بلاگنئون

سنڌ ۾ آئيس جو خطرناڪ نشو نوجوانن کي موت ڏانهن ڌڪڻ لڳو آهي

سڀ کان پهرين معلوم ڪريون ته آئيس آهي ڇا (Methamphetamine) آئيس جو نوجوانن کي مڪمل تعارف ڪرايون. آئيس هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ نشي آور ڪيميائي مادو آهي، جيڪو Methamphetamine جي انتهائي خالص شڪل آهي. هي هڪ synthetic stimulant آهي، جيڪو دماغ ۽ نروس سسٽم تي سڌو اثر وجهندو آهي، جنهن سبب عارضي طور تي توانائي، خوشي ۽ ذهني چستي پيدا ٿئي ٿي، پر ان جا اثر انتهائي خطرناڪ ۽ تباهه ڪندڙ ٿين ٿا. آئيس عام طور تي بيدانا يا ڪرسٽل نما سفيد يا نيري رنگ جا شيشي جهڙا ذرڙا ٿيندا آهن، جنهن ڪري ان کي “Crystal Meth” به چيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو سفيد پائوڊر جي صورت ۾ به ملي سگهي ٿو. نوجوان آئيس کي مختلف طريقن سان استعمال ڪندا آهن، جن مان ڪجهه عام طريقا هيٺ ڏجن ٿا:

سِنگهڻ پائوڊر وانگر نڪ جي ذريعي

دونهون ڪرڻ پائپ ذريعي

انجيڪشن سوئي ذريعي رت ۾ داخل ڪرڻ

کائڻ ڪيپسول يا ٽيبليٽ جي صورت ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.

آئيس جي استعمال کانپوءِ ماڻهو عارضي طور تي هيٺين اثرن کي محسوس ڪندو آهي: انتهائي جوش، توانائي ۽ خوشي. ننڊ جو ختم ٿي وڃڻ ۽ گهڻو وقت جاڳڻ خود اعتمادي ۾ اضافو غير معمولي طور تي گهڻو ڳالهائڻ، بک نه لڳڻ. هي اثر ڪجھ ڪلاڪن تائين رهي سگهن ٿا، پر ان کان پوءِ ان جا خطرناڪ اثرات ڪهڙا آهن!؟ آئيس جي مسلسل استعمال سان ڪيترائي خطرناڪ ذهني ۽ جسماني مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ: ذهني نقصان ڊپريشن، پريشاني ۽ نفسياتي بيماريون. هيلوسينيشن (ڏسڻ يا ٻڌڻ جي سگھ ۾ گهٽتائي)، حد کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ تي شڪ شبهو ۽ خوف، جارحيت ۽ غصي جا دورا، جسماني نقصان، دل جون بيماريون ۽ بلڊپريشر وڌي وڃڻ، وزن گهٽجڻ ۽ ڪمزوري، ڏند خراب ٿي وڃڻ جنهن کي “Meth Mouth” سڏبو آهي. جلد خراب ٿي وڃڻ ۽ جسم تي زخم ٿيڻ،  هڪ دفعو وٺڻ کانپوءِ وري نشو وٺڻ جي خواهش وڌي وڃڻ.

حيرت ان ڳالھ جي آهي جو آئيس وڌيڪ مقدار وٺڻ سان دل بند ٿي سگهي ٿي ۽ ڪيترائي نوجوان موت جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ هي اهڙو نشو آهي جو نه فقط موت ڏانهن ڌڪي وڃي ٿو، پر ان سان گڏ سماجي ۽ خانداني زندگي برباد ڪري سگهي ٿو. منشيات جا عادي ماڻهو پنهنجن رشتيدارن کان پري ٿي وڃن ٿا ۽ آئيس جي موالي کي چڙ ايتري قدر وڌي ويندي آهي جو هو اگر پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙجي پون ته پاڻ کي ماريندي دير نٿا ڪن. اهوئي سبب آهي جو آئيس واپرائڻ وارا ڪيترائي نوجوان خودڪشين جو شڪار به ٿي ويا آهن. نوجوانن ۾ آئيس جو رجحان گهڻو وڌي ويو آهي. نوجوانن کي گهرجي ته اهڙي خطرناڪ نشي واپرائڻ کان پاسو ڪن. ٻي صورت ۾ نسلن جا نسل تباھ ٿي سگهن ٿا. آئيس ۾ موت اچڻ جو امڪان 100 سيڪڙو آهي، هڪ دفعو عادت پئجي وئي ته ڇڏڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. سماجي ۽ قانوني طور تي ان جو استعمال غير قانوني آهي. ان جي نتيجي ۾ صحت، عزت ۽ خاندان سڀ ڪجهه ختم ٿي سگهي ٿو. حڪومتي سطح تي سختي سان منشيات جي وڪري خلاف قانوني قدم کنيو وڃي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ميڊيا ذريعي شعور بيدار ڪرڻ گهرجي، آئيس جي خطرناڪ نقصان کان نوجوانن کي مڪمل ڄاڻ ڏجي جيئن هو اهڙي موذي نشي کان بچيل رهن. آئيس جو نشو هڪ خطرناڪ عادت بڻجي سگهي ٿو، جيڪا نوجوانن جي زندگي تباهه ڪري سگهي ٿي. ان کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته فرد، خاندان ۽ سماج گڏجي ڪم ڪن، جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي هن ناسور کان بچائي سگهون.

آئيس جو رجحان خاص طور تي نوجوانن ۾ وڌڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، انهن مان ڪجهه اهم سبب هن ريت آهن: (1) سماجي دٻاءُ ۽ ساٿين جو اثر: نوجوان عام طور تي پنهنجي ساٿين کان متاثر ٿين ٿا. جيڪڏهن سندن دوستن يا ويجهن ماڻهن ۾ ڪو آئيس استعمال ڪري ٿو ته انهن ۾ به ان کي آزمائڻ جو رجحان وڌي سگهي ٿو. (2) نفسياتي مسئلا ۽ دٻاءُ: ڪيترائي نوجوان ذهني دٻاءُ، ڊپريشن ۽ پريشاني جو شڪار هوندا آهن. آئيس جيئن ته عارضي طور تي توانائي ۽ خوشي جو احساس پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته ان جي ٿيندڙ نقصان کان هو اڻڄاڻ آهن. (3) اسان جي علائقن ۾ منشيات آساني سان دستياب ٿي وڃي ٿي: منشيات غير قانوني مارڪيٽ ۽ سماجي نااهل فرد، ميڊيا ۽ پوليس پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ان جي وڪري ۽ واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو اڄ جو هر ٻيو نوجوان ان نشي ۾ ورتل آهي. (4) شعور جي کوٽ: ڪيترن ئي نوجوانن کي آئيس جي اصل خطرن بابت مڪمل ڄاڻ ناهي هوندي، هو ان کي صرف هڪ عام ڊرگ يا لطف وٺڻ جو ذريعو سمجهن ٿا، پر ان جي خطرناڪ اثرن جو اندازو هنن کي بلڪل به نه آهي. (5) گهريلو ۽ سماجي مسئلا: جيڪڏهن نوجوانن جو خانداني ماحول خراب هجي، جهڙوڪ: والدين جا جهيڙا، مالي مسئلا يا غير ذميوار پرورش ته هو اهڙين شين ڏانهن مائل ٿي سگهن ٿا. (6) ميڊيا ۽ تفريحي صنعت جو اثر: ڪڏهن ڪڏهن فلمن، موسيقي ۽ ٻين ميڊيا ذريعن ۾ منشيات کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب نوجوان ان کي پرڪشش سمجهن ٿا. ان حل ۽ روڪٿام لاءِ  اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ منشيات بابت آگاهي مهمون هلائڻ گهرجن.

ٻئي طرف والدين کي گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن تي مڪمل نظر رکن ۽ موالين جي دوستي کان تحفظ فراهم ڪن ۽ انتظاميه کي گهرجي ته آئيس جي واپارين ۽ ڊيلرن کي گرفت ۾ آڻي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏين، اهڙين سماجي براين تي ضابطو آڻي ايندڙ نسلن کي تباهي کان تحفظ ڏين. نوجوانن کي راندين، هنرن ۽ مثبت مشغلن ۾ مشغول رکڻ جون ڪوششون وٺن، منشيات جي وڪري تي سختي سان ڪنٽرول ڪن، جيڪڏهن سماج، خاندان ۽ تعليمي ادارا گڏجي ڪم ڪن ته نوجوانن ۾ آئيس جهڙين خطرناڪ عادتن کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر اسان جي سماج ۾ طاقتور ڌريون، سياستدان، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ميڊيا آئيس (Methamphetamine) جهڙي خطرناڪ نشي جي وڪري ۽ واڌاري ۾ ملوث آهن. انهن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي شامل گروهه، ماڻهو ۽ ادارا هوندا آهن، جيڪي يا ته سڌو سنئون ان جي غير قانوني ڪاروبار ۾ شامل هوندا آهن يا ان جي روڪٿام ۾ ناڪام ٿيندا آهن. انهن عنصرن تي تفصيلي نظر وجھون ٿا ته آئيس جهڙي منشيات عام طور تي منظم ڏوهاري گروهن جي هٿ ۾ هوندي آهي، جيڪي هن غير قانوني ڪاروبار کي هلائيندا آهن. اهي گروهه منشيات جي پيداوار، اسمگلنگ، وڪري ۽ ورهاست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. منشيات جون بين الاقوامي اسمگلنگ تنظيمون، جيڪي ان کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين پهچائينديون آهن. مقامي سطح تي منشيات جي ورهاست ڪندڙ ماڻهو، جيڪي اسڪولن، ڪاليجن يا گهٽين ۾ نوجوانن کي نشو وڪرو ڪندا آهن. ڪجهه وقتن تي ته سرڪاري ادارن جي اندر موجود ڪرپٽ عملدار به منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث هوندا آهن. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪڏهن ڪو پوليس عملدار رشوت وٺي منشيات جي اسمگلرن کي تحفظ ڏئي ٿو ته اهو به غير سڌيءَ طرح منشيات جي پکيڙ ۾ حصو وٺي ٿو. ڪجهه ڪرپٽ آفيسر منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن.

جيڪڏهن ڪنهن اعليٰ عهديدار کي منشيات جي وڪري بابت ڄاڻ هوندي ۽ هو ان خلاف ڪارروائي نه ڪندو ته ان کي به ملوث سمجهي سگهجي ٿو. ڪيترائي NGOs ۽ سماجي تنظيمون منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪن ٿيون، پر ڪجهه اهڙا به غير سنجيده گروهن جا ثبوت ملن ٿا، جيڪي ظاهر ۾ منشيات خلاف مهم هلائين ٿا، پر اصل ۾ منشيات جي ڪاروبار سان ڳجهي نموني جُڙيل هوندا آهن. ڪجھ سياسي ۽ سماجي ماڻهو منشيات جي ڪاروبار مان پئسا ڪمائي پنهنجا غير قانوني مقصد پورا ڪن ٿا. ڪجهه سياسي ۽ طاقتور ماڻهو به منشيات جي ڪاروبار سان ڳنڍيل هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن سياسي ماڻهو يا بااثر منشيات جي واپار کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اثرانداز ٿيندا آهن. ڪجهه ڪاروباري ماڻهو منشيات مان حاصل ٿيندڙ ناجائز دولت کي جائز ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪري پنهنجي طاقت وڌائيندا آهن. منشيات وڪرو ڪندڙ ماڻهو سوشل ميڊيا ايپس، آن لائين چيٽ گروپس ۽ ڊارڪ ويب ذريعي منشيات جي ورهاست ڪن ٿا. جيڪڏهن عام ماڻهو منشيات وڪرو ڪندڙ ماڻهن خلاف آواز نه اٿاريندا ته اهو به منشيات جي پکيڙ جو هڪ اهم سبب ٿي سگهي ٿو. والدين ۽ استاد جيڪڏهن نوجوانن جي سرگرمين تي ڌيان نه ڏيندا ته نوجوان آسانيءَ سان منشيات جي ور چڙهي سگهن ٿا۔ آئيس جهڙي منشيات جي واڌاري ۾ مختلف عنصر ملوث ٿي سگهن ٿا، جن ۾ منشيات فروش، ڪرپٽ سرڪاري عملدار، غير سڌيءَ طرح غير سرڪاري ادارا، سياسي ماڻهو، ميڊيا ۽ عام ماڻهن جي غفلت شامل آهي. ان جي روڪٿام لاءِ سخت قانوني قدمن، سماجي آگاهي ۽ ايماندار سرڪاري ادارن جي ضرورت آهي ته جيئن هن ناسور کي سماج مان ختم ڪري سگهجي.