نومبر 2024 کان وٺي سنڌ ۾ ڪئنالن جي خلاف جاڳرتا مهم شروع ٿي، جيڪا آهستي آهستي وڌندي هڪ تمام مضبوط تحريڪ جي صورت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ عوام جي هر طبقي مان ماڻهو ان ۾ شامل ٿيڻ لڳا. هر سياسي پارٽي ان ۾ شامل ٿي پنهنجو احتجاج ڪندي رهي. ان تحريڪ کي ان وقت وڌيڪ هٿي ملي جڏهن 18 اپريل 2025 تي ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ پنهنجي وڪيل ساٿين سان گڏ ۽ سنڌ جي ٻين بارن جي وڪيلن سان گڏ ڌرڻو هڻي باءِ پاس کي بند ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ڏانهن ويندڙ گڊس ٽرانسپورٽ کي بيهاري ڇڏيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان جي سڀني صوبن جي وچ ۾ سنڌ صوبي کي شهه رڳ جي حيثيت حاصل آهي، ڇو ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن وٽ سامونڊي بندرگاهه هجڻ جي ڪري ٻين صوبن جو سامان ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي اچڻ کانپوءِ ڪنٽينرن جي ذريعي ٻين صوبن ڏانهن روڊن ۽ رستن جي ذريعي روانو ٿئي ٿو ۽ انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي لاءِ خاص باءِ پاسن جا پوائنٽ آهن، جن کي جيڪڏهن بند ڪيو وڃي ته پنجاب، ڪي پي ڪي يا بلوچستان ڏانهن ويندڙ گڊس ٽرانسپورٽ کي مڪمل طور تي بند ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي صورتحال وفاق جي لاءِ ان وقت مسئلو پيدا ڪيو جڏهن پنجاب جي سرمائيدار طبقي جي صنعت لاءِ گهربل ڪچي سامان جي ترسيل ۾ مسئلو پيدا ٿيڻ شروع ٿيو. پنجاب ۾ اها رڙ شروع ٿي وئي ته جيڪڏهن انهن جو ڪچو مال وقت تي نه پهتو ته بين الاقوامي ڪاروبار ڪندڙ پرڏيهه سامان اماڻيندڙ صنعتون ويهي رهنديون، سندن آرڊر منسوخ ٿي ويندا ۽ کين شديد مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو. ان کان پهرين وفاق سنڌ جي عوامي احتجاج تي ڪوبه ڪن نه ڌريو ۽ 24 اپريل 2025 تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري اهو اعلان ڪيو ته 2 مئي تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ان ۾ ڪئنالن جو حل ڪڍيو ويندو، پر پنجاب ۾ سپلاءِ لائين ڪٽجي وڃڻ جي ڪري حڪومت کي مجبور ٿي 28 اپريل 2025 تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ڪئنالن جي منصوبي کي في الحال ملتوي ڪرڻ ۽ اڳتي جي لاءِ سنڌو درياءَ جي مٿان ڪوبه منصوبو اڏڻ کان اڳ ۾ صوبن جي وچ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي اعتراضن کي اهميت ڏيڻ جو واعدو ڪري عوام ڏانهن پيغام موڪليو ته ڌرڻي کي ختم ڪيو وڃي.
سي سي آءِ جي اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل وڪيلن جن جو ڌرڻي ۾ ويهڻ وقت کان وٺي اهو موقف هو ته انهن کي جيستائين سي سي آءِ جو نوٽيفڪيشن لکت ۾ حاصل نٿو ٿئي تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪندا ۽ نوٽيفڪيشن جي ٻوليءَ کي پڙهيو ويندو، ڪئنالن جي رد ٿيڻ کان گهٽ ڪنهن به ڳالهه تي وڪيل پنهنجو ڌرڻو ختم نه ڪندا، پر ان جي ابتڙ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪئنالن جي ملتوي ڪرڻ جو اعلان اچڻ کانپوءِ 29 اپريل 2025 تي صبح جو 5 وڳي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ مختلف جاين تي ويٺل وڪيلن کي اهو پيغام ڏنو ويو ته ڪراچي بار ايسوسئيشن پنهنجو ڌرڻو ختم ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ مختلف جاين تي ويٺل وڪيل پنهنجو ڌرڻو ختم ڪن، جيڪڏهن اهي پنهنجو ڌرڻو جاري رکندا ته انهن ڌرڻن کي ڪراچي بار ڪائونسل جي ڪابه پٺڀرائي حاصل نه هوندي. جيئن ته هن ڌرڻي ۾ سنڌ جي عوام تمام وڏيون اميدون وابسته ڪيون هيون ۽ عوام کي يقين هو ته هن ڌرڻي سنڌ جي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي ڌرڻو وفاق کي ان ڳالهه تي مجبور ڪندو ته ڪئنالن جي منسوخ ٿيڻ جو لکت ۾ اعلان ٿيندو، پر ايئن ٿيو ناهي. ان سڄي صورتحال کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڄڻ راڪاس گهمي ويو، ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو سي سي آءِ جي ان فيصلي تي خوش ٿين يا ڳوڙها ڳاڙين. سنڌ جو باشعور طبقو جيڪو سياست کي ويجهو کان ڏسي به رهيو آهي، سمجهي به رهيو آهي، انهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي خدشا پيدا ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ ڪجهه آواز لکت جي صورت ۾ اچڻ شروع ٿيا، جيڪي اڃان تائين اچي رهيا آهن ته سنڌ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ هن ڌرڻي کانپوءِ سٺا نتيجا حاصل ڪيا آهن، پر ساڳي جاءِ تي ڪجهه جذباتي احساسن کي اڀارڻ وارا ماڻهو به موجود آهن، جن کي ان فيصلي سان اتفاق ناهي اهي ان فيصلي سان سنڌ جي نقصان کي ڳنڍي رهيا آهن ۽ هن ڌرڻي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن. ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جو عوام جيڪو 18 اپريل کان 28 اپريل تائين هڪ مٺ وانگر بيٺل هو، هاڻي هڪ هٿ جي پنجن آڱرين وانگر الڳ الڳ بيٺل نظر اچي رهيو آهي، هر ڪنهن جو پنهنجو خيال آهي، هر ڪنهن جو پنهنجو سوچڻ جو زاويو آهي. اهائي جمهوري سماج جي خوبصورتي هوندي آهي. هن وقت سنڌ جي عوام کي پنهنجي ڪاميابيءَ تي فخر محسوس ڪرڻ کپي، خوش ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي عوام هڪ ايڏي وڏي مسئلي تي هڪ پرامن، پرعزم ۽ باشعور تحريڪ هلائي، نه صرف وفاق کي، پر سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته قومن کي ڪاميابي ڪڏهن به هڪ تحريڪ سان حاصل ناهي ٿيندي، ان جي لاءِ قومن کي صدين تائين گڏجي متحد ٿي باشعور انداز سان پنهنجا حوصلا بلند رکندي اڳتي وڌڻو پوندو آهي. اسان وفاق جو حصو آهيون ۽ هن وقت سنڌ پاڪستان جي چئني صوبن ۾ جهڙي طريقي سان پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي سياسي جدوجهد کي ۽ پنهنجي سياسي اتحاد کي مڃرايو آهي، اها ڪا معمولي ڪاميابي ناهي، ڇو ته سنڌ جي عوام جو صرف وفاق جي حڪومت سان نه بلڪه ٻين طاقتور ڌرين سان به مقابلو آهي. انهن سڀني کي جهڪائڻ ٻه قدم پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪرڻ سنڌ جي عوام جي وڏي ڪاميابي آهي. ان ڪاميابيءَ کي مستقبل ۾ فتح ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي عوام کي متحد رهي پنهنجي مسئلن کي مثبت نموني سان حل ڪرڻ جي لاءِ بنا ڪنهن تعصب، بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي گڏ ٿي بيهڻو پوندو. وفاق جي هر عمل تي عقاب جهڙي نظر رکڻي پوندي، پنهنجن وسيلن کي بچائڻ لاءِ گڏجي آواز اٿارڻو پوندو، پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ مستقل طور تي متحد ٿي پنهنجو آواز بلند ڪرڻو پوندو.
نوجوانن کي ٻين شعبن ۾ اچڻ کانسواءِ سياست جي ميدان ۾ به اچڻو پوندو، سياست صرف مخصوص طبقي جي لاءِ ناهي ڇڏڻي. سياست جي ميدان ۾ نوجوان متحرڪ با عمل ماڻهن کي عملي طور تي بلدياتي چونڊن کان وٺي قومي ۽ صوبائي سطح تي مقابلي ۾ اڳتي اچڻو پوندو ته جيئن سنڌ جي نوجوانن جي هڪڙي اهڙي قيادت پيدا ٿئي جيڪا سنڌ جي مسئلن کي حل ڪري ڪري سگهي. ان جي لاءِ سنڌ جي عوام جو متحد رهڻ بغير ڪنهن ٻوليءَ، مذهب ۽ جنس جي فرق کانسواءِ گڏجي سنڌ لاءِ بيهڻ ضروري آهي.