ملڪ ۾ دوائن جي قيمت ۾ اضافو
ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ 9 کان 15 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ريگيوليٽري اٿارٽي اهو اضافو وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته دوائن ٺاهڻ وارين ڪمپنين گذريل حڪومت کان دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي گهر ڪئي هئي، پر گذريل حڪومت ان جي منظوري نه ڏني جنهن کانپوءِ دوائن ٺاهڻ وارين ڪمپنين سپريم ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪيو.