خاصنئون

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ٻيهر صدارت لاءِ چونڊ مهم جو آغاز

فلوريڊا ۾ چونڊ مهم جي آغاز مهل آمريڪي صدر چيو ته معاشي حالتون بهتر آهن ۽ آمريڪا مستحڪم ٿي رهيو آهي. اسان ڪم ڪري چڪا آهيون. ٻئي صدارتي دور ۾ باقي سڀ هدف حاصل ڪنداسين. آمريڪا ۾ بيروزگاري جي شرح پهرين کان گهٽ ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين مٿان مڙهيل ٽيڪس ڪم ڏيکاري رهيا آهن. پرڏيهي ڪمپنيون آمريڪا ڇڏي وڃي رهيون آهن. تفتيش ۽ تحقيق جي بهاني مون تي حملو ڪيو پيو وڃي. منهنجا مخالف آمريڪا جي عوام کي بهتر مستقبل کان محروم رکڻ چاهين ٿا. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ نومبر 2016 ۾ آمريڪا جو 45 هون صدر چونڊجي آيو هو.