بلاگنئون

حقيقي عوامي ليڊر بينظير ڀٽو

دنيا جي تاريخ کڻي ڏسنداسين ته دنيا جي تختي تي ڪيترائي عوامي ليڊر ٿي گذريا آھن، ڪي هن وقت به موجود آھن جن نه رڳو پنهنجي ملڪ جي لاءِ تاريخي ڪم ڪيا، پر انهن پنهنجي ملڪ جي عوام جي ترقي ۽ بهتري لاءِ اهي معرڪا سر ڪيا جن جي بدلي اتان جو عوام ساڻن عشق جي حد تائين پيار ڪري ٿو. عوامي ليڊر هوندو ئي اهو آھي جيڪو پنهنجي سڄي ڄمار وطن ۽ وطن واسين جي لاءِ جيئندو رهيو هجي، جيڪي قوم ۽ ملڪ لاءِ جيئندا آھن اهڙا ئي ڪردار دنيا ۾ امر ٿي ويندا آھن، جن جا کوڙ سارا مثال ڏيئي سگهجن ٿا. پاڪستان به دنيا جي انهن چند ملڪن مان هڪ اهڙو ملڪ آھي جتي آزادي کانپوءِ جمهوريت پسند اڳواڻن جي گهڻائي رهي آھي، پوءِ اها هڪ الڳ ڳالھ آھي ته هتي جمهوريت تي راتاها به لڳندا رهيا، پر پوءِ به ڪافي اهڙا عوامي اڳواڻ رهيا آھن جن جمهوريت جي لاءِ نه رڳو قربانيون ڏنيون آھن، پر انهن تاريخ ۾ منفرد ڪم ڪري پنهنجي عزت به ٺاهي آھي. پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ اهڙو عوامي ليڊر ٿي گذريو آھي جنهن جي جمهوريت پسندي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪمن سبب کيس هيءَ قوم ڪڏهن به وساري نٿي سگهي ۽ نه ئي سندس صلاحيتن کان انڪار ڪري سگهجي ٿو.

ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد عوامي ليڊر هو جنهن طاقتور ڌرين جي سامهون اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو ۽ هن صرف ملڪ ۽ ملڪ جي غريب عوام جي ڳالھ ڪئي، پر هڪ ڊڪٽيٽر سندس حڪومت ختم ڪرائي کيس ڦاهيءَ جي سزا ڏياري کيس شهيد ڪرايو ويو، جنهن جي شھادت کي عدالتي قتل به چيو وڃي ٿو، ڀٽو جي شھادت بعد ڄڻ ته هن قوم کان هڪ قسم جو اعليٰ ليڊر جدا ڪيو ويو، پر ان عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو جيڪا ڀٽو صاحب جي گرفتارين سندس جيل ۾ هجڻ ۽ ڦاهي واري عرصي دوران طويل جلاوطني جون صعوبتون برداشت ڪرڻ کانپوءِ هوءَ ملڪ جي عوام ۾ هڪ اميد جو روشن ڪرڻو ٿي اڀري نروار ٿي جنهن کانپوءِ ڏسندي ئي ڏسندي بينظير ڀٽو پاڪستان جي هر صوبي جي غريب عوام جي دلين ۾ گهر ڪري وئي. محترمه بينظير ڀٽو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سياست ۾ خال ڀرڻ سان گڏوگڏ هن ملڪ جي نڌڻڪي عوام لاءِ وڏو اتساھ بڻجي نروار ٿي هئي. هن جي سياست سڀني ڌرين کان مختلف هوندي هئي، توڙي جو هوءَ عورت هئي، پر هن جي دليري هن جي شجاعت ۽ هن جي عوام سان ڪميٽمينٽ ھن کي پوري دنيا جي وڏن ليڊرن جي صف ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو هو. بينظير ڀٽو ملڪ جي اها ليڊر هئي جنهن نه رڳو آمريت سان وک وک تي مهاڏو اٽڪايو، پر دنيا جي سڀني ڊڪٽيٽر ذھنيت جي حڪمرانن خلاف نفرت جو اظھار کلئي طريقي سان ڪندي هئي. محترمه بينظير ڀٽو بلاشڪ هڪ عظيم ليڊر هئي، هوءَ عام ماڻھو جي ڳالھ ڪندي هئي عام ماڻھو جي ترقي لاءِ ڪم ڪندي هئي. هوءَ ملڪ جي واحد ليڊر هئي جنهن نه رڳو غريب عوام ۽ ملڪ جي ڳالھ خاطر جيل جون سختيون سٺيون، پر جلاوطني سميت ڪيترن ئي قسمن جا اذيتناڪ لمحا به برداشت ڪيا. هڪ سچو ليڊر جڏهن عوام جي ڳالھ ڪندو آھي ته اهو عوام جو محبوب ليڊر بڻجي ويندو آھي، ان ڪري بينظير ڀٽو پڻ ھن ملڪ جي عوام جي نه رڳو محبوب ليڊر بڻجي وئي، پر هوءَ ملڪ جي چئني صوبن کي گڏ کڻي هلڻ واري هڪ اهڙي زنجير هئي جو هن کي هر صوبي جو عوام پنهنجو ليڊر سمجهي فخر محسوس ڪندو هو.

بينظير ڀٽو نه رڳو عورتن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ قدم کنيا، پر هن ملڪ جي ننڍن ٻارن ۽ قوم جي نوجوانن جي مستقبل لاءِ به هر وقت فڪرمند رهندي هئي. ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جو ڪم هجي يا ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻو هجي يا کڻي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڪا تحريڪ هجي هوءَ هڪ حقيقي معنيٰ واري ليڊر جو ڪردار ادا ڪندي عوام جي وچ ۾ ھوندي هئي. محترمه بينظير ڀٽو غريب عوام کي ترقي يافته بڻائڻ وارو پنهنجي بابا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن کڻي اڳتي وڌي آمريت سان مهاڏو اٽڪايو سندس جدوجهد جو ثمر کيس پهريون ڀيرو 1988 ۾ مليو، ملڪ ۾ ڊگهي آمريت کانپوءِ اليڪشن ڪرائي وئي جنهن ۾ بينظير ڀٽو اڪثريت حاصل ڪري پهريون ڀيرو نه رڳو ايشيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم بڻجي وئي، پر پاڪستان، خاص طور سنڌ جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. سندس ان دور ۾ کيس پنج سال پورا ڪرڻ نه ڏنا ويا ۽ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ وري ٻيو ڀيرو 1993 ۾ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي وئي، پر ان حڪومت ۾ به سندس وڏي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي ڪلفٽن ۾ شھيد ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ وقت کان اڳ وري سندس ٻيو ڀيرو به حڪومت ختم ڪئي وئي.

ان کانپوءِ وقت جي لاهن چاڙهن ۽ 1999 ۾ پرويز مشرف پاران نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هڪ دفعو وري بينظير ڀٽو آزمائشن جي ور چڙھي وئي. محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ ۽ قوم کي حقيقي جمهوريت ڏيارڻ لاءِ هڪ نرالي جدوجهد ڪري دنيا کي ٻڌايو ته هڪ ليڊر پنهنجي قوم لاءِ ڪيترو ڪجھ ڪرڻ جي سگھ رکندو آھي. محترمه بينظير ڀٽو پرويز مشرف جي دور ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها تاريخ جي سونهري حرفن ۾ لکي ويندي. ڇو ته هن آمريت کي ختم ڪرڻ ۽ قوم کي آزادي ڏيارڻ خاطر پنهنجي مخالف نواز شريف سان به ميثاق جمهوريت نالي ٺاھ ڪري جدوجهد وسيلي پرويز مشرف مان قوم کي نجات ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري بينظير ڀٽو دنيا جي جمهوريت پسند ڌرين کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ نه هو ته محترمه بينظير ڀٽو هڪ سلجهيل سياستدان هجڻ سان گڏ پنهنجي قوم جي حقيقي ليڊر به هئي جنهن جي شهادت کانپوءِ اڄ تائين اهو حقيقي ليڊرشپ وارو خال اڃان تائين ڀرجي ناهي سگهيو. هن وقت به ملڪ معاشي تڪليفن، دھشتگردي ۽ عالمي ليول جي سهڪار نه ملڻ سميت ڪيترين ئي مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي، پر ڪوبه اهڙو ليڊر نڪري نروار ناهي ٿي سگهيو جيڪو انهن سڀني مشڪلاتن مان ملڪ ۽ قوم کي ٻاهر ڪڍي سگهي.

جيڪڏهن هن وقت محترمه بينظير ڀٽو جهڙي ذھين ۽ عوام جي هڏ ڏوکي ليڊر ملڪ ۾ موجود هجي ها ته ملڪ ترقي جون شاندار منزلون طئي ڪندي نظر اچي ها، پر هن ملڪ ۽ قوم جي دشمنن کي شايد هيءَ عوامي ليڊر يا سندس عوامي ڀلائي وارا ڪم پسند نه هئا، تڏهن کيس 27 ڊسمبر 2007 تي شام جي وقت راولپنڊي ۾ عوامي جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ شھيد ڪيو ويو. شھيد ليڊر محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ قوم ۽ دنيا کان ته جسماني طور جدا ڪيو ويو، پر روحاني طور هن ملڪ جي غريب قوم جي محبوب ليڊر اڄ به هن قوم سميت دنيا جي ڪروڙين جمهوريت پسند دلين ۾ زنده آهي، جيڪا سدائين زنده رهندي. ڇو ته عوامي ليڊر ڪڏهن مري مات ناهن ٿيندا، هو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ وري واپس وري ايندا آھن، هن ملڪ جي ڏتڙيل ۽ ڏکاري قوم کي اڄ به هڪ اميد آھي ته سندن ڏکن جو ضرور ازالو ٿيندو، وري ڪو نه ڪو ذوالفقار علي ڀٽو يا بينظير ڀٽو جهڙو عوام جو محبوب ليڊر عوام کي ضرور ملندو.