ڪهاڻيون

پين ڪِلر

آصف رزاق مهر

ڪير به ڀر منجھان گذرندو آهي ته ان کان جھٽ ۾ مدد گھري وٺندو آهيان. ڄڻ منهنجي ڀرسان ماڻهو نه، ڪا غيبي طاقت گذرندي هُجي. ڪنهن کي چوندس “ادا، وهيل چيئر کي ڌڪو ڏئي اڳتي ڪريو.” ته ڪنهن کي چوندس “وهيل چيئر کي ڌڪي لفٽ ۾ اندر ته ڪريو.” ڪنهن کي وري دڪان تي ويندي چوندس “ادا، چانهه جي پتي ته وٺي ڏي.” “پاپا ته وٺي ڏي.”… ڪوشش ڪندو آهيان ته لفظن ۾ مِٺاڻ آڻيان. جملي جي ادائگيءَ ۾ عرض وارو لهجو هُجي. ائين نه جو ڪو سمجھي ته معذور هجڻ جو ناجائز فائدو يا ونگار پيو وٺان.

منهنجي وهيل چيئر جا ٽائر ۽ مان ٻئي هڪ حوالي سان هڪجهڙا آهيون. مون کي خوشي ٿيندي آهي ته منهنجو وجود به هڪ ڦيٿي جيان آهي. هلان ڦران پيو. کانئس ڪم وٺان پيو. ٻئي طرف وري ماڻهو به مون کان هڪڙو ڪم وٺن پيا. ڪم اهو جو انهن جي هڪ سوال جو جواب ڏيان. جيڪو هنن جي ڏک ۾ اضافو ڪري ۽ روئاڙي وجھي. سوال اهو ته “تون معذور ڪيئن ٿئين؟” پوءِ مان به جواب ڏيڻ ۾ دير نه ڪندو آهيان. ان وچ ۾ ڪجھ سگريٽ به پي وٺندو آهيان. چانهه ته مزي کي اڃان مچائي ڇڏيندي آهي.

ڀلا جيڪڏهن اهي مون کان اهو سوال نه پڇن ته مان ڪاڏي ويندس…ڇا ڪندس؟ ڪي ڏينهن ته اهڙا به گذرندا آهن، جن ۾ منهنجي مٿان خاموشيءَ جو ڪو عذابِ الاهي ڪڙڪيل هوندو آهي. ان حالت کان بچڻ لاءِ مان ڪڏهن ڪڏهن ٻارن کي پاڻ وٽ سڏي وٺندو آهيان. جن سان روح رهاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. پر هي به شيطانڙا آهن. مونسان ڳالهائيندا گھٽ آهن ۽ وهيل چيئر سان کيڏندا گھڻو آهن. هڪڙو ٻار پويان ڌڪيندو آهي ته ٻيو وري اڳيان جھلي پوئتي ڌڪيندو آهي. مون کي ڪنهن وقت اهڙي مذاق تي چڙ به ايندي آهي. جو وقتي طور انهن لاءِ ڄڻ ڪو رانديڪو بڻجي ويندو آهيان. منڊڙو رانديڪو…ڀڳل رانديڪو…!

ڪي ماڻهو سامهون ايندي مون کي ڏسي رستو به مٽائي ويندا آهن. ڄڻ ته مان ڪا يوناني ڏند ڪٿائي بلا اسفنڪس Sphinx هُجان. جنهن لاءِ چوندا آهن ته يونان جي شهر ايٿنس جي ڪنهن چئوواٽي تي ويٺل هوندي هئي. اتان گذرندڙن کان سوال ڪندي هئي. جنهن سوال جو جواب نه ڏنو، ان تي حملو ڪري وجھندي هئي. پر سندس هڪڙو واعدو به ڪيل هوندو هو ته جيڪڏهن ڪو واٽهڙو ان جي ڪيل سوال جو جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اها بلا ان ڏينهن پاڻ کي ماري وجھندي… سوال اهو هو ته “زندگي ڇا آهي؟” بجاءِ ان جي ته مان اسفنڪس وانگر سوال ڪريان، ماڻهو الٽو مون کان سوال ڪندا آهن. سوال اهو ئي ته “تون معذور ڪيئن ٿئين؟” لڳي ٿو مان جنهن ڏينهن صحيح جواب ڏيئي ويس ته پوءِ سوال ڪندڙ ڀلي پاڻ کي اسفنڪس بلا جيان نه ماري پر اندر ئي اندر مري ويندو ۽ سوال ڪرڻ ڇڏي ڏيندو.

اڄ آچر جو ڏهاڙو آهي. موڪل هجڻ ڪري ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو به گھرن ۾ سُتا پيا آهن. ڳاڙهي گاڏيءَ وارو همراهه هيٺ لٿو پيو اچي. نالو الائي ڇا اٿس؟ گاڏيءَ جو رنگ ڳاڙهو اٿس، ان ڪري ڳاڙهي گاڏيءَ وارو چوندو آهيانس. ٿورو تڪڙو ٿو ڏسجي، بيهاري ڏسانس.

“ادا، ڪيئن آهيو؟ خوش آهيو؟ ڪاڏي پيا وڃو؟ ڀلا قرب ڪري پاپن جي ٿيلهي ته وٺي ڏيو.” سندس نگاهون منهنجي سُن ٿيل ٽنگن ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. پئسا وٺي ٿو… پاپا وٺي واپس اچي هٿن ۾ ڏئي ٿو. وري ٽنگن ڏانهن گھوري ڏسي ٿو. لڳي ٿو سوال ڪندو… لڳي ٿو… ڄاڻ پڇيائين… ساڳيو ئي سوال “ڀلا، تون معذور ڪيئن ٿئين؟” … نيٺ پڇيائين ….نه مُڙيو.

مان پنهنجي چهري تي سنجيدگي آڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. صبح جو ناشتو به ڪونه ڪيو اٿم. خالي پيٽ تي هنيانوَ ۾ پَٽَ پيو ڀانيان. ڀاڄائيءَ جي سُهاڳ رات اڃان پوري ڪونه ٿي هئي، جو چانهه ٺاهي ڏئيم ها ۽ مان پِيئان ها. چاهيان ٿو ته ڳاڙهي گاڏيءَ واري کان هڪ ڪوپ چانهه جو پيئان ۽ سوال جو جواب به ڏيانس.

پوءِ نظر ڀر واري “ڪوئيٽا هوٽل” ڏانهن ڪندي چوانس ٿو “جيڪڏهن جلدي نه هجي ته هلي هوٽل تي ويهون. چانهه به پيئون ۽ مان معذوريءَ جو سبب به ٻڌايان.”

پهريان لڳو ته هو ڪونه ويهندو. پر هو پنهنجو موڊ مٽائي مونسان ويهڻ لاءِ آماده ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ائين ٿو محسوس ٿئي ته سندس دل ڪا دردناڪ ڪهاڻي ٻڌڻ کان اڳ ۾ اکين جا ڇَپَرَ آلا ڪري اڇلون ڏئي رهي آهي.

هوٽل تي ويهڻ سان ئي مان ڳالهائڻ لڳان ٿو… مان اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ ۾ داخلا ورتي هئي. پڙهائيءَ جو پهريون سال هو. اها يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي بدقسمت شام هئي. جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ هميشه لاءِ اونداهه آڻي ڇڏي. مان هاڻي ڪڏهن به سج ڪونه ڏسندس. سيمسٽر ڏئي فارغ ٿيس. شام جو وقت هو، سوچيم ته گھر وڃان. هفتو سڄو هاسٽل ۾ رهي ڇا ڪريان. اهو سوچي تيار ٿيس. وهنجي سهنجي ڪمري ۾ آيس. پکو تيز هلي رهيو هو. آلن لڱن سان پکي هيٺان بيهڻ سبب مون کي فالج ٿي ويو! تڏهن کان وٺي منهنجون ٻئي ٽنگون سُن آهن. ان کانپوءِ مان صدمي ۾ پڙهي، انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي نه سگھيس. پر سڀ اڃان تائين انجنيئر چوندا آهن. سچ پڇو ته انجنيئر لفظ پنهنجي مٿان بي عزتي محسوس ٿيندو آهي… مان چانهه جو آخري ڍُڪ پي ڀر واري ٽيبل تي رکان ٿو. هو مون کي چتائي چتائي ڏسي ٿو. ڀانيان ٿو، اڃان مون کان گھڻو ڪجھ ٻڌڻ پيو گھُري… منهنجي  هيڏي ساري بيوسي پويان ايتري اڌ منٽ جيتري ڳالهه. هو منهنجي خالي پيل ڪوپ ڏانهن نهاري رهيو آهي لڳي ٿو هن لاءِ اها ڪا ڏکوئيندڙ ڳالهه نه آهي… مزو ڪونه آيس. ڳالهه ۾ درد نه هو. هاڻي هو هيڏي هوڏي نهاري ٿو. اٿڻ جي تياري ڪري ٿو. چهري جي تاثرات مان لڳي ٿو، ڄڻ چوندو هجي “منڊي هرون ڀرون چانهه جا پئسا حرام ڪري ڇڏيا.” ڪياڙي کنهندي پوءِ هو موڪلائي ٿو. مان به وهيل چيئر جي ڦيٿن کي ڦيرائي اپارٽمينٽ ڏانهن واپس وڃڻ لڳان ٿو. رستي ۾ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته جائي به مان معذور ڪيئن ٿيس؟ ياد نٿو اچي. شايد يادداشت ڪمزور آهي. هونئن به ياد رکڻ مان ڇا فائدو؟ زندگيءَ ۾ هر پل پيا حادثا ٿِين. حادثن تي حادثا. ڪيترا ياد رکي ڪيترا رکبا…

لفٽ جي در تي پهچان ٿو. آنٽي بنانا بلانڊ هيئر اسٽائل به اچي رهي آهي. عمر لڳ ڀڳ ستيتاليهه سال اٿس. پر مڃڻ لاءِ تيار ناهي. جوانيءَ سان ڏاڍو پيار اٿس. ان کان جدا ٿيڻ جو تصور به نٿي ڪري. پاڻ کي گڏيءَ جهڙو بڻايون ٿي وتي. توڙي جو چهري تي عمر جا هلڪا هلڪا گھنج ظاهر به ٿي پيا اٿس، جيڪي هوءَ چاهيندي به لڪائي نٿي سگھي. ان ڪري اڄڪلهه هوءَ گھڻو ڌيان وارن تي پئي ڏئي… آنٽي، لفٽ ۾ اندر ته ڪريو. مان چوان ٿو.

هوءَ لفٽ ۾ مون کي اندر ڌڪي ٿي. پوءِ ڇوٿين فلور جو بٽڻ پريس ڪري گڏوگڏ پنجين فلور جو بٽڻ پريس ڪري ٿي. کيس منهنجو پنجون فلور ياد آهي. سڄي اپارٽمينٽ وارن کي ياد هوندو. اوچتو هن جون نظرون منهنجي سُن ٿيل ٽنگن طرف کڄن ٿيون. “تون معذور ڪيئن ٿئين؟” سوال ڪڙڪاٽ ڪندو منهنجي ڪنن تي پيو.

پوليو… چوندي ئي لفٽ بيهجي وڃي ٿي. پوليو لفظ گونجندي ڄڻ لفٽ صدمي ۾ بيهجي وئي. چوٿون فلور اچي وڃي ٿو. ايتري مختصر ملاقات ۾ ايترو مختصر جواب مناسب لڳي ٿو. هوءَ فاسٽ لائيف اسٽائل پسند ڪندڙ آهي. جواب وڻيس. مسڪرائي منهنجي ڏک ۾ شرڪت ڪيائين.

آنٽيءَ جي نڪرڻ کانپوءِ لفٽ وري هلڻ شروع ڪري ٿي. مون کي آنٽيءَ جو مسڪرائڻ سٺو لڳو. ڪجھ ماڻهو ڏکن جو طويل داستان ٻڌڻ چاهيندا آهن ۽ ڪجھ مختصر. آنٽي انهن مان آهي، تڏهن هڪ لفظ ۾ ڳالهه سمجھي وئي. گھڻو مٿو ماري ڪرڻ، ٻين وانگر پلستر لاهي رڙيون ۽ دانهون ڪرائڻ جي عادي نٿي لڳي پر گھڻا ماڻهو ته لفاظي جا هيراڪ ٿي پيا آهن. لفاِظي ڪرڻ به ته ڄڻ پٿراءُ ڪرڻ آهي. دماغ زخمي ٿي پيو آهي. سئو سئو دفعا هڪ هڪ ڄڻي کي ٻڌائي چڪو آهيان.. پوءِ به پڇندا “تون معذور ڪيئن ٿئين؟”

هاڻي خدا ڪري در کولين…مسلسل بيل وڄائي رهيو آهيان. مجال آ جو ادا يا ڀاڄائي در کولين. اها حقيقت آهي ته گھڻن گھرن جا غير ضروري ڀاتي ھميشه مون جيان پيا رڳو بيل وڄائيندا آهن. مان به بيل وڄائڻ جو ماھر ٿي ويو آهيان. منهنجي لاءِ اهو به ٻين سازن جيان هڪ ساز آهي. ڀاڄائي ته مون سان ڳالهائڻ به پسند ڪونه ڪندي آهي. ٻن ٽن ڏينهنِ جي پاروٿي ماني اوون ۾ گرم ڪري کارائي ڇڏيندي آهي. قسمت سان ڪم چوانس ته ڳورهاري هجڻ جو سبب ٻڌائي لنوائي ويندي آهي. هڪ دفعو طنز ۾ چيو هئائين، هاڻي تنهنجي ڪم ڪار لاءِ توکي به ڪا منڊڙي ڳولي پرڻايون… ڏاڍو عجيب مذاق هو!

ڏهه منٽ گذري ويا آهن. اڃان در ڪونه کوليو اٿائون. سامهون ٻوهارو هڻندو ڀنگي مون طرف اچي رهيو آهي. اها ڌوڙ به منهنجي منهن ۾ پوڻي هئي… در کلي وڃي ها ته هن اٰڏامندڙ دز کان بچي وڃجي ها.

“ٿورو آهستي ٻوهارو هلاءِ مٽي منهن ۾ ٿي پوي…”

هي ڇا، ڀنگي ٻوهارو کڻي ڀت سان ٽيڪ لڳائي بيهاري ڇڏي ٿو. لڳي ٿو ڀنگي صاحب کي توائي وٺي وئي آهي… جيڪر نه جھليانس ها… هاڻي وات ۾ گٽڪو ٿو وجھي. لڳي ٿو توائي نه آيس جو بيهي رهيو، پر گٽڪو کائڻ جو موقعو مليس.

اوچتو نظرون مون ڏي کڄنس ٿيون ته هلنديون اچي منهنجي سُن ٿيل ٽنگن تي بيهن ٿيون. محسوس ٿئي ٿو ته اجھو ڪي اجھو پٿراءُ شروع ڪندو ۽ پڇندو، “تون معذور ڪيئن ٿئين؟”  اهو ڦٽ اڊيڙڻ وارو سوال، جنهن جا سڀ هيراڪ آهن. مون کي پٿراءُ ٿو لڳي. سنگسار ڪرڻ ٿو لڳي. هي ڀنگي به انهن وانگر چشڪو وٺي منهنجا زخم چيڪائڻ ٿو چاهي. جنهن کان بچڻ لاءِ مان منهن ڦيرائي وري بيل تي آڱر رکي مسلسل ان کي وڄايان ٿو.

“ڇا ٿيو، دروازو نٿا کولين ڇا؟” ڀنگي چوي ٿو.

تنهنجو ڪم آ؟ پاڻ ئي در کوليندا… پنهنجو ڪم ڪر… مان کيس ٿورو ڇينڀيان ٿو.

“پنهنجو ڪم ته ڪريان پيو. پر تو روڪيو نه.” ڀنگي گٽڪو وات ۾ چوُساٽي ٿڪ ٻاهر اڇلي ٿو.

چڱو چڱو، تون هاڻي آرام سان ٻوهارو ڏئي وڃ. مٽي نه اٿار. پر تون نئون ٿو ڏسجين. ڪُراڙو جو ايندو هو. ڇا نالو اٿس؟ مافو… مان يڪساهي چئي وڃان ٿو.

“ها، اهو منهنجو پيءُ آ. مافو نه، ميفيئر پر سڀ کيس مافو سڏيندا آهن. هفتي کان مان ئي هن جي جڳهه تي اچان ٿو.”

ڇو، پاڻ ڪٿي آ؟…

“تِرڪي پيو آ. ٽنگ جوڙَ وٽان نڪري وئي اٿس.”