ڀارت پاڪستان کي متنازع آبي منصوبن جي معائني جي اجازت ڏيئي ڇڏي

 ڀارت پاڪستان کي متنازع آبي منصوبن جي معائني جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر هلندڙ مهيني ۾ ئي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڀارت روانو ٿيندو. پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر سيد مهر علي شاهه موجب ڀارت پاڪستان کي درياءِ چناب مٿان تعمير ٿيندڙ آبي منصوبن جي معائني لاءِ گرين سگنل ڏيئي ڇڏيو آهي. اميد آهي ته معاملا طئي ٿيندي ئي پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد جنوري جي آخر ۾ ڀارت روانو ٿي ويندو. پاڪستاني وفد 27 جنوري کان پهرين فيبروري تائين ڀارت جو دورو ڪندو، پاڪستاني ماهرن جو وفد درياءِ چناب تي ٺهندڙ منصوبن لوئر ڪلنائي ۽ پاڪل دل جو معائنو ڪندو. ڀارت طرفان درياءِ چناب تي ٺهندڙ ٻين منصوبن جي معائني جي مد ۾ به مثبت اشارا مليا آهن. واضح رهي ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي تي پاڪستان ڀرپور آواز اٿاريو، جنهن تي ان کي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا جي سربراهي ۾ گذريل سال آگسٽ ۾ ڀارتي وفد پاڪستان آيو هو، پاڪستاني وفد کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ متنازع آبي منصوبن جي معائني لاءِ ڀارت وڃڻو هو، پر ڀارت بلدياتي چونڊن جو بهانو ٺاهي وفد کي اچڻ کان روڪي ڇڏيو، پر پاڪستان ڀارت سان مسلسل رابطي ۾ رهيو، جنهنڪري مجبور ٿي ڀارت کي مثبت جواب ڏيڻو پيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *