ايڊيٽوريل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي معطلي ۽ شاگردن جي ٽائيم جو ذيان October 11, 2024 Zahida Abro هي سٽون لکندي افسوس ضرور ٿئي ٿو ته ٽيڪنالاجي جي هن ترقيءَ واري دور ۾ جڏهن دنيا خلا ۾ پهچي چڪي آهي. اسين سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جي لاءِ شاگردن کان ٽيسٽ وٺڻ جي به قابل نه آهيون، جيڪا ٽيسٽ ورتي وئي آهي ان تي سوين سوال پيدا ٿي چڪا آهن. شاگرد ڪيس کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دانهين رهيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو آهي ته انهيءَ ڪيس جي فيصلي اچڻ تائين ورتل ٽيسٽ جو نتيجو نه ڏنو وڃي. سيڪريٽري صاحب ڪورٽ ۾ بجاءِ ٽيسٽ جي صداقت کي ثابت ڪرڻ جي ميڊيا جي مٿان الزام هڻي رهيو آهي ته ميڊيا بليڪ ميلنگ ڪري رهي آهي، ڪوبه پيپر ليڪ آئوٽ نه ٿيو آهي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ميڊيا بليڪ ميلنگ ڇو ڪندي؟ جج صاحب پڻ هڪ سوال پڇيو ته سنڌ جي هڪ ننڍي شهر جي هائر سيڪنڊري اسڪول جا 33 ٻار اهڙا آهن جن جون مارڪون 190 کان مٿي آهن. جڏهن ته پيپر صرف 200 مارڪن جو آهي. هن سوال کانپوءِ شڪ شبها وڌن ٿا ۽ ٽيسٽ جي صداقت جي مٿان سوال اٿن ٿا. جڏهن ٽيسٽ ٿئي پئي ان وقت ئي رات جو سوشل ميڊيا تي خبرون اچي ويون هيون ته پيپر آئوٽ ٿي چڪو آهي، ان طرف سنڌ گورنمينٽ ڌيان نه ڏنو هو. هزارين شاگرد ٽيسٽ ۾ ويٺا يقينن سڀ جا سڀ ٻار محنتي هوندا، انهن پنهنجي قابليت تي ٽيسٽ پاس ڪئي هوندي ۽ مارڪون حاصل ڪيون هونديون. جڏهن ته ٽيسٽ جي شفافيت جو سوال اچي ويو آهي ۽ اهو الزام آهي ته پيپر ليڪ ڪري شاگردن کان لکين رپيا وٺي انهن کي سوال اڳ ۾ ئي ٻڌايا ويا هئا. هاڻي ايف آءِ اي کي به ڪورٽ طرفان حڪم ڪيو ويو آهي ته انهيءَ ڪيس جي ترجيحي بنيادن تي جاچ ڪري هڪ هفتي اندر رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري. هاءِ ڪورٽ صرف هڪ حڪم ڏئي ته جن 33 شاگردن جو حوالو ڪالهه هاءِ ڪورٽ ۾ آيو آهي انهن 33 شاگردن کي گهرائي انهن کان ٽيسٽ ٻيهر ورتو وڃي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. جيڪڏهن ٻار وري به 190 جي لڳ ڀڳ مارڪون کڻن ٿا ته پوءِ سمجهبو ته ٽيسٽ صحيح ٿي آهي ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ پوري ٽيسٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي جلد کان جلد نئين ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ انهيءَ ٽيسٽ جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هن ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن ڪا مبينا گڙٻڙ ٿي آهي ته ان گڙٻڙ ڪندڙ فردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي سخت سزا ڏني وڃي سندن نوڪريون ختم ڪيون وڃن ته جيئن هڪ دفعو هميشه جي لاءِ هي چور دروازو بند ٿي وڃي. اهو ڪم اسان جي عدالتن ۾ ويٺل ججن جو آهي ته اهي ڏوهارين کي ننڍي کان ننڍي ڏوهه تي به سزائون ڏين ته جيئن معاشري ۾ ڏوهارين کي ڏوهه ڪندي سزا جو خوف ٿئي ۽ اهي ٻيهر ڏوهه ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهن. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسان جي نوجوان نسل جو وقت ان قسم جا ڏوهاري ماڻهو جيڪي مختلف جاين تي ويٺا آهن برباد ڪندا رهندا ۽ پئسو به ڪمائيندا رهندا، نه صرف پئسو ڪمائيندا بلڪه مان سان ڳاٽ اوچو ڪري معاشري ۾ هلندا به رهندا. هر سال اهڙن ڏوهارين جي ڪري ٽيسٽ تي سوال اٿندا آهن ۽ محنت سان پاس ٿيندڙ شاگردن جي محنت ضايع ٿيندي آهي. پر مافيا ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪجهه به نه ٿيندو آهي اهي بي خوف ٿي ڪروڙين رپيا ڪمائيندا آهن. غريب ۽ هوشيار شاگردن جو حق مارجي ويندو آهي ۽ نااهل ٻار پئسو خرچ ڪري ٽيسٽ پاس ڪري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺي ڊاڪٽر بڻجي ويندا آهن. جنهن جا اگرا نتيجا وري مستقبل ۾ مريض ڀوڳيندو آهي. سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري ته هاڻي جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل آهي ته ان کي ترجيحي بنيادن تي هلايو وڃي ۽ ان جي روزاني ٻڌڻي ڪئي وڃي. آءِ ٽي جي ماهرن کي گهرائي انهن کان ماهرانه راءِ ورتي وڃي ته ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيو آهي ۽ ڪهڙن اڪائونٽن مان ڪيو ويو آهي ته جيئن ذميدار فردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ان کانسواءِ انهن ماهرن کان اها راءِ به ورتي وڃي ته اهي فول پروف سسٽم ڪيئن ٺاهي اڳتي جي لاءِ پيپر ليڪ ٿيڻ کان روڪي سگهن ٿا ۽ حڪومت کي پابند ڪيو وڃي ته هن سال ۽ ايندڙ سال داخلا جون جيڪي به ٽيسٽون ٿين ٿيون انهن ۾ اهو فول پروف سسٽم استعمال ڪيو وڃي. محنت ڪندڙ شاگرد کي سندس حق ملڻ گهرجي، چاهي اهو ڪنهن امير جو ٻار هجي يا ڪنهن غريب گهراڻي جو ٻار هجي. ظلم ۽ زيادتي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان طريقي سان هن ملڪ جو نظام وڌيڪ دير تائين نٿو هلائي سگهجي. Post Views: 239