجي. ڪولمبس جو بادشاهه سان اھو معاهدو ھو. (1) نون قبضي ڪيل علائقن جي آمدني جو ڏھون حصو ھن کي ملندو. (2) کيس ايڊمرل اميرالبحر جو لقب به ڏيندو. (3) ڳوليل علائقن جو گورنر کيس مقرر ڪندو. اڄ جيڪي آمريڪا جا ھيرا آھن ڪالهھ اھي غاضب ھئا، انھن جا ھٿ انساني خون سان رنڱيل آھن. تاريخ ڀري پئي آهي جيئن ڪوبه انسان جيڪو ڀلي کڻي ڪيڏو به فاتح ھجي، پر فطرت مٿان حڪمراني نٿو ڪري سگهي. تئين ئي ڪوبه تاريخ کان مٿان ناھي تاريخ سڀني سان حساب ڪتاب توري تڪي ڪندي آهي. ھو ڀلي ڪيڏا به انسانيت ۽ جھموريت جا ڪوڙا ھوڪا ڏين، پر اڄ تائين تاريخ ھنن کي غاصب سڏيو آھي.