شرٽ جي ٻانهن هاڻي دروازي جي چاٻي ٿي ويندي
آمريڪي ماهرن هڪ اهڙي شرٽ ٺاهي ورتي آهي جنهن ۾ توهان جو پاسورڊ موجود هوندو جنهن سان گهر جا دروازا کلي ويندا. هي ٽيڪنالاجي ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڊزائين تان ورتل آهي. هن شرٽ جي ٻانهن تي هڪڙي اهڙي مقناطيسي چپ لڳل هوندي جيڪا هر ان دروازي کي کولي سگهندي جنهن جو ڪوڊ هن ۾ ڀريل هوندو. هن معلومات کي اسمارٽ فون سان بدلائي به سگهبو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن چپ ۾ بجلي جي ضرورت ڪانه هوندي ساڳي طرح جيئن ڪريڊٽ ڪارڊ ۾ به بجلي جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. هن شرٽ کي ٺاهڻ وارن ماهرن چيو آهي ته هي شرٽ گهٽ خرچ ۾ تيار ٿي ويندي ۽ ان کي ڌوئڻ سان به اها خراب نه ٿيندي. ان ڪپڙي تي استري ڪرڻ سان به اها خراب نه ٿيندي. ماهر هاڻي ان قسم جي ٽاءِ، رومال ۽ ڌاڳي کي ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪري رهيا آهن.