صدر ٽرمپ آمريڪا جو واحد صدر آهي جيڪو پنهنجي چار سالا دورِ حڪومت پوري ڪرڻ کانپوءِ چئن سالن جي وقفي کانپوءِ وري چونڊجي اقتدار ۾ آيو آهي. صدر ٽرمپ جي حلف برداري واري تقريب ۾ سندس ڪيل تقرير کانپوءِ سڄي دنيا ۾ هڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. وڏن وڏن ملڪن جا حڪمران روز ننڊ مان اٿڻ کانپوءِ پهرين پنهنجو ٽوئيٽر هينڊل کولي ڏسندا آهن ته اڄ ٽرمپ ڪهڙو بيان جاري ڪيو آهي ۽ ڪهڙي پاليسي ڏني آهي؟ صدر ٽرمپ روز سڄي دنيا کي پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن نئين بيان سان حيرت ۾ وجهندو رهي ٿو. هن پنهنجي ملڪ جي انصاف واري محڪمي ۾ گفتگو ڪندي چيو ته مختلف ميڊيا جا ادارا 97 سيڪڙو سندس لاءِ سٺو نٿا لکن ۽ کيس هڪ خراب صدر سمجهن ٿا. ميڊيا ججن تي اثر انداز ٿي قانون تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر هن وقت روس سان پنهنجا لاڳاپا جيڪي صدين کان آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ خراب رهيا آهن انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن تي به آمريڪي ماڻهن جي مٿس تنقيد جاري آهي.
هن وقت صرف ٽرمپ روس جي ويجهو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. نه صرف ايترو، پر يوڪرين کي مالي، اخلاقي ۽ عسڪري مدد ڏيڻ وارو ملڪ هن وقت ولاديمير پيوٽن سان گڏ بيٺل نظر اچي رهيو آهي. لڳي ٿو ته ٽرمپ جون پاليسيون هن وقت آمريڪا کي هڪ نئين رخ ۾ موڙڻ جي تياري نظر اچي رهي آهي، ڇو ته ڪيترائي يورپي ملڪ جن جو ڊفينس هن وقت نيٽو مهيا ڪري رهيو آهي، انهن ملڪن کي به صدر ٽرمپ اهو پيغام ڏنو آهي ته يا ته اهي نيٽو ۾ پنهنجي جي ڊي پي جو حصو وڌائين يا ته هو پنهنجي ڌار ڊفينس جو بندوبست ڪن، جيڪو يقينن انهن يورپي ملڪن جي لاءِ هن وقت تمام گهڻو ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڇو ته حفاظتي انتظامن تي خرچ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. 28 فيبروري 2025 تي وائٽ هائوس ۾ دعوت تي آيل يوڪرين جي صدر زيلنسڪي سان جيڪو آمريڪا جي وائٽ هائوس ۾ ٿيو اهو سڄي دنيا جي حڪمرانن جي لاءِ ڪنهن حيرتناڪ واقعي کان گهٽ نه هو. 15 مارچ 2025 تي آمريڪا جي وزير خارجه مارڪو روبيو ڏکڻ آفريقا جي هڪ سفير تي آمريڪا ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان نفرت جو الزام لڳايو آهي. آمريڪا جي وزير خارجه مارڪو روبيو جمعي جي ڏينهن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي سفير ابراهيم رسول کي آمريڪا ۾ خير مقدم نه ڪيو ويندو.
هن وقت پاڪستان جا ڪيترائي ماڻهو آمريڪي شهريت حاصل ڪري آمريڪا ۾ پنهنجون خدمتون مختلف شعبن ۾ سرانجام ڏيئي رهيا آهن، جن سان ملڻ لاءِ سندن خاندان جا ماڻهو، دوست ۽ واقفڪار وقت بوقت آمريڪا جو چڪر لڳائيندا رهندا آهن، پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ آمريڪي صدر پاڪستان سميت 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابنديون لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. ڇو ته هر سال ڪيترائي نوجوان شاگرد جيڪي نه صرف نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو رخ ڪندا آهن، بلڪه پاڪستان مان ڪيترائي نوجوان آمريڪا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ داخلائون وٺي پڙهي يا ته اتي ئي نوڪريون ڪندا آهن يا پنهنجن ملڪن ۾ اچي خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، انهن جي لاءِ هن وقت صورتحال تمام گڻتيءَ جوڳي آهي. ذريعن موجب اها خبر پئي آهي ته ٽرمپ انتظاميه انهن 43 ملڪن کي ٽن ڪيٽيگرين ۾ ورهايو آهي، پهرين ڪيٽيگري ريڊ لسٽ جي آهي، هن ۾ افغانستان، ايران، لبيا، يمن ۽ اتر ڪوريا سميت 11 ملڪ شامل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي. ان ڪيٽيگري ۾ اهي ملڪ شامل آهن جن مان آمريڪا کي سخت خطرو آهي، انهن کي آمريڪا ڏانهن سفر ڪرڻ کان روڪڻ جي پاليسي آهي. اهڙي طرح ٻي ڪيٽيگري اورنج لسٽ جي آهي، جنهن ۾ پاڪستان، روس، سوڊان سميت 10 ملڪ شامل ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. اورنج لسٽ ۾ شامل ملڪ جي شهرين جا سياحتي ۽ اميگرنٽ ويزا محدود ڪيا ويندا. هن ڪيٽيگري ۾ مخصوص ويزا منسوخ ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ سياحتي ويزا، اميگرنٽ ويزا، بزنس ويزا، انٽرويو ويزا شامل آهن. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٽرمپ انتظاميه آمريڪا کي مستقبل ۾ ڪهڙي رخ ۾ وٺي وڃي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي ملڪ کي ڪهڙي طريقي سان هلائڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه ٽين ڪيٽيگري يلو لسٽ آهي، جنهن ۾ 22 ملڪن کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هن ڪيٽيگري ۾ اچڻ وارن ملڪن کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته سندن ماڻهو آمريڪا ڏانهن سفر ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن انهن ويزا جي لاءِ ڪا درخواست ڏني آهي ته سندن درخواست کي جاچ جي عمل مان گذاريو پيو وڃي.
بهرحال هن وقت آمريڪا پنهنجي پاليسين جي ڪري ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن ۽ رويي جي ڪري سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ پريشان ڪندڙ صورتحال جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اثر سڄي دنيا جي امن امان واري صورتحال تي به پئجي رهيو آهي. نه صرف آمريڪا کان ٻاهر جي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو هن وقت پنهنجن مختلف مقصدن لاءِ جيڪي آمريڪا ۾ وڃي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا پريشان آهن، پر آمريڪا ۾ رهندڙ آمريڪي شهري، آمريڪي ميڊيا ۽ سندس اپوزيشن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا ماڻهو پڻ هن وقت پريشان آهن ته ٽرمپ انتظاميه ان وقت ڇا ڪندي جڏهن سندس ڪيل فيصلن کي قانوني طور تي چئلينج ڪيو ويندو ۽ پوءِ ان جا آمريڪا تي ڪهڙا اثر پوندا. اسان سڀ هن وقت آمريڪا جي فيصلن ۽ مختلف ملڪن تي پوندڙ ان جي اثرن کي ڏسي رهيا آهيون.