ماتلي ۾ ھر سال سيٺ دريانو مل جي خدمتن جي ياد کي تازو رکڻ لاءِ اي ڊي خواجه صاحب ٻن کان ٽن ڏينھن تائين اکين جي علاج واسطي مفت طبي ڪئمپ قائم ڪرائيندو اچي، جنھن ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ماڻھن جي اکين جا مفت آپريشن ڪندي آھي، ماڻھن کي اکين جا لينس، دوائون ۽ چشما مفت فراھم ڪيا ويندا آھن ۽ انھن جي خوراڪ جو به بندوبست ٿيندو آھي. خدمت جي ان عمل سان ھر سال سوين مريضن کي فائدو ٿيندو رھي ٿو، جيڪا ڳالھ ساراھ جوڳي آھي. اسان اکين جي علاج جي مفت طبي ڪئمپ جي ھن موقعي تي اڳ ۾ به اھا ڳالھ ورجائي ھئي ۽ ھاڻ به ورجايون ٿا ته اي ڊي خواجه صاحب سيٺ درياني مل جي وفات جي موقعي تي اعلان ڪيو ھو ته ھو ماتلي شھر ۾ سخي انسان سيٺ درياني جي نالي کي زنده ھميشه زنده رکڻ لاءِ ان جي نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪندو جيڪو ماتلي ۽ آسپاس جي ماڻھن کي لڳاتار سھولتون مھيا ڪندو رھندو، سبب ڪهڙو آھي جو ان اعلان تي عمل ناھي ٿي سگھيو، ان بابت بي خبري آھي، پر ان باوجود اسان اي ڊي خواجه صاحب کي سندس اھو واعدو وري به ياد ڏيارڻ گھرون ٿا ته ھو ماتلي ۾ سيٺ دريانو مل جي نالي سان ھڪ اھڙو ادارو قائم ڪري جيڪو ماتلي ۽ آسپاس جي ماڻھن کي مستقل بنيادن تي مفت يا سستي سھولت مھيا ڪندو رھي. ماتلي ۾ اکين جي علاج لاءِ اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن پاران باقاعده اسپتال کلي وئي آھي، جيڪا روزانو جي بنيادن تي اکين جي بيمارين جو علاج جاري رکيو اچي، ڊونرس جي مدد سان تعلقه اسپتال ماتلي ۾ ٻارن جي نرسري جو وارڊ به قائم ٿي چڪو آھي ۽ گُردن جي صفائي وارو سينٽر به قائم ٿي رھيو آھي. ان باوجود ماتلي ۾ صحت جي حوالي سان اڃان به ڪافي سھولتون ميسر نه آھن، انھن مان ھڪڙي سھولت بلڊ بينڪ جو نه ھجڻ آھي. اسان ھن موقعي تي اي ڊي خواجه صاحب کي گذارش ڪنداسين ته ٿي سگھي ته ماتلي ۾ سيٺ دريانو مل جي نالي سان ھڪ بلڊ بينڪ قائم ڪرائي، جتان ضرورتمند ماڻھن کي ٿوري خرچ تي گھربل گروپ وارو رت مھيا ٿي سگھي. ان ڪم جي سلسلي ۾ ڪافي والنٽيئرس ماتلي ۾ ڪم به ڪندڙ آھن، جن مان ھڪ نمايان شخص جو نالو به کڻون ٿا اھو آھي خدا بخش ملاح، جنھن کي ڪي بي ملاح جي نالي سان وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو، منھنجي تازو ڪجهه ڏينھن اڳ ڪي بي ملاح سان ان سلسلي ۾ ڳالھ به ٿي ھئي جنھن چيو ته ماتلي ۾ اھڙي بلڊ بينڪ جي وڏي ضرورت آھي جيڪا ضرورتمندن کي به وقتِ ضرورت گھربل گروپ جو رت نامينل خرچ تي يا مفت ۾ مھيا ڪري سگھي. ھن سان گفتگو ۾ اھا به ڳالھ سامھون آئي ته ان ڪم تي ڪو ايترو وڏو خرچ به نه ايندو، ھن ٻڌايو ته 4 کان 5 لکن جي شروعاتي لاڳت سان ان ڪم جي مستقل بنيادن جي شروعات ڪري سگھجي ٿي. ھن ٻڌايو ته سوين والنٽيئرس آھن جيڪي رت جو عطيو ڏيندا رھن ٿا جن سان ھن جو رابطو آھي ۽ اھو رت ضرورتمندن کي ماتلي جي اسپتالن ۾ پھچايو وڃي ٿو، پر رت جا سمورا گروپ ڪنھن جاءِ تي اسٽور ڪري رکي سگھڻ جو ڪو بندوبست ٿيل نه آھي ان ڪري گھربل گروپن جي ماڻھن کي ڪالون ڪري گھرائي غريب ۽ ضرورتمند ماڻھن کي سھولتون رسايون وڃن ٿيون. ڪي بي ملاح ڪنھن تيل ڪمپني جي ٺيڪدار ڪمپني ۾ مزدوري ڪندڙ، انتھائي ايماندار ۽ خوش طبع ماڻھو آھي، جيڪڏهن مناسب لڳي ۽ اي ڊي خواجه صاحب جو سيٺ درياني مل جي انساني خدمتن وارن ڪمن کي ھميشه ياد رکڻ چاھي ته ان لاءِ اي ڊي صاحب کي ويجھو رھندڙ ماڻھو ان جي اکين جي ڪئمپ جي موقعي تي ڪي بي ملاح سان اڌ ڪلاڪ جي ملاقات ڪرائي سگھن ته ضرور ڪرائين. ايئن ڪنھن طرح ماتلي ۾ سيٺ دريانو مل جي نالي سان مستقل بنيادن تي بلڊ بئنڪ کلي سگھي ٿي ۽ اھڙو ادارو بھتر خدمت مھيا ڪري سگھي ٿو، جنھن تي ڪي بي ملاح مطابق ڪو وڏو خرچ به نه پيو اچي.