نئون

هاڻي جوتو سمارٽ فون کي چارج ڪندو

آمريڪي سائنسدانن پاران سمارٽ فون کي چارج ڪرڻ وارو جوتو تيار ڪري ڇڏيو. يونيورسٽي آف وسڪانسن ۾ انجنيئرنگ واري شعبي ۾ ماهرن اهڙا جوتا تيار ڪيا آهن، ماهرن چيو آهي ته هي جوتا ڪائنيٽڪ توانائي ذريعي انساني حرڪت کي توانائي ۾ تبديل ڪري سگهندا. يونيورسٽي جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انساني حرڪت ۾ تمام گهڻي توانائي هوندي آهي، جنهن ذريعي هڪ جوتي مان 10 واٽ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. جيڪا هونئن ته ضايع ٿي ويندي آهي، جڏهن ته ان مان هڪ موبائل فون چارج ڪري سگهجي ٿي. هن طريقي ۾ روايتي طريقي سان يعني موٽر جي ذريعي بجلي ٺاهڻ جي جاءِ تي سڌين پليٽن جي چرپر جي ذريعي بجلي تيار ڪئي وڃي ٿي، هن طريقي سان غريب ماڻهو به بجلي ٺاهي پنهنجا بجلي جا ننڍا سامان چارج ڪري سگهندا.