بلاگ

چارلس ڊارون جو ارتقائي نظريو

اعجاز منگي

چارلس ڊارون 1809ع ۾ برطانيه ۾ ڄائو هو ۽ 1882ع ۾ وفات ڪيائين. چارلس پنجن سالن تائين مسلسل بحري سفر ڪيو ۽ مختلف ٻيٽن تي وڃي اتي موجود زندگيءَ جي باري ۾ شهادتون گڏ ڪندو رهيو. پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جي بنيادن تي هن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن معاشري خاص طور تي مذهبي حلقن ۾ ڀونچال برپا ڪري ڇڏيو. ان ڪتاب جو نالو آهي(On the Origin of Species)  ڊارون اها ڳالهه ڪئي ته انسان ارتقائي عمل جي پيداوار آهي ۽ موجوده صورت ۾ اچڻ لاءِ کيس ڪروڙين سال لڳا آهن. اها ڳالهه مذهبي حلقن کي قبول نه هئي ڇو ته بائيبل جي مطابق انسان موجوده صورت ۾ ئي پيدا ٿيو هو، جنهن لاءِ دنيا ۾ اڳ ۾ ئي سڀ لوازمات موجود هئا.

ڊارون جي ارتقائي نظرئي جا ڪجهه اهم نقطا هيٺ ڏجن ٿا، ان کانپوءِ انهن جي آسان وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هزارين سالن تائين فلسفين اهو پئي سوچيو ته زندگي ڪنهن مافوق الفطرت قوت طرفان پيدا ڪئي وئي آهي پر ڊارون چيو ته اڄ جيڪي به دنيا ۾ هزارين قسمن جا جاندار آهن انهن جو ابو ڏاڏو هڪ ئي هو ۽ اهي اربين سالن جي ارتقائي عمل مان گذري موجوده شڪل ۾ آيا  آهن.

* ڊارون ان عمل کي “قدرتي چونڊ” ياNatural Selection  چوي ٿو. اهي جاندار جن آسپاس جي ماحول مطابق پنهنجو پاڻ کي موافق بڻايو انهن پنهنجي نسل کي اڳتي وڌايو ۽ پنهنجين امتيازي خاصيتن کي پنهنجي نسل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ان عمل کي قدرتي چونڊ چئجي ٿو.

* وقت گذرڻ سان گڏ اهي جاندار مختلف جنسن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ اهي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بنهه مختلف هئا. مثلن ريڙهيون پائيندڙ جانور پکين ۾ تبديل ٿي ويا بن مانس انسان ٿي پيا.

* موروثي خاصيتون جاندارن جي اَڍ(Gene)  ۾ موجود هجن ٿيون ٿوري وضاحت ڪجي ٿي ته ڊارون ڇا پيو سوچي. ارتقا هڪ نظريو آهي جنهن جي لاءِ تمام گهڻا ثبوت موجود آهن. ارتقا جو عمل اهو ٻڌائي ٿو ته ٻوٽا ۽ جانور پنهنجي آسپاس جي ماحول ۾ واڌ ويجهه ڪرڻ لاءِ بهتر ڇو ٿا ٿين. يعني ڪجهه جاندار ڪنهن خاص ماحول ۾ زنده رهن ٿا ۽ ٻيا انهن سان گڏ رهندي انهيءَ ماحول ۾ مري کپي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ايئن به ٿئي ٿو ته هڪ نسل مان ٻيو نئون نسل پيدا ٿئي ٿو.

1859ع ۾ ڊارون اهو نظريو پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته ارتقائي عمل قدرتي چونڊ جي ڪري اڳيان وڌي ٿو. قدرتي چونڊ جو مطلب اهو آهي ته جاندارن ۾ ڪجهه فرد ان ماحول ۾ زنده رهڻ جي وڌيڪ صلاحيت رکن ٿا ۽ پنهنجي نسل کي وڌائين ٿا. سهو جنهن کي ڪاري پشم آهي اهو هر هنڌ رهي سگهي ٿو، پر اڇي پشم وارو سهو برفاني علائقن ۾ آسانيءَ سان جيئرو رهي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته کيس شڪار ڪندڙ جانور سولائي سان ڏسي نه سگهندا ۽ هو پنهنجو نسل ڪاري پشم واري سهي کان بهتر طريقي سان وڌائي سگهي ٿو. ان عمل کي انگريزيءَ ۾Survival of Fittest  چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي جاندار جيڪي ان ماحول ۾ آسانيءَ سان رهي سگهن ٿا ۽ اهي گهرن ۾ به آسانيءَ سان جيئرا رهي سگهن ٿا. جيئن اڇي پشم وارو سهو ٿڌن ملڪن ۾ جيئرو رهي سگهي ٿو.

ارتقائي عمل اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته ساڳئي نسل جا جاندار ٻئي نسل ۾ ڪيئن ٿا تبديل ٿين. سهن جو مثال سامهون آهي. اڇي پشم وارا برف باري وارن علائقن ۾ رهي سگهن ٿا ۽ ڪاري پشم وارا اتي جتي برف بنهه گهٽ پوي ٿي يا پوي ئي نٿي. وقت گذرڻ سان اڇي ۽ ڪاري پشم وارا سها ٻه مختلف نسل ٿي پوندا. ارتقائي نظريو چوي ٿو ته جاندار هڪٻئي سان تعلق رکن ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن لکين سال پوئتي هليا وڃون ته اسان سڀني جو ابو ڏاڏو هڪ ئي آهي.

ڪجهه جاندار هڪٻئي جي ڪافي ويجهو ٿين ٿا جيئن هنج ۽ قاز، اهي ٻئي پکي ڏسڻ ۾ تقريبن هڪ جهڙا ٿين ٿا ۽ سندن عادتون به گهڻي حد تائين ملن جُلن ٿيون پر ان جي ڀيٽ ۾ جهرڪي ۽ هنج بنهه مختلف آهن پر ٻنهي کي چهنب ۽ پر آهن ٻئي اڏامن ٿا پر نسل مختلف اٿن.

انسان جهرڪي ۽ هنج کان بنهه مختلف آهن پر اسان ۽ پکين جي وچ ۾ پڻ هڪجهڙائي آهي. اسان ٻنهي کي ٻه اکيون، ٻن ڄنگهون، ٻه ٻانهون (انهن کي پر)، هڪ مٿو، هڪ دل، هڪ نڪ ۽ ٻه ڪن آهن.

اسان ۽ پکين ۾ گهڻيون شيون ساڳيون آهن جيتوڻيڪ اسان مختلف آهيون پر اسان پوءِ به ڳنڍيل آهيون. ارتقا هڪ اهم جز آهي پيلنٽولجيPaleontology  هزارين سال اڳ مري ويل جانورن بابت هڪ علم آهي. ڪيترائي اهڙن پکين جا پنڊ پڻ لڌا ويا آهن جن کي ڏند آهن اهو ان جي ڪري جو اهي ڊائنوسارن مان ارتقا ڪري ان شڪل تائين پهتا هئا.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان موجوده جانورن ۾ پکين کانسواءِ هزارين سال اڳ مري ويل جاندارن سان تاريخ شيئر ڪريون ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان سڀ فطرت جو حصو آهيون نه ان کان وڌيڪ بهتر آهيون ۽ نه بدتر آهيون.

دنيا جي جوڙجڪ سمجهڻ لاءِ ارتقا کي سمجهڻ ضروري آهي. ارتقا دنيا جي جوڙجڪ جي جديد وضاحت ڏئي ٿي. مغرب ۾ انسانيت ۽ فطرت کي سمجهڻ لاءِ گهڻي وقت کان ڪوششون ورتيون پئي ويون. چرچ جو اهو خيال هو ته دنيا ۾ انسان ڪنهن به ارتقائي عمل مان ناهن گذريا ۽ هرهڪ مخلوق جي تخليق الڳ الڳ ٿي آهي.

آئرلينڊ جي وڏي پادري(Archbishop)  سترهين صدي عيسوي ۾ بائيبل جا مختلف دور ڳڻي انهن کي موجود تاريخ ۾ شامل ڪري ڪائنات جي تخليق جي تاريخ 23 آڪٽوبر 4004 ق. م ٻڌائي آهي، ان آرچ بشپ جو نالو جيمز اُشر هو. هو آڪسفورڊ يونيورسٽي جيڪا ان وقت بائيبل پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڳڙهه هئي ان ۾ هڪ مذهبي پروفيسر هو، پنهنجي ڳالهه کي حرف آخر طور بيان ڪندي چيائين ته ڪائنات 23 آڪٽوبر 4004 ق. م ۾ صبح جو 9:00 وڳي پيدا ڪئي وئي. ان دور ۾ اهو ماڻهن جو پختو ويساهه هو ته دنيا صرف 6000 سال پراڻي آهي ۽ انسان جيئن آهي تيئن ئي پيدا ڪيو ويو هو ۽ ڪنهن به تخليقي عمل مان ناهي گذريو. ان جي خلاف سوچڻ ۽ ڳالهه ڪرڻ وڏو گناهه هو.

جيئن ته انسان هميشه کوجنا ڪندو رهي ٿو ان دور ۾ به ڪرولس لينئس(Carolos Linnaeus)  (1778-1707) جيڪو ٻوٽن تي تحقيق ڪندو هو ان 180 ڪتاب لکيا. هو ٻوٽن جي مختلف قسمن تي ڪم ڪندو هو پر ان ڳالهه چوڻ کان خوف کائيندو هو ته دنيا ۽ زندگي ڪنهن ارتقائي عمل مان گذريا آهن. خوف اهو هئس ته چرچ جو رد عمل ڇا هوندو.

ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ سائنسدانن اهو چوڻ شروع ڪيو ته زندگي هڪ شڪل ۾ نٿي رهي. فرانس جي رياضيدان بفون (Buffon) (1788-1707) چيو ته جاندار وقت سان گڏوگڏ تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ هي زمين ڇهه هزار سال پراڻي ناهي.

ارڙهين صديءَ ۾ هڪ ٻئي سائنسدان ارسمس

ڊارون(Erasmus Darwin)  (1802-1731)  جيڪو چارلس ڊارون جو ڏاڏو هو. ان چيو ته مون کي يقين آهي ته شيون ارتقائي عمل مان گذرن ٿيون ۽ انسان به ان عمل مان گذريو آهي ۽ گذري رهيو آهي. باقي ان ڳالهه کي چٽيءَ طرح بيان ڪري نه سگهيو ته فطرت ڪهڙا عمل ۽ ڪارڻ رکيا آهن جيڪي ارتقا جو سبب بڻجن ٿا.

ارسمس ڊارون پنهنجن خيالن جو اظهار شاعري ۽ غير معروف ڪتاب زونوميا (Zoonomia) يا “جاندار زندگيءَ جا اصول”.Laws of Organic Life ۾ ڪيو سندس خيال هو ته انسان ۽ ڌرتي ڪئي جُڳن کان پوءِ ترقي ڪندي موجوده صورت ۾ پهتا آهن.

پهريون ڀيرو جنهن سائنسدان وڏي اعتماد سان عوام ۾ ان ڳالهه کي پکيڙيو هو اهو لمارڪLamarck  (1829-1744)  هو سندس نظريا ٺيڪ نه هئا هن جيڪي سائنسي بنياد ڏنا اهي مضبوط نه هئا.

جنهن سائنسدان ارتقائي عمل جي ٿيوري کي مضبوط بنياد ڏنا اهو چارلس ڊارون هو. اهو چيو ويندو آهي ته عظيم انسان ايندڙ دور جي سوچن جي ڌارا تبديل ڪندا آهن لوٿر ۽ ڪيلرن سماج جي نئين جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو. روسو ۽ والٽيئر روشن خياليءَ، ۽ موجوده جديد سوچ ۽ دنيا کي هڪ نئين انداز سان ڏسڻ جو ڪارنامو ڊارون سرانجام ڏنو.