بلاگنئون

شڪارپور جي راءِ بھادر اُڌو داس تاراچند ڇاٻڙيا جي ياد ۾

ننڍپڻ ۾ ٻارڙن جي تنظيم ۾ مرڪزي عھديدار رھڻ جي حيثيت سان سڄي سنڌ جي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. انھن ڏينھن دوران لاڙڪاڻي جي اخلاق انصاري ۽ سکر جي اياز گل جي صحبت ۾ شڪارپور جي انهن ٻارڙن سان ملاقات لاءِ وڃڻ ٿيو هو جيڪي 1974 ڌاري ٻارڙن جي تنظيمن ۾ پنھنجو بھترين ڪردار ادا ڪندا هئا، انھيءَ دوري دوران شڪارپور جون ڪاٺ جي مٿان گاري مٽيءَ سان ٺھيل جايون يا عمارتن تي ٿيل ڪاٺ جو ڪم ۽  پٿر جون پڪيون عمارتون ڏسي فقط واھ، واھ جا لفظ ته نڪرندا هئا، پر ڪچي عمر مطالعي جي کوٽ سبب شڪارپور جھڙي سھڻي شھر جي تاريخ ۾ جهاتي پائي نه سگهيس. 2020 کانپوءِ تاج محمد شيخ وٽ ويو هئس ته هن منھنجي اسرار تي ڪنھن همراهه سان مون کي شڪارپور گهمڻ لاءِ روانو ڪيو هو، جنھن همراهه مون کي شڪارپور جي عمارتن جي زيارت ته ڪرائي، پر  هو ڪجھه ٻڌائي نه سگهيو، پر جڏهن خاص طور تي راءِ بھادر اوڌر داس جي ٺھرايل اسپتال گهمڻ دوران پٿرن تي لکيل احوال پڙهڻ کانپوءِ شڪارپور جي تاريخ پڙهڻ جو جيڪو شوق پيدا ٿيو ان بعد معلوم ٿيو ته هن قديم شھر کي تاريخ جي آئيني ۾  منفرد مقام حاصل رهيو آهي. پڙهڻ بعد اها به ڄاڻ ملي ته صديون اڳ هتي هڪ گھاٽو جھنگ هو جتي امير ۽ سيٺيون ايندا ۽ علائقي کي شڪار گاهه طور استعمال ڪندا هئا، ان ئي نسبت سان هن شھر جو نالو شڪار جي جاءِ رکيو ۽ باقاعده امير بهادر خان دائودپوٽي اول 1617 ڌاري هن شھر کي شڪارپور  سڏيو ويو، شڪارپور تي ڪيترن حاڪمن راڄ ڪيو. هن شھر جي عروج ۽ زوال جي ڊگهي تاريخ آهي هن شھر ۾  احمد شاهه ابداليءَ جي پٽ تيمور شاهه افغانستان کان هندو تاجر گھرائي هتي آباد ڪيا، جن بخارا، ترڪستان، روس، ايران، چين، جاپان، تبت ۽ آفريڪا تائين واپار جو سلسلو جاري رکيو. انھن هندو تاجرن شڪارپور ۾ جيڪي خدمتون ڪيون آهن اهي اڄ به ڪر کڻيو انهن جي خدمتن جي شاهدي ڏئي رهيون آهن. اڄ ڪيترين عمارتن کي انهن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: پرائمري اسڪول پريتم ڌرم سڀا،  هوپفل اڪيڊمي، نيو ايرا هاءِ اسڪول،  ايشور ٻائي سيتل داس گرلز هاءِ اسڪول. ان کان علاوه صحت جي شعبي ۾ جيڪي هندو واپارين جون خدمتون هيون انهن ۾ هيرانند گنگا ٻائي زنانه اسپتال، سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال (فيبروري 2014 ۾ ڊاهي پٽ ڪئي وئي)، ڪرسچين زنانه اسپتال ۽ لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسري ( 2008ع تائين هلندي رهي. 24 آڪٽوبر 2008ع تي کيس ڊاهي پٽ ڪيو ويو). شڪارپور ۾ سڀني کان بھترين ۽ فلاحي ارادي سان جيڪڏهن ڪا عمارت  اڄ به موجود آهي ته اها آهي  راءِ بهادر اُڌو داس تارا چند جي جنھن اسپتال جو تعميري ڪم 30 اپريل 1933 ۾ شروع ٿيو هو. هي نيڪ انسان راءِ بھادر 1870 دوران شڪارپور ۾ پيدا ٿيندڙ  هن شخص جي اسپتال جوڙائڻ بابت اها ڳالھه مشهور آهي ته اُڌو داس جي ماءُ شڪارپور ۾ بيمار ٿي فوت ٿي وئي، جنهن هن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ان وقت شھر ۾ صرف هڪ ننڍڙي ڊسپينسري هئي جنهن ڊسپينسري جو ذڪر آئون مٿي ڪري آيو آهيان، ان ڊسپينسري ۾ ايتريون طبي سهولتون نه هيون  تنهنڪري هن شڪارپور ۾ جديد اسپتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ٻين ماڻهن سان اهڙو ڏکوئيندڙ تجربو نه ٿئي. هن اسپتال جو افتتاح 1937ع  ۾ سنڌ جي گورنر سر لينسلوٽ گراهام ڪيو. اُڌو داس پاڻ تقريبن هڪ لک رپيا ڏنا، جيڪا رقم ان وقت جي حساب سان تمام وڏي رقم هئي ۽ ٻين ڪيترن گهڻن شھرين ۽ ذاتين پڻ تعاون ڪيو. ان وقت ۾  غريب ماڻهن کي مفت يا گهٽ خرچ تي علاج ۽ دوائون فراهم ڪيون وينديون هيون. وڏي ڳالھه اها آهي ته اوڌر داس ان خيال سان پنهنجي نالي کي اسپتال جي مکيه دروازي جي مٿان ڪنھن پٿر تي  لکرائڻ بجاءِ مکيه دروازي جي ڏاڪڻ جي فرش تي پنھنجو نالو لکرايو ته جيئن ماڻهو هن جي نالي مٿان پير رکندي کيس ياد ڪندا ته هن جي روح کي سڪون ملندو. اسپتال جي تعمير ٿيڻ کانپوءِ سندس مورت يعني مجسمو اسپتال جي اندر  نصب ڪيو ويو هو، جيڪو 1980ع ڌاري  مذهبي شدت پسندي سبب هٽائي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ رکيو ويو. سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته انتھا پسندن ان جي مجسمي کي ته هٽائي ڇڏيو، پر اُڌو داس جو نالو اسپتال جي ڇت ۽ فرش تي اڄ به موجود آهي. انتھا پسندن کي اهو ياد نه آهي  ته هن اسپتال جو فلاحي ڪم ڪرڻ دوران تعمير جي خرچ جي مدد لاءِ  ممبئي ۾ بيحد محنت جو ايترو ته سفر ڪري 22870 رپيا چندو ڪرڻ بعد  هي نيڪ نيت انسان واپس ايندي بيمار ٿي پيو ۽ 17 جنوري 1943ع تي ممبئي جي سر هيري ڪشن اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. اُڌو داس پنهنجو ڪم صرف هڪ عمارت تائين محدود نه رکيو، پر شڪارپور جي معاشرتي خدمتن جي تاريخ ۾ هڪ اهم نالو بڻجي ويو. ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ راءِ بھادر اُڌو داس جي ديھانت ٿيڻ جي تاريخ 9 جنوري 1920 لکي آهي، جيڪا گهڻي تحقيقات بعد مون اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته اُڌو داس جي وفات جي تاريخ 9 جنوري نه، پر 17 جنوري 1943 آهي، اها ڳالھه ان ڪري به دعويٰ سان چوان ٿو ته اڄ به شڪارپور جا ماڻهو 17 جنوري تي جيئن سائين جي ايم سيد جي سالگره ملهائيندا آهن اهڙيءَ طرح راءِ بھادر اُڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا کي ياد ڪندا آهن. آخري ڳالھه ٻڌائيندو هلان ته اُڌو داس شاعر به هو هن جو هڪ شعر اسپتال تي هڪ سنگ مرمر جي پٿر تي اڪريل آهي، جنھن کي پڙهڻ کانپوءِ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن جي اندر ۾ انسانيت جو ڪيڏو درد هو:

سڀن جا ڏک دور ڪر، سڀ جو ڪر ڪلياڻ،

دانھُون ڏکين جون ٻڌي مالڪ ٿي مھربان،

ٻُڌ عرضي اُڌو، ڏي تندرستي دان.