بلاگنئون

محترمه بينظير ڀٽو جهڙي قيادت ٻيهر ملي سگهي ٿي!؟

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندس ياد ۾ ڊسمبر مهينو جِيءَ کي جهوريندڙ لڳندو آهي. سندس شهادت دوستن توڙي دشمنن کي روئاري وڌو هو. آڪسفورڊ ۽ هارورڊ جي آزاد ماحول ۾ پڙهندڙ بينظير ڀٽو پنهنجي ڦوھه جوانيءَ ۾ ضياءُ جهڙي ظالم حڪمران کي ته جهڪائي ورتو، پر ان جي لابي سندس دشمن ٿي بيٺي ۽ وقت جو انتظار ڪري پلئه وٺڻ لاءِ وجهه پئي ورتا. هو بينظير ڀٽو کي هر ميدان ۾ سرگرم ڏسندي ئي ڇرڪ ڀري پري ٿي ويندا هئا، ڪڏهن کين اهڙو موقعو نه مليو جو سندس مٿان يڪدم حملو ڪري يا سندس ڪردارڪشي ڪري سگهي۔ بينظير ڀٽو هر عمل ۾ دشمن کي مات ڏني۔ ھوءَ هر ميدان ۾ بينظير هئي هن وٽ حڪمت عملي هئي. هڪ ڀيري ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف ڪانوينٽ جي مشهور نن سسٽر ميري ايملي ٻڌايو ته جنرل ضياءُ جي دور ۾ هڪ ڏينهن سرڪاري اهلڪار اسڪول ۾ اچي پهتا ته اوهان وٽ بينظير ڀٽو پڙهندي هئي اسڪول جي ڪنهن فنڪشن جون سندس تصويرون هجن ته اسان کي ڏيو. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان وٽ شاگردياڻين جي تصويرن ۾ بينظير ڀٽو جون تصويرون هيون، پر هن انڪار ڪيو ته اسان وٽ ڪي به تصويرون ناهن. ٻئي ڏينهن وري سندن اعليٰ آفيسر ورديءَ ۾ اچي پهتا ۽ پريشرائز ڪرڻ لڳا ته توهان وٽ تصويرون هونديون ڏيو. سسٽر جي بقول مون ڀر واري ڪمري ۾ وڃي ڪراچيءَ جي آمريڪي قونصل جنرل کي فون ڪئي ته هي فوجي اسان کي پريشان ڪري رهيا آهن ۽ واپس اچي کين ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ هو وري نه آيا.

چوڻ جو مطلب ته دشمن سندس تصويرن کان به خوفزده هو ته متان اها بينظير اسان تي غلبو حاصل ڪري، پر تقدير ڦيرو کاڌو ۽ خوف ۾ ورتل ٽولي مٿان بينظير حاوي ٿي وئي۔ انهن جون ننڊون حرام ٿي ويون۔ بينظير پهرين عظيم عورت بڻجي اقتدار جون واڳون سنڀالڻ جون تياريون ڪيون ته سندس ڀر ۾ ويٺل مختلف هربا هلائي ”اقتدار عورت لاءِ حرام آهي“ جا اعلان ڪرڻ لڳا جڏهن کين دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته اهي زباني طور ته خاموش ٿي ويا، پر دلي طور سندن دلين ۾ تعصب جي باهه ڀڙڪي رهي هئي ۽ اندر ئي اندر ۾ محترمه جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا، پر کين ڪوبه وجهه نه پئي مليو ته ساڻس منهن ڏيئي ڳالهائي سگهن ڇو ته هوءَ همت ۽ جرئت ڀري عورت هئڻ سان گڏ پرڏيهي يونيورسٽين جي پڙهيل لکيل هئي وٽس فيصلي ڪرڻ جي قوت به هئي ته مهاڏو اٽڪائڻ جي طاقت به هئي۔ جڏهن پاڻ 2 ڊسمبر 1989ع ۾ پهريون ڀيرو اقتدار جون واڳون سنڀالي ڌام ڌوم سان ايوان بالا ۾ پهتي ته سڀني جون وايون بتال ٿي ويون ۽ ٻن سالن تائين عوام جي درد جو درمان ڪندي رهي نيٺ سازشي ٽولو سرگرم ٿي ويو ۽ مٿس الزام هڻي کيس اقتدار کان هٽايو ويو، پر هن همت نه هاري ۽ نه ئي وري عوام کان دوري اختيار ڪئي، پر عوام ۾ رهي عوامي مسئلن جي حل تي زور ڏيندي رهي۔ اڃان ٿورو ئي وقت مس گذريو ته 1993ع ۾ عوام کيس ٻيهر اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاريو ته سازشي ٽولي کي ڏندين آڱريون اچي ويون۔ محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي تهذيب جي عڪاسي ڪندڙ هئي، جنهن 21 هين صديءَ ۾ سنڌي قوم جي آئيني هيرو بڻي. هوءَ پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن جي بهادري ۽ سنڌي ماڻهن جي دلين تي حڪومت ڪندي رهي. تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي مرشد ليڊرن کانپوءِ سنڌي قوم يتيم محسوس ڪندي آهي، پر ويزنري ليڊر پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي طاقتور ورثي کي ڇڏي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪندا رهيا آهن. بينظير جو ٻيو اقتداري دور ترقيءَ طرف گامزن ئي هو ته سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچيءَ جي رستن تي شهادت جو جام پياريو ويو ۽ سندس حڪومت کي ان وقت جي صدر فاروق احمد لغاري ڪرپشن جا الزام هڻي برطرف ڪري ڇڏيو۔ هاڻ بينظير ڀٽو کي رستي تان هٽائڻ جون سموريون تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، سو پاڻ حالات کي پرکي 1998ع ۾ جلاوطني اختيار ڪيائين ۽ پاڪستان کان دبئي منتقل ٿي ويئي ان دوران پنهنجي پارٽي تنظيمي معاملن کي به ڏسندي رهي ۽ مختلف ملڪن جا دورا به ڪندي رهي.

نيٺ 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس وري ۽ سندس شاندار استقبال ڏسي سندس دشمن مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي سوچڻ لڳا ته ايترو عرصو جنهن عوام بينظير کي ڏٺو به نه هو اهو استقبال لاءِ ڪيئن نڪري آيو۔ سو ڪراچيءَ ۾ عوام جو سمنڊ ڏسي استقبالي گاڏيءَ اڳيان رات جي اونداهيءَ ۾ مٿس خودڪش حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس 150 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا، پر پاڻ محفوظ رهي۔ بهتر ڳالهه اها هئي ته محترمه واپس نه ٿي، پر پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ صبح جو مختلف اسپتالن ۾ وڃي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ شهيدن جي گهر وڃي ساڻن تعزيت ڪئي۔ دشمنن کيس اشارو ڏيئي ڇڏيو ته توسان رعايت نه ڪنداسين، پر هن ارڏي ۽ بي بها ليڊر کين موٽ ۾ چيو ته مان ڊڄڻ واري ناهيان۔ مون کي هر ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ ايندو آهي، هن پنهنجو سياسي سفر زور شور سان جاري رکيو ۽ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کان ٿيندي 27 ڊسمبر تي پنجاب جي لياقت باغ ۾ جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي جلسي کي خطاب کانپوءِ مٿس دشمنن خودڪش حملو ڪرڻ بعد کيس گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو۔ ٽن مهينن ۾ مٿس هي ٻيو وڏو حملو هو۔ مطلب ته ڀٽو خاندان جي هيءَ آخري نشاني هئي جيڪا وطن عزيز جي خدمت ڪندي قربان ٿي وئي. سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کي جمهوريت جي جنگ وڙهڻ سبب ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، پر هن آمر اڳيان سر نه جهڪايو۔

سندس هڪ ڀاءُ شاهنواز ڀٽو کي عالمي سازش ذريعي 18 جولاءِ 1985ع تي فرانس جي شهر ڪينز ۾ زهر ڏيئي پراسرار طور شهيد ڪيو ويو. ٻئي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي 19 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي ڪلفٽن ۾ سندس حڪومت ۾ پوليس سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو. سندس ماءُ نصرت ڀٽو بيماريءَ جي پسمنظر جي پويان هلي ويئي. شهادت جي اوسيئڙي ۾ بينظير ڀٽو جو روشن چهرو ۽ بهادريءَ سان ڀريل لهجو، دنيا کي حيران ڪري ويو، ڇو ته پنهنجي ماڻهن لاءِ جاکوڙيندي، حق ۽ جمهوريت لاءِ آخري ساهه تائين بيٺل محترمه بينظير ڀٽو هڪ عظيم داستان ڇڏي ويئي جيڪو هميشه زنده رهندو. اها رڳو محترمه بينظير ڀٽو ئي هئي، جيڪا شهادت لاءِ مسڪرائيندي سامهون آئي ۽ جمهوريت جي جهنڊي کي هميشه لاءِ بلند ڪري ويئي. يقينن بينظير ڀٽو جهڙي قيادت ڌرتيءَ تي ٻيهر نٿي اچي سگهي. ڇو ته 17 سال گذرڻ بعد پيپلزپارٽيءَ جي قيادت موجود آهي، پر بينظير موجود ناهي، جنهن جا فيصلا اٽل هوندا هئا، هوءَ فيصلن تي عمل پيرا ٿيڻ تائين ماٺ ڪري نه ويهندي هئي۔ سندس قيادت ولوله انگيز هوندي هئي، سياست جا فرسوده اصول جهڙوڪر ختم ٿي چڪا هئا اها بينظير ئي هئي جنهن جي ڪري ملڪ ترقي ۽ روشن خياليءَ طرف وڌي رهيو هو۔

محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي معروف سياسي شخصيتن مان هڪ هئي جنهن کي وڏي قدر سان ڏٺو ويندو هو۔ سندس اعليٰ سياسي بصيرت دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندي هئي، سندس سياسي بصيرت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن پنهنجو پهريون ڪتاب Foreign Policy Perspective لکيو. جڏهن ته ٻيو ڪتاب Daughter of East لکي عالمي شهرت حاصل ڪئي۔ ان کانسواءِ دنيا جي مختلف ادارن سان عالمي تعلقات جوڙي پاڪستان کي عالمي سياست جو مرڪز بڻايو، ائين افغانستان، چين، ايران ۽ ڀارت ۾ عالمي موضوعن تي ليڪچر ڏيئي 38 عالمي ادارن کان اعزازي ڊگريون ۽ اعزاز حاصل ڪيا. سندس قابليت کي اڄ به آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو۔ ڇو ته پاڻ آمريت خلاف مسلسل جدوجهد جاري رکي ۽ مسلسل ڌمڪين جي باوجود ڊرائنگ روم جي سياست جي بجاءِ عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ آخري گهڙيءَ تائين وڙهندي رهي۔ هن وقت پيپلز پارٽي جي قيادت سندس نالي سان ڪيتريون ئي شيون ايجاد ڪري پنهنجو وجود بچائيندي رهي ٿي، پر بينظير جهڙو ڪردار ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.