مصروف ماڻهن جي لاءِ دستخط ڪندڙ مشين ايجاد
گهڙيال ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني پاران انساني دستخط ڪندڙ مشين ايجاد ڪري ورتي آهي. جيڪا هو بهو انسان وانگر دستخط ڪري سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هنن اهڙي مشين ايجاد ڪئي آهي جيڪا هڪ وقت ۾ هزارين ڪاغذن تي دستخط ڪري سگهي ٿي. هن قسم جي مشين کي ڪاروباري شخصيتون ڪم آڻي سگهن ٿيون جنهن کي هزارن ڪاغذن تي دستخط ڪرڻيون هونديون آهن. عام طور تي ڪنهن ڪاروبار ڪندڙ شخص يا ڪنهن سرڪاري اداري ۾ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪندڙ شخص کي هن قسم جي مشين جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. هن مشين ۾ هڪ قلم ۽ سوين ننڍڙا پرزا لڳل آهن. جيڪي ملي ڪري هوبهو انساني دستخط ڪري سگهن ٿا. هن مشين کي خريد ڪرڻ وارو شخص پنهنجي دستخط جي نموني کي ڪمپني وٽ موڪليندو جيڪا ان نموني کي مشين ۾ فيڊ ڪري ڏيندي جنهن بعد 500 ننڍڙا پرزا ان دستخط جي نقل ڪاغذن تي ٺاهي ڏيکاريندا. هن مشين جي قيمت 3 لک 65 هزار ڊالر رکي وئي آهي.

