بلاگنئون

ٻالڪ ادب جي ليکڪ: علي محمد درد سولنگيءَ سان ڳالهه ٻولهه

علي محمد درد سولنگي 21 نومبر 1965ع تي قاضي مير محمد سولنگيءَ جي گهر دادوءَ ۾ جنم ورتو، سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ درس و تدريس جي پيغمبري پيشي سان سلهاڙجي سنڌ جي نوجوان نسل جي ذهني آبياريءَ ۾ رڌل آهي. سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ مشهور شاعر ۽ نثر نويس جي آهي، شاعريءَ ۾ ”درد“ تخلص اختيار ڪيائين. شاعري ۽ نثر ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آھن. گڏوگڏ سندس شاعريءَ جا ڪيترائي اسم مشهور ڳائڻن ڳائي مقبول ڪيا آهن. هو مستقل ۽ مسلسل لکندڙ، هڪ جاکوڙي، همدرد ۽ حساس دِل وارو اديب آهي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي فن ۾ ٻالڪ ادب کي پڻ خاص اهميت ڏني آهي. اچو ته کانئن سندن باري ۾ ۽ ٻالڪ ادب بابت ڪي سوال پڇون.

سوال 1: ادا علي محمد پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ڏي مائل ٿيڻ جو سبب مختصر ٻڌايو.

جواب: منهنجي پيدائش 21 نومبر 1965ع ۾ پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگيءَ ۾ ٿي، هي ڳوٺ دادو تعلقي ۾ ڦلجي اسٽيشن کان اوڀر طرف سولنگين جي راڄڌاني طور مشهور ماڻڪ تاري ڀرسان آهي. هي علائقو درياءَ جي ڀر ۾ هجڻ ڪري تمام زرخيز علائقو هو ۽ آهي، هي علائقو واپار جي لحاظ کان به مشهور آهي. ان ڪري ئي انگريزن هتي ريلوي اسٽيشن تعمير ڪرائي ۽ ريل هتان جي آمدرفت ۽ وڻج واپار جو ذريعو هئي.

منهنجو ننڍپڻ پڻ نج ٻهراڙي واري ماحول ۾ گذريو. پنج درجا پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪري. هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ داخلا ورتي. جيئن ته ان وقت ڇوڪرين لاءِ الڳ هاءِ اسڪول نه هو، اُن ڪري ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ پڙهندا هُئاسين. اتان پوءِ ڪامرس ۾ ڊپلوما ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (سنڌي ادب) ۽ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد مان بي ايڊ ڪئي. منهنجو ننڍپڻ به عام ڳوٺاڻي ٻار جيان گهٽين ۾ بلور، اِٽي ڏڪر، هودڙي بال، سَٽَ ڪُٽ، پڪڙ پائي، چور پوليس، اکٻوٽ کيڏندي ۽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪرڪيٽ، والي بال ۽ هاڪي کيڏندي ۽ گرمين ۾ دادو ڪينال ۾ وهجندي گذريو.

ننڍپڻ ۾ شرارتي گهٽ ۽ سنجيده ۽ سادو هوندو هئس، گهر ۾ مهمان ايندا هئا ته کين هٿ ڏيڻ، ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ کان گهٻرائيندو هئس، (اڄ ڏينهن تائين به ايئن آهيان. سادو ۽ شرميلو) اسين ڳوٺ جا قاضي، ان ڪري تعليم ۽ ڪتابن سان وڏڙن کان وٺي چاهه هلندو پئي آيو، اسان جي گهر ۾ ادبي بورڊ طرفان ڇپايل لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب، پرينِ، جِنَنِ جي ڪھاڻي وارا جلد، حاتم طائي، آتم ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ٻيا داستان هوندا هئا. سياري جي راتين ۾ انهن مان اسان کي به ڪهاڻيون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون، ائين پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. هاءِ اسڪول ۾ تعليم دوران گل ڦل ۽ ٻيا ڪتاب به پڙهياسين، پڙهڻ کانپوءِ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڪچو پڪو لکڻ ۽ ڇپرائڻ شروع ڪيوسين، اهو ڪچو پڪو لکڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي.

سوال 2: توهان جي پهرين تحرير ڪهڙي هئي ۽ ڇپجڻ تي تاثرات ڄاڻايو؟

جواب: 1992ع ۾ منهنجو پهريون غزل ”هاءِ ڪيڏي ڪيم وڏي غلطي“  روزاني ”سنڌو“ جي ادبي صفحي ”فرائيڊي اسپيشل“ ۾ شايع ٿيو، اهو صفحو ”رابيل شر“ جي نگراني ۾ شايع ٿيندو هو. پھريون ڀيرو پنهنجي تحرير شايع ٿيڻ تي ڪافي سرهائي ٿي هئي. دوستن به همت افزائي ڪئي. اها ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ان تحرير شايع ٿيڻ کان اڳ منهن جا گيت محترم منظور سخيراڻي، رضا حسين وسطڙو، سجاد يوسف ۽ ٻيا ڪافي فنڪار ڳائي چڪا هئا، پوءِ به پهرئين غزل ڇپجڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. اها اخبار سانڍي هئم، جيڪا اڄ به سانڍيل آهي.

سوال 3: ٻارن جي لاءِ لکڻ جو خيال ڪيئن آيو پنهنجي ٻالڪ ادب بابت ڪيل ڪم ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ ڏيو؟

جواب: جڏهن استادي پيشي ۾ آياسين، ٻارن سان ويجهڙائي ٿي ته انهن لاءِ لکڻ جو خيال آيو. پوءِ مون ٻارن لاءِ لکڻ شروع ڪيو، زياده تر شاعري ئي لکي اٿم جيڪا، گل ڦل، گلستان، ارچڪ مرچڪ، گلڙا ۽ ٻين رسالن کان علاوه اخبار جي ٻارن جي صفحن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي، منهنجا ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جا ٽي ڪتاب، 1. ٻار گلن جا هار 2005ع، 2. سهڻا ٻار 2012ع، 3. موتين داڻا 2017ع ۾ ڇپيل آهن، جن مان ”ٻار گلن جا هار“ تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) پاران ايوارڊ مليل آهي، جڏهن ته 2013ع ۾ ماهوار سنڌ راڻي ۽ رائيٽرس فورم حيدرآباد پاران ٻارن لاءِ جاکوڙيندڙ شاعر جو ايوارڊ مليو. اڃان ڪجهه ڪتاب آھن، جيڪي ڇپجڻ جا منتظر آهن، ڪوشش ڪبي اهي به جلد ڇپائي پڌرا ڪجن.

سوال 4: موجوده وقت سنڌ ۾ ٻارن جي ادب جي صورتحال کي تسلي بخش چئي سگهجي ٿو؟ جي نه ته پوءِ ٻالڪ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن.

جواب: موجوده وقت ۾ ٻاراڻي ادب ۾ ڪو خاص ڪم نه ٿي رهيو آهي، سواءِ چند ماڻهن يا ليکڪن جي، جيڪي به ”هڏان ڏيئي هڻاءِ“ تحت پنهجو رَتُ ۽ سَتُ ڏيئي پنهنجو ”نور  نچوئي“ رهيا آهن. وڏا وڏا ادارا صرف نالي ماتر يا وري پنهنجا نوازيءَ واري ڪم ۾ پورا آهن، حقيقي ليکڪ جيڪو ٻارن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، ان کي پوئتي ڌڪيو وڃي ٿو، ان جي جڳهه تي لاٺڙين کي پڇ ٻڌي مهري ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه سال اڳ هڪ ڀيڻ جيڪا سنڌي نصاب جي سليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبر به هُئي اُن ٻڌايو ھو ته ادا اوهان جا ٽي نظم، ٻه ٻئين ڪلاس ۾ ۽ هڪ ٽئين ڪلاس جي سنڌي جي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن، ٻن ڪميٽين انهن جي اپروول ڏني آهي، آخر ۾ اپروول ملي ته شامل ٿي ويندا، ليڪن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پتو پيو ته اهي نظم خارج ڪري پنهنجن کان ٻيا نظم لکرائي اُهي ڪورس ۾ شامل ڪيا ويا، اُهي نظم پوئين ٻن ڪميٽين ۽ گڏجاڻين ۾ هُئا ئي ڪونه. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ادارن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ٻالڪ ادب جي صورتحال تسلي بخش ڇو نه آهي؟ جيستائين ”ڏني ھار ڏنا، صابُوءَ ھار پاتا“ وارو سلسلو ختم نه ٿيندو تيستائين اها صورتحال رهندي.

سوال 5: توهان ٻارن لاءِ شاعري ڪئي آهي، پر نثر لکڻ طرف ڌيان نه ڏنو ان جو سبب؟ جڏهن ته توهان نثر به دلپذير لکو ٿا؟

جواب: ٻارن لاءِ نثر واقعي به مون ٿورو لکيو آهي، ان جو ڪو خاص سبب نه آهي، بس اهو آهي ته جيڪا ڳالهه نثر جي وڏن وڏن مضمونن ۾ سمجهائجي ٿي، اها ڳالهه شاعريءَ جي ٻن سِٽن ۾ ٻارن کي آساني سان سمجهائي سگهجي ٿي. باقي منهنجا ڪجھ مضمون لکيل آهن، ارادو آهي ته ڪجهه ٻيا مضمون به لکي ان ڪتاب کي به ڇپرائي ٻارن جي هٿن تائين پهچائجي، بس دعا ڪيو زندگي ۽ صحت ساٿ ڏئي.

سوال 6: سنڌي ادب ۾ ٻارن جي لکندڙ لکيڪن لاءِ ڪو خاص پليٽ فارم ڪونهي. اخبارن ۾ ٻارن جا صفحا ختم آهن، رسالا اڻ لڀ ٿي ويا آهن، هر ليکڪ پنهنجو ڪتاب پاڻ ٿو ڇپائي، حڪومتي ادارن ۽ سرڪار کي هن ڏس ۾ ڪو فڪر ڪونھي، ڇا ايئن بهتر ڪونهي ته ٻالڪ ادب جي ليکڪن کي گڏجي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ گهرجي ۽ هو گڏجي پبلشنگ ۽ ڊسٽري بيوشن لاءِ ڪو ادارو جوڙين، پنهنجي راءِ ڏجو؟

جواب: هن دور ۾ اهو هڪ مشڪل آهي، اڄڪلهه جي انا پرست ۽ ”مان“ واري معاشري ۾ اهو ڄڻ ته ناممڪن آهي، اڳ ۾ ”چڻنگ سنگت“ هوندي هُئي ان جي ميمبرشپ هئي ۽ ڪتابي سلسلو هلندو هو، پر اهڙي طرز جي تنظيم يا ادارو اڄڪلهه نٿو هلي سگهي، ادبي سنگت جو ٽماهي رسالو هزارين ميمبر هجڻ باوجود هر شاخ ۾ پنج ڪاپيون به کڻڻ لاءِ ڪو تيار ناهي هوندو. تنظيم جُڙندي ته هرڪو چوندو ”مان اڳ ۾“ اڳ ۾ منهنجو ڪتاب، ڳوٺن شهرن مان تنظيم کي ملندڙ چندو، چاٽِ ۾ هليو ويندو. اگر ڪٿان ڪا مدَدَ ملي ته انھن جا به پنهنجا شرط هوندا. بس سچو ادب ۽ سچو اديب سدائين سورن ۾، باقي ته سرڪاري ادارن مان ڪتاب ته ڇپجن پيا، سرڪاري ادارن جو پنهنجو ماپو آهي، جيڪو ان ڪسوٽي تي پورو لهي ان جو ڪتاب ڇپجي ويندو.

سوال 7: ٻارن جي لاءِ پنهنجو پيغام ڏجو.

جواب: ٻارن لاءِ  اها التجا آهي ته ”ڇو نه ڀلا پوءِ شرط پڄايون“ واري فارمولي مان نڪري، وقت ۽ حالتن کي ڏسندي پنهنجي تعليم ڏانهن توجهه ڏين. نئين دور جي نئين تقاضائن کي نظر ۾ رکندي، قائداعظم جي اصول، محنت، محنت، محنت، محنت تي عمل ڪندي، پنهنجي مقصد طرف وکون وڌائين، رستا ڪيڏا به ڪٺن ۽ پنڌ ڪيڏا به اڙانگا هجن، اهي هميشه پيرن هيٺان هوندا آهن ۽ مشڪلاتون منزل تي پهچڻ کان روڪي نٿيون سگهن.