بلاگنئون

سنگهرپٽ جو سفر

ڪجھه ڏينهن ٿيندا جو ڳالهين ڳالهين ۾ سير و تفريح جي ڳالھه نڪتي ۽ انهن ڳالهين ۾ اياز حسين ڪولاچي چيو ته صاحب توهان موٽر سائيڪل تي تمام گهڻا ۽ ڊگها سفر ڪيا آهن، گرمي سردي جي پرواهه نه ڪندي الله توهار ڪري نڪري پوندا آهيو، سچ ته هن عمر جي حساب ۽ اهڙن سفرن ڪرڻ تي جس هجي اوهان کي، ڳالھه کي جاري رکندي چيائين ته مونکي به سسئي پنهونءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻي آهي پر رستي جي خبر ناهي.
مون اڪثر ڪري اهو سروي ڪيو آهي ته اسان جي اڪثر سنڌين کي اهڙن مزارن، تاريخي ماڳن مڪانن، قديمي ڪوٽن قلعن جي ڪا ڄاڻ ڪين آهي ڇو ته هنن جي اهڙن ماڳن يا تاريخ سان ڪا دلچسپي ڪين آهي يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو ته هنن وٽ هيل تائين ڪنهن معلومات ئي نه رسائي هجي ها هونئن به ڏٺو ويو آهي ته اسان جا اديب يا شاعر جڏهن ڪي به پروگرام ڪندا آهن ته هو پنهنجي شاعري پڙهي وارو وڄائي هليا ويندا آهن ڇو ته هنن کي شهرت جي بک هوندي آهي، جڏهن ته ادب سان واسطو رکندڙن کي گهرجي ته هو عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪن ته جيئن عوام ۾ اهڙن ڪردارن سان لڳاءُ پيدا ٿي ۽ هو ان طرف اچن، ان لاءِ عوام کي گسن پيچرن کان به واقف ڪجي ته جيئن اهي سفري سهوليت کان باخبر رهي ڪري لطيف جي ڪردارن کي پسي سگهن.
ان ڏينهن ايئن ڪچهري ۾ سسئي پنهون جي مزار جي ڳالھه نڪتي ته ڪافي دوستن سوال ڪيو ته اها مزار ڪٿي آهي جن کي مختصر طور تي سربستي ڄاڻ ڏنم جنهن تي اياز حسين ڪولاچي اصرار ڪندي چيو ته صاحب مون کي ڏاڍو شوق آهي مزار ڏسڻ جو سو ڪڏهن قرب ڪر ته ديدار ڪري اچون، جنهن تي اهو طئه ٿيو ته خميس 25.01.2024 تي سوير ڀرو هلنداسين ۽ تسلي سان درٻار تي حاضري ڀري دعا گهري واپس به اينداسين، ايئن پروگرام پڪو ٿي ويو .
خميس 25.01.2024 تي صبح جو نمره کي اسڪول ڇڏيم، جڏهن ته گهرواريءَ ۽ نمره کي ٻڌائي ڇڏيو هيم ته سڀاڻي هڪ دوست (HC اياز حسين ڪولاچي) سان سسئي پنهون جي مزار طرف ويندس، جنهن تي انهن اجازت ڏني ڇو ته مان گهر وارن کان اجازت ضرور وٺندو آهيان ته جيئن هو منهنجي پروگرامن يا سفرن بابت بي خبر نه رهن ۽ ايئن ڪرڻ ضروري به آهي، سو ساڍي اٺين بجي ڪورنگي ڪراسنگ وٽان اياز حسين کي کنيم ۽ پراڻا رستا وٺي ناگن چورنگي وٽان 1500 جو پيٽرول ڀرايم جيڪو پنج ليٽر ۽ شايد پنجيتاليهھ پوائنٽون مليو جنهن سان تيل جي ٽانڪي فل ٿي وئي ڇو ته 02 ليٽر کن اڳواٽ ئي پيل هو، اتان اڳتي ناردرن باءِ پاس، همدرد يونيورسٽي ۽ ساڪران ندي ڪراس ڪري هڪ هوٽل تي ٻنهي ڄڻن ڦڪي چانهه ۽ بسڪوٽن سان ناشتو ڪيو، جڏهن ته مان گهران ڪڻڪ جي پاروٿي ماني ۽ مٽرن جي پڪي پڪائي پلي جيڪا ميهڙ منجهان آئي هئي سا کائي آيو هئس ۽ اياز به گهران پيٽ جي پورت ڪري آيو هو، پر پوءِ به سياري جي سردي کي جهڪو ڪرڻ خاطر چانهه جون چسڪيون هنيونسين، باقي موسم جي مناسبت سان جاڪيٽون به پاتل هيون ته وري اجرڪ به اوڍيل هئا، مان هونئن به سدائين اجرڪ ۽ ٽوپي پائيندو آهيان باقي مون اهو نوٽ ڪيو آهي ته اسان جا اڪثر سنڌي ايڪتا يعني ڪلچر ڊي تي تصوير ڪڍرائڻ خاطر اجرڪ ٽوپي پائيندا آهن نت وڃي ٿيا ست خير .
هوٽل تي چانهه بسڪوٽن جو بل ادا ڪري صبح جو محبوب موسم ۾ قدرت جا نظارا پسندا، اوسي پاسي جي زمينن ۾ بيٺل چڪن ۽ ٻين فصلن بابت ڳالهائيندا حسن پير کان اڳتي وڃي عيسيٰ هوٽل کان کاٻي هٿ تي مزار طرف مڙياسين ڇو ته اڳتي وارو سڌو رستو لنگھ لوهار، حب ڊيم، نوراني ڪراس ۽ نوراني ڪراس کان هڪ رستو دريجي ۽ ٻيو رستو لاهوت لامڪان، محبت فقير ۽ شاهه بلاول نوراني طرف وڃي ٿو، پر اسان جو سفر انهيءَ طرف نه پر شاهه لطيف جي امر ڪردار سسئي پنهونءَ جي مزار هو ان ڪري موٽر بائيڪ جو رخ کٻي طرف ڪيوسين.
عيسيٰ هوٽل تي ڪجھه عرصو پهرين شاعر ايوب لاهوتي مزار جي نشاندهي ۽ عقيدتمندن جي سهوليت ۽ رهنمائي خاطر هڪ نئون بورڊ لڳايو هو، جنهن سان ماڻهن کي مزار ۽ فاصلي بابت خبر پوي ٿي ۽ اهو هڪ سٺو عمل آهي، اهو بورڊ هاڻي به هو، پر جيئن ته عيسيٰ هوٽل کان عباس چوڪي تائين روڊ جو ڪم ٿي رهيو آهي، ان ڪري انهيءَ ۽ ٻين پراڻن بورڊن کي هٽائي هڪڙي وڻ سان ٽيڪ ڏئي بيهاريو ويو آهي، اهو روڊ ڪيسيتائين ٺهندو سو يقين سان نٿو چئي سگهجي، ها باقي عباس چوڪي تائين رستو تيار ڪيو ويو آهي، جتي باقي ڏامر جو آخري ڪم رهيل آهي ان هوندي به رستو بهترين ۽ سڌو آهي جڏهن ته ان کان اڳتي وارو رستو نانگ جي پٽي وانگر هو ۽ اهو رستو خاص ڪري برساتن ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندو هو، ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي اهو رستو سسئي پنهونءَ جي مزار ۽ منهنبار کان ٿيندو وڃي وندر ۾ دنگ ڪري ڇو ته هن وقت اتان جي آبادي جي گهرج ۽ ضرورت به آهي، تنهنڪري هن جديد دور ۾ عوام کي بنيادي سهوليتون ملڻ گهرجن ته جيئن ٻهراڙين جو عوام شهرن تائين آساني سان ڪاروبار ڪري سگهي.
اسان به عيسيٰ هوٽل کان اڳتي هلندا پاڻ ۾ گذريل سفرن ۽ سسئي پنهون جي عشق جون ڳالهيون ڪندا وڃي عباس چوڪي وٽ پهتاسين جتي سدائين کيکڙا يا ڪيڪڙا گاڏيون بيٺل هونديون آهن، جيڪي شايد اڳ اڳتي رستو نه هجڻ سبب مزار تائين ڪرائي تي هلنديون هيون ڇو ته هاڻي عباس چوڪي کان اڳتي واري گس تي هر قسم جي گاڏي اچي وڃي سگهي ٿي، پوءِ به اهي کيکڙا جيڪي ٿر جا جهاز سڏبا آهن سي جبلن جا به جهاز ئي آهن، اهڙا کيکڙا مون لاهوت ۾ محبت فقير جي مزار کان شاهه بلاول نوراني سرڪار جي مزار تائين هلندي ڏٺا آهن، پر اتي به هاڻي پڪو رستو ٺهي ويو آهي، ها پر عباس چونڪي کان اڳتي هنن کيکڙن ۾ اهي ماڻهو سفر ڪندا آهن جيڪي پري ۽ مختلف شهرن کان وڏين بسن ۾ مختلف درگاهن وانگر هتي به ايندا آهن، عباس چوڪي کي چوڪي ان ڪري چوندا آهن جو هتي بلوچستان ليويز پوليس جي چوڪي آهي ۽ هتي هر وقت پوليس موجود رهندي آهي، پر اها پوليس سنڌ پوليس وانگر ايندڙ ويندڙ کي تنگ ڪري پيسا نه وٺندي آهي.
عباس چوڪي کان اڳتي وارو رستو سولو به آهي ته ڏکيو به آهي، ڪٿي پٿريلو، ڪٿي مٽي، ڪٿي لاهي، ڪٿي چاڙهي مطلب ته پوءِ به سفر ۾ ٿڪاوٽ محسوس نٿي ٿي، ڇو ته جبل جون اوچايون، جبلن تي مختلف وڻن، جبلن تي چرندڙ اٺ ۽ ٻڪريون، رستي سان لنگهندڙن جو هٿ مٿي ڪري السلام عليڪم چوڻ ۽ موٽ ۾ واعليڪم السلام سان دعا ڪرڻ سچ ته قلب کي قرار بخشي ٿو. عباس چوڪي کان چاچي امام بخش خاصخيلي جي هوٽل کان بنا بريڪ وڌندي (ڇو ته فيصلو ڪيوسين ته چاچي جي هوٽل جي چانهه جون چسڪيون واپسيءَ ۾ هڻبيون ڇا لاءِ ته هن هوٽل تي نج ڳائي کير جي چانهه پيئڻ جو سواد ئي الڳ هوندو آهي، پر جڏهن واپسي تي چانهه لاءِ بريڪ ڏنو ۽ معلوم ڪيو ته پتو پيو ته چاچو بيمار آهي ۽ ڳوٺ ويل آهي).
هي هوٽل ور جي علائقي ۽ پٻ جبل جي قطار سان گڏ آهي جتان اڳڀرو ئي پٻ جبل وٽان لنگھه ٺهيل آهي، هن جبل جو نظارو ۽ لنگھه نهايت ئي اوکو، پر پوءِ به من کي موهيندڙ آهي سچ ته دل چوندي آهي ته پٻ تي ڪي پل گهارجن ۽ سسئي جي ماضيءَ کي ياد ڪري عشق کي نئين سر اڀارجي ڇو ته جنهن دل ۾ عشق ناهي ان کي انسانن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ بيوقوفي آهي، سچ ته جهڙو عشق سسئيءَ ڪيو تهڙو عشق ڪرڻ هر ڪنهنجي وس جي ڳالھه ڪونهي ڪا، پٻ واري لاهيءَ کان ٿوري ئي فاصلي تي ڳنئن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ جيڪو اڪثر ڪري ٻٻرن جي ڇانو ۾ ويٺل هوندو آهي يا اتي ئي آس پاس پيو چرندو آهي، پر اسان جڏهن به ويندا آهيون ته بس ڪراس ئي ڪري ويندا آهيون ۽ ڪڏهن به اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته اهي ايترا سارا جانور هن جابلو علائقي ۾ پاڻي ڪٿان ٿا پيئن، اهو ان ڪري به جو جڏهن به ويا آهيون تڏهن فيملي ساڻ هوندي آهي يا وري اتي ڪو ڳنوار ۽ ٻڪرار نظر ناهي ايندو، پر هن ڀيري جيئن ته اياز گڏ هو ۽ اتي هڪ ڇوڪرو هٿ ۾ لٺ کنيو ويٺو هو کان معلوم ڪيو ته هنن جانورن کي پاڻي ڪٿان پيئاريندا آهيو، جنهن چيو ته هتي سسئيءَ جا کوهه آهن، اهو ٻڌي اسان جو چاهه ويتر وڌي ويو ۽ انهن کوهن جو جائزو ورتوسين جيڪي نهايت ئي قديم هئا، جن منجهان سولر جي پليٽن وسيلي موٽر هلائي پاڻي ڪڍي حوض کي ڀريو ٿي ويو ۽ اسان جڏهن انهن کوهن ۾ ليئو پاتوسين ته پاڻي صاف نظر اچي رهيو هو ۽ اندر ڏيڏر به تري رهيا هيا.
سسئيءَ جي کوهن جو نظارو ڪري وري اڳتي وڃي هڪ ڦٽل ۽ تباهه ٿيل ڳوٺ وٽان (هتي هڪ قبر آهي جنهن تي پڙ پيل آهن ۽ اوسي پاسي ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي قديم قبرون آهن، هڪ مسجد جا آثار به آهن جنهن منجهان معلوم ٿيندو آهي ته هتي ڪنهن وقت ۾ آبادي هئي جيڪا يا ته تباهه ٿي وئي يا وري تباهه ڪئي وئي، ڪتاب لکن ٿا ته هن علائقي مان محمد بن قاسم جو گذر ٿيو هو وڌيڪ رب کي خبر) ڪراس ڪري وڃي شاهه لطيف جي امر ڪردار ۽ عشق جي داستان جي اڳواڻ سسئي پنهونءَ جي مزار تي پهتاسين، جتي حاضري ڀري دعا گهريسين، اتي ئي ڀرسان اڇو ٻڪرار جي قبر به آهي، هي اهو خوش نصيب انسان هو جنهن سسئي ۽ پنهونءَ جو ديدار ڪيو ۽ اتي ئي مجاور ٿي زندگي گذاريائين چون ٿا ته هاڻوڪو مجاور / خليفو / گادي نشين فقير عبدالرحمان ٻرو اڇو جي خاندان منجهان آهي، سسئي پنهونءَ جو ميلو هر سال اسلامي سال جي شعبان مهيني جي 12.11 ۽ 13 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي جتي راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي آهي ۽ ميلي جي ڏينهن ۾ پري پري کان ماڻهو ايندا آهن ۽ بازار سجائي ويندي آهي، سچ ته عاشقن جي اڱڻ تي سدائين ميلا متل هوندا آهن.
سورن جو سسئيءَ کي، ڏاتر ڏنو ڏيج،
سمجهي سو سيج، سُتي سنگهرپٽ ۾. (مهر فقير)
اسان اتي چڱو خاصو وقت گهاري اوسي پاسي جو ديدار درشن ڪري ۽ جائزو وٺي وري اڳتي منهنبار طرف روانا ٿياسين، منهنبار مزار کان تقريبن 02 يا 03 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي، هتي ئي ماڻهن جي ڳالهين مطابق سسئي جو لوٽو گم ٿي ويو هو جڏهن سسئي وندر کان واپس وري هئي، هتي ئي محمد امين ٻري جو هوٽل آهي، هتان کان وندر ڏهاڪو کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، هن کان اڳ آئون هتي ٽي ڀيرا اچي چڪو آهيان، هي چوٿون چڪر هو.
جڏهن برساتون وسنديون آهن تڏهن جبلن تان لهندڙ پاڻي گڏ ٿي ڪري منهنبار نديءَ کان ڪراس ڪندو آهي جيڪو ايئن ئي ضايع ٿيندو رهندو آهي سو ان پاڻيءَ کي وقت سر استعمال ڪرڻ خاطر بلوچستان سرڪار هتي ڊيم ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهي آهي جيڪو تيزيءَ سان جاري هو، سچ ته مون اهڙا ننڍا ننڍا ڊيم نوراني ڪراس کان دريجي ۽ شاهه بلاول نوراني سرڪار واري رستي تي ڪافي ڏٺا آهن جن ۾ جمع ٿيل برساتي پاڻي اتان جا ماڻهو پيئڻ کان سواءِ زراعت ۽ جانورن لاءِ ڪتب آڻين ٿا سو هتي منهنبار ندي تي به ڊيم جي اشد ضرورت هئي، اسان به سلام ڪري محمد امين سان ملياسين جنهن مون کي سڃاتو ته تون اڳ به هتي آيو آهين، اتي چانهه پي بسڪٽ کائي خوب انجواءِ ڪيو ۽ سسئي جي لوٽي واري جاءِ ڏسي واپسي ڪئيسين.
هن ڀيري هڪ خاص ڳالھه نظر آئي ته وندر کان هن رستي سان ايراني تيل عام جام سپلاءِ ٿئي ٿو جيڪو خاص ڪري ڊاٽسنن ۽ بائيڪن وسيلي وڪرو ٿئي ٿو ڇو ته جڏهن کان ايران ۽ پاڪستان جون جهڙپون شروع ٿيون آهن تڏهن کان وٺي تيل جابلو رستن وسيلي مختلف شهرن تائين پهچي ٿو ۽ اهڙو سپلاءِ سسٽم مون تازو ئي آچر 31.12.2023 تي وندر واري دوري دوران کارڙي ناڪو چيڪ پوسٽ کان اڳتي ڏٺو هو جتي ايراني تيل جو ڪاروبار سرعام ٿي رهيو هو.
منهنبار تي ماضيءَ جي لمحن کي ياد ڪري چانهه جي چسڪين بعد محمد امين سان ڀاڪر پائي حياتي رهي ته وري اچڻ جو چئي موڪلائي ڪري سسئي پنهونءَ جي مزار تي غلام نبي ٻرو جي دوڪان تان نمره جي لاءِ شيءَ جنهن ۾ نقل، ڀڳڙا، ريوڙيون ۽ ترن جا بوڙينڊا وغيره ورتم جنهن صبح جو چيو هو ته اتان ڪجھه نه ڪجھه وٺي اچجانءِ ايئن اياز حسين به خريداري ڪئي، هاڻ جيئن ته وقت ڪافي ٿي ويو هو ۽ رات جو وري نوڪري به ڪرڻي هئي، ان ڪري اتان واپسي ڪئيسين ۽ خاصخيلي هوٽل تي چانهه پيتيسين، بعد ۾ ساڳيا لاٽون ساڳيا چڳھه تحت هلندي اچي شام جو پنجين بجي اياز حسين کي ابراهيم حيدريءَ ۾ گهر ڇڏي وري پنهنجي گهر اچي نمره سان ڀاڪر پائي چميون ڏئي مليس ۽ کيس سسئي پنهونءَ جي مزار تان آندل شيءِ ڏنم جنهن تي هوءَ ڏاڍو خوش ٿي وئي، سو هاڻ موڪلاڻي ناهي باقي ساهه سلامت رهيا ته وري ڪنهن ٻي سفر سان اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿبو.