بلاگنئون پنهنجا وسري ويل مِٽَ February 5, 2024 Zahida Abro جڳ مشهور ڪتاب “Sapiens: A Brief History of Humankind by Yuval Noah Harari” مان ماخوذانسانن هڪ تمام اڻوڻندڙ راز سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. انسانن جا نه صرف بدتهذيب سئوٽ، ماسات آهن بلڪه ڪنهن دور ۾ سندن ڪيترائي بدتهذيب ڀائر ۽ ڀينرون پڻ هوندا هئا. اسان صرف پاڻ کي ئي انسان سمجھون ٿا، ڇاڪاڻ ته گذريل 10 هزار سالن کان صرف اسين ئي ڌرتيءَ تي آباد آهيون. اسان نه صرف پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي وساري چڪا آهيون، بلڪه پنهنجن سئوٽن ماساتن کي به سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪريون. ان بي رخيءَ جو سبب ڇا اهو ته ڪونهي ته اسان جا هٿ پنهنجن مِٽَن جي خون ۾ رڱيل آهن؟ ان ڳالهه جي کوج ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن وقت ۾ ڌرتيءَ تي انسانن جون انيڪ جنسون رهنديون هيون، جن ۾ ڪي اڄ کان ڏهه هزار ورهيه اڳ تائين انسانن جي اڄوڪي جنس يعني عاقلمان Homo-sapiens سان گڏ رهنديون هيون. Biology جي اڀياس ۾ مشترڪ پُرک Ancestor مان پيدا ٿيندڙ جنسن کي، جَينَس جي عنوان هيٺ گڏيندا آهن. ان جو جمع جنرا Genera آهي. مثال طور، پينٿرا جِينس منجھه شينهن، چيتا، ليوپارڊس ۽ جيگوَر مختلف جنسون آهن. حياتڙن Organisms کي اڀياس دان ٻٽي لاطيني نالي يعني جينس ۽ جنس کي ملائي سڏيندا آهن. مثال طور، شينهن کي پينٿيرا ليئو ڪوٺيو ويندو آهي. مطلب جينس پينٿيرا جي جنس ليئو. اندازو اهو ئي آهي ته هن مضمون جا سڀ پڙهندڙ عاقلمانHomo-sapiens آهن. يعني جينس هومو (مانس) جي جنس سيپينس (عاقل) سان تعلق رکندڙ. انيڪ جِينس يعني جنرا ملي ڪٽنب ٺاهين ٿا. جهڙوڪ ٻليون (شينهن، چيتا ۽ پالتو ٻليون)، ڪتا (بگھڙ، گدڙ، لومڙ)، ۽ هاٿي (هاٿي، ميموٿ، ماسٽوڊون). ڪٽنب جي سڀني رڪنن جو نسب ڪنهن مشترڪ پُرک سان وڃي ملي ٿو. مثال طور، سڀ ٻليون (ننڍڙي پالتو ٻليءَ کان وٺي خونخوار شينهن تائين) هڪڙي ئي مشترڪ پُرک فيلائين جو اولاد آهن جيڪو اڍائي ڪروڙ سال اڳ رهندو هو. عاقلمان به هڪ ڪٽنب سان تعلق رکن ٿا. اها اڻوڻندڙ حقيقت، تاريخ جو انتهائي سختيءَ سان سنڀاليل راز هو. عاقلمان ڪيتري عرصي کان پنهنجو پاڻ کي جانورن کان جدا سمجھندا هئا، اهڙا يتيم جن کي ڪٽنب آهي نه سئوٽ ماسات آهن ۽ نه ئي ڪي ابا ڏاڏا آهن، پر اهو ممڪن ناهي. اوهان کي اها ڳالهه پسند هجي يا نه، اسان هڪڙي تمام وڏي ۽ ناخوشگوار ڪٽنب جا رڪن آهيون جنهن کي وڏيون مِمون يا بن مانس Great Apes ڪوٺيو وڃي ٿو. اسان جي ويجھي ترين زنده مِٽَن ۾ (شڪل 1 ۾) ڏيکاريل چمپانزي، گوريلو ۽ اورنگوتان شامل آهن. سڀني کان ويجھا مِٽَ چمپانزي آهن. صرف 60 لک سال اڳ هڪ مادي بَن مانس کي ٻه ڌيئرون هيون. هڪ ڌيءَ جو اولاد چمپانزي آهن، جڏهن ته ٻي ڌيءَ جو اولاد اسين آهيون. انسان اوڀر آفريڪا ۾ اٽڪل 25 لک سال اڳ اڳوڻي ڀولڙن جي جينس آسٽرالوپٿيڪس (الهندي جا ڀولڙا) مان اسريا. لڳ ڀڳ 20 لک سال اڳ انهن قديم عورتن ۽ مردن مان ڪن فردن پنهنجو وطن ڇڏي اتر آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا کي آباد ڪيو. انهن علائقن جي موسم هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف هئي. مثال طور اتر يورپ ۾ برفاني ٻيلا هئا، جڏهن ته انڊونيشيا ۾ تمام گرمائيندڙ جھنگ هو. لحاظه انهن علائقن ۾ گذاري لاءِ مختلف صلاحيتون درڪار هيون. ان جي نتيجي ۾ انساني آباديون مختلف رخن ۾ اسريون ۽ مختلف جنسن ۾ ورهائجي ويون. سائنسدانن انهن مان هر جنس کي هڪ شاندار لاطيني نالي سان نوازيو آهي. يورپ ۽ اوڀر ايشيا ۾ اسرندڙ انسانن کي هومو نئينڊرٿالينسز (نئينڊر واديءَ جو ماڻهو) ڪوٺيو ويو. جنهن کي (شڪل نمبر 2) ۾ ڏسي سگھجي ٿو. عام طور تي هن کي نئينڊرٿال چيو وڃي ٿو. نئينڊرٿال اسان کان وڌيڪ ٿلها ۽ مضبوط جسم جا هئا. سندن بناوت يوريشيا جي برفاني دور واري ٿڌي موسم سان موافقت رکندڙ هئي. ايشيا جي اڀرندي وارن علائقن ۾ (شڪل نمبر 2) ۾ ڏيکاريل هومو اريڪٽس (اڀو ماڻهو) اسريا. سندن نسل 20 لک سال زنده رهيو، جنهنڪري کيس انساني نسلن جو جٽادار ترين نسل ڪوٺين ٿا. اهو رڪارڊ گھڻو ڪري اسان به ٽوڙي نه سگھنداسين. هڪ اندازي موجب ايندڙ هزار سالن ۾ اسان جو نسل به موجودہ حالت ۾ رهي نه سگھندو. لحاظه 20 لک سال زندہ رهڻ اسان جي موجودہ نسل جي وس کان ٻاهر آهي. انڊونيشيا جي جاوا ٻيٽ ۾ نويڪلومان Homo-Soloensis (تنها واديءَ جو ماڻهو) رهندا هئا. سندن جسم گرم موسم سان مطابقت رکندڙ هو. انڊونيشيا جي هڪ ٻئي ننڍڙي ٻيٽ فلورس ۾ قديم انسان ڄامڙو ٿيڻ جي عمل مان گذريو. انسان ان ٻيٽ تي ان وقت پهتا، جڏهن سامونڊي سطح تمام هيٺ هئي ۽ ٻيٽ تائين رسائي تمام آسان هئي. جڏهن سامونڊي سطح وڌي وئي ته ڪجھه ماڻهو ان ٻيٽ ۾ ڦاٿل رهجي ويا. ان ٻيٽ ۾ وسيلا ناڪافي هئا. لحاظه قداور ماڻهو جن کي گھڻي خوراڪ جي ضرورت هئي جلدي مرڻ شروع ٿي ويا. جڏهن ته انهن جي ڀيٽ ۾ ننڍي قد وارا ماڻهو وڌيڪ جيئڻ لڳا. لحاظه ڪيترن ئي نسلن کانپوءِ فلورس ٻيٽ جا ماڻهو ڄامڙا ٿي ويا. ان منفرد انساني نسل کي سائنسدانن هوموفلوري سائنسز جو نالو ڏنو. انهن جو وڌ ۾ وڌ قد صرف هڪ ميٽر هو ۽ وڌ ۾ وڌ وزن صرف 25 ڪلوگرام هو. جيتوڻيڪ هو پٿر جا اوزار ٺاهڻ جي لائق هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هاٿيءَ جو شڪار به ڪري وٺندا هئا. ڇو ته درحقيقت اتي جا هاٿي به ڄامڙا ئي هئا. سن 2010ع ۾ سائنسدانن اسان جي هڪڙي ٻئي ڀاءَ کي گمناميءَ کان بچايو، جڏهن هنن سائبيريا ۾ ڊينيسووا غار کي کوٽڻ دوران آڱر جي پِنڊيل هڏي ڳولي لڌي. هڏيءَ جي بڻيادي ڇيد مان خبر پئي ته آڱر ڪنهن اڻڄاتل انساني جنس جي آهي. ان جنس جو نالو سائنسدانن ڊينِيسووامان Homo-Denisova رکيو. ڪهڙي خبر اسان جا ٻيا ڪيترا ئي گم ٿيل مائٽ، ڪنهن غار، ڪنهن ٻيٽ يا ڪنهن ٻئي موسمي ماحول ۾ پنهنجي لڀجڻ جو انتظار ڪري رهيا هجن. جڏهن اهي انسان يورپ ۽ ايشيا ۾ اسري رهيا هئا، تڏهن اوڀر آفريڪا ۾ به اوسر جاري رهي. انسانيت جي ڪُک مان نيون جنسون ڦٽنديون رهيون، جهڙوڪ (شڪل 3) ۾ ڏيکاريل نيئنڊرٿلمان Homo-Neanderthal اُڀومان Homo-Erectus، هومورڊولفينسز (رڊولف ڍنڍ جو ماڻهو)، هوموارگاسٽر (ڪَمِي ماڻهو) ۽ آخرڪار اسان جي پنهنجي جنس جنهن کي اسان تڪبرانه نالي عاقلمان Homo-Sapiens (سياڻو ماڻهو) سان نوازيو آهي. مٿين جنسن مان ڪن جا فرد تمام ڊگھا هئا، جڏهن ته ٻين جا بندرا هئا. هڪڙا تمام خونخوار شڪاري هئا، جڏهن ته ٻيا صرف ڀاڄي خور هئا. ڪي صرف ڪنهن هڪ ٻيٽ ۾ رهندا هئا، جڏهن ته ٻيا ڪيترن ئي کنڊن ۾ رلندا رهيا، پر انهن سڀني جو تعلق جينس هومو (ماڻهه يا مان) سان هو. هو سڀ انسان هئا. مٿين جنسن کي انساني نسل جي سڌي ليڪ ۾ اوسر جو حصو تصور ڪرڻ اسان جي غلط سوچ رهي آهي. مطلب ارگاسٽرمان اُڀا Erectus ٿيا، اُڀومان مان نيئنڊرٿلمان ٿيا ۽ نيئنڊرٿلمان مان پاڻ اسرياسين. اهو يڪ رخائون اوسر وارو خاڪو غلط فهمي پيدا ڪري ٿو ته تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ هڪ کان وڌيڪ انساني جنسون وجود نه رکنديون هيون ۽ سڀ انساني جنسون اسان جو اڳوڻو روپ آهن. درحقيقت 20 لک سال اڳ کان وٺي 10 هزار سال اڳ تائين ڌرتيءَ تي هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي انساني جنسون رهائش پذير هيون. هڪ اندازي موجب ڪنهن دور ۾ ڌرتيءَ تي گھٽ ۾ گھٽ ڇهه مختلف انساني جنسون وجود رکنديون هيون ۽ اها ڪا عجيب ڳالهه ناهي. اڄ يڪ وقت رڇن جون ڪيتريون ئي جنسون موجود آهن. جهڙوڪ ناسي رڇ، ڪارا رڇ، سُرمائي رڇ ۽ قطبي رڇ وغيره. لحاظه اسان جو گھڻ جنسي ماضي نه، بلڪه اها اسان جي موجوده انفراديت آهي جيڪا نه صرف تعجب ۾ وجھندڙ آهي بلڪه هڪ مجرمانه غفلت طرف اشارو پڻ ڪري رهي آهي. شايد اهو اسان جو جرم ئي آهي جنهن اسان کي پنهنجي ڀائرن جي يادگيري ميسارڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر ان تي اسين وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي نه ٿا ڪريون، ڇو ته سياڻن سچ چيو آهي ته ويسر وڏي نعمت آهي. *** Post Views: 184