محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندس ياد ۾ ڊسمبر مهينو جِيءَ کي جهوريندڙ لڳندو آهي. سندس شهادت دوستن توڙي دشمنن کي روئاري وڌو هو. آڪسفورڊ ۽ هارورڊ جي آزاد ماحول ۾ پڙهندڙ بينظير ڀٽو پنهنجي ڦوھه جوانيءَ ۾ ضياءُ جهڙي ظالم حڪمران کي ته جهڪائي ورتو، پر ان جي لابي سندس دشمن ٿي بيٺي ۽ وقت جو انتظار ڪري پلئه وٺڻ لاءِ وجهه پئي ورتا. هو بينظير ڀٽو کي هر ميدان ۾ سرگرم ڏسندي ئي ڇرڪ ڀري پري ٿي ويندا هئا، ڪڏهن کين اهڙو موقعو نه مليو جو سندس مٿان يڪدم حملو ڪري يا سندس ڪردارڪشي ڪري سگهي۔ بينظير ڀٽو هر عمل ۾ دشمن کي مات ڏني۔ ھوءَ هر ميدان ۾ بينظير هئي هن وٽ حڪمت عملي هئي. هڪ ڀيري ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف ڪانوينٽ جي مشهور نن سسٽر ميري ايملي ٻڌايو ته جنرل ضياءُ جي دور ۾ هڪ ڏينهن سرڪاري اهلڪار اسڪول ۾ اچي پهتا ته اوهان وٽ بينظير ڀٽو پڙهندي هئي اسڪول جي ڪنهن فنڪشن جون سندس تصويرون هجن ته اسان کي ڏيو. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان وٽ شاگردياڻين جي تصويرن ۾ بينظير ڀٽو جون تصويرون هيون، پر هن انڪار ڪيو ته اسان وٽ ڪي به تصويرون ناهن. ٻئي ڏينهن وري سندن اعليٰ آفيسر ورديءَ ۾ اچي پهتا ۽ پريشرائز ڪرڻ لڳا ته توهان وٽ تصويرون هونديون ڏيو. سسٽر جي بقول مون ڀر واري ڪمري ۾ وڃي ڪراچيءَ جي آمريڪي قونصل جنرل کي فون ڪئي ته هي فوجي اسان کي پريشان ڪري رهيا آهن ۽ واپس اچي کين ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ هو وري نه آيا.