خاصنئون

حڪومت ايم ڪيو ايم کي وڌيڪ هڪ وزارت ڏيڻ لاءِ تيار

وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير قانون ڊاڪٽر فروغ نسيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم کي هڪ وڌيڪ وزارت ڏيڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئرن کي مالي پئڪيج ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته هن معاملي تي وزيراعظم، گورنر سنڌ ۽ فروغ نسيم تي ٻڌل ڪميٽي کي ٽاسڪ ڏنو آهي. ڪميٽي ٻن ڏينهن ۾ طريقيڪار تيار ڪري وزيراعظم کي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم جمهوري عمل ۾ ايم ڪيو ايم جي مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪراچي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم ميئر ڪراچي ۽ ميئر حيدرآباد کي بااختيار بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.