بلاگنئون

سيپرا (SEPRA) جو قيام سنڌ حڪومت جو هڪ انقلابي قدم

ميڊيا جو ڪم حڪومتي ڪاروهنوار تي نظر رکڻ هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت عوام جي مفاد ۾ ڪم نٿي ڪري ته ان تي بلا شڪ سخت تنقيد ٿيڻ گهرجي، پر جيڪڏهن حڪومت جو ڪو قدم بهتر هجي ته انهيءَ جي ساراهه ڪرڻ به ميڊيا جو فرض آهي.
سنڌ حڪومت جو اهڙو ساراهه جوڳو قدم اسان جي سامهون سيپرا (سنڌ انرجي پاور ريگيوليٽري اٿارٽي) جي قيام جي صورت ۾ آيو آهي. هن وقت صرف بجليءَ کي ريگيوليٽ ڪرڻ، تقسيم ڪرڻ ۽ في يونٽ اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ صرف هڪ ادارو آهي جنهن کي نيپرا چيو ٿو وڃي. ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن وٽ ڪافي اختيار اچي چڪا آهن جن ۾ هو پنهنجا پاور انرجي جا ادارا به صوبائي سطح تي ٺاهي سگهن ٿا ۽ انهيءَ حق کي استعمال ڪندي سنڌ حڪومت سيپرا جو ادارو ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان جي باڊيءَ ۾ هڪ چيئرمين ۽ ٽي ميمبر هوندا، ان جي مالي سال 2024-2025 لاءِ تقريبن 20 ڪروڙ رپين جي بجيٽ پڻ رکي وئي آهي. سنڌ حڪومت ملڪي ۽ غير ملڪي پاور ڪمپنين سان گڏجي بجلي ٺاهڻ جا معاهدا ڪندي، انهن کان بجليءَ جي خريداري پڻ ڪندي، في يونٽ اگهه مقرر ڪندي ۽ ڊسٽريبيوشن جي لاءِ الڳ سان سنڌ صوبي اندر بجليءَ جي ٽرانسميشن لائين پڻ وڇائي ويندي. سنڌ صوبو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جتي اڻ کٽ ڪوئلي جون کاڻيون، شمسي توانائيءَ لاءِ سج جي ٻارهو ئي بي حساب روشني ۽ ونڊ انرجي لاءِ بدين، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي ساحلي پٽي ۾ تيز هوا جو ڪاريڊور موجود آهي. گهرج آهي ته بهتر سوچ جي، بهتر عمل جي ۽ بهتر مئنيجمينٽ جي، جيڪڏهن انهن وسيلن کي بهتر انداز سان ڪتب آندو وڃي ته سنڌ صوبو صرف پنهنجن وسيلن تي هڪ لک ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو، نه صرف پاڻ خود ڪفيل ٿي سگهي ٿو، پر پوري پاڪستان کي اضافي بجلي وڪرو ڪري ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ حڪومت جو کنيل هي قدم يقينن سنڌ صوبي جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. انرجي جو وافر ۽ سستو هجڻ صوبي اندر صنعت کي هٿي ڏيندو ۽ صنعتي انقلاب آڻيندو. جڏهن صنعتڪارن کي لڳاتار ۽ سستي بجلي مهيا ٿيندي جيڪو صنعتي چرخو هلائڻ جي لاءِ اهم جز آهي ته يقينن اهي سنڌ صوبي جو رخ ڪندا ۽ سنڌ ۾ جيڪو صنعتي فقدان آهي جنهن جي ڪري بيروزگار چوٽ چڙهيل آهي اهو فقدان ختم ٿيندو، بيروزگاري کي روڪيو ويندو، روزگار جا وڌيڪ ذريعا نڪري سگهندا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان بهتر قدم کي ڪيترو تيزي سان سنڌ سرڪار مڪمل ڪري ٿي. ان کانپوءِ جيڪي سرمائيدار ۽ ڪمپنيون سنڌ اندر بجلي ٺاهينديون انهن سان ڪهڙي قسم جا معاهدا ڪري ٿي، جنهن سان صنعتي انقلاب اچي ۽ عام ماڻهو کي سستي بجلي ملي ته جيئن انهن جو معيار زندگي بهتر ٿي سگهي. ان نئين منصوبي سان سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا ۽ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين مان فارغ ٿيل ڪيترائي انجنيئر ان پروجيڪٽ جو حصو بڻجي سگهندا. ڇو ته جڏهن به ڪنهن صوبي ۾ ڪو پروجيڪٽ ٺهندو آهي ته آئين مطابق پهريون حق اتان جي ماڻهن جو هوندو آهي ۽ مقامي ماڻهن کي 60 سيڪڙو نوڪريون ڏنيون وينديون آهن. اميد آهي ته سنڌ جي ڊوميسائل رکڻ وارن مقامي ماڻهن کي ننڍين ملازمتن کان وٺي انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل ملازمتن تائين اوليت ڏني ويندي. جيڪڏهن انهن جي صلاحيت ۽ هنر کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته ان جي لاءِ انهن انجنيئرن ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف کي ٻاهرين ملڪن مان خاص طور تي چين مان تربيت وٺرائي انهن کي ان پروجيڪٽ ۾ روزگار ڏنو ويندو. سنڌ حڪومت جي هن قدم سان سلهاڙيل صنعت ايندڙ ڏهن سالن جي اندر سنڌ صوبي کي غربت واري حالت مان ڪڍي خوشحالي واري حالت ۾ آڻي سگهي ٿي.
اسان يو اي اِي طرف نظر ڦيرايون ٿا ته اتي 50 سال پهرين ڪاريءَ وارا ڪک هئا، پيٽرول جي طاقت سان هينئر هو دنيا جو ترقي يافته خطو بڻجي چڪو آهي ته پوءِ اسان وٽ توانائيءَ کي پيدا ڪرڻ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل وسيلا موجود آهن، اسين انهن کي استعمال ڪري پنهنجي صوبي کي خوشحال ڇو نٿا بڻائي سگهون؟ ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن وٽ آئيني اختيار موجود آهن ته هو پنهنجي صوبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ملڪي يا غير ملڪي ڪمپنين سان ۽ صنعتڪارن سان سڌا سنوان معاهدا ڪري سگهن ٿا. هڪ دفعو ٻيهر ساراهه ڪندي مطالبو ڪريون ٿا ته انهيءَ جو ڦل سنڌي عوام کي جلد کان جلد ملندو.