سنڌ جي پاڪ سر زمين جو ڄائو سُئي گيس ٽرانسميشن جي مائيڪرو ويو (فون ۽ وائرليس+) سسٽم جو ڄاڻو انجنيئر محترم محمد رفيق جتوئي جنھن SGTC اداري کي الوداع ڪري پنھنجي اعليٰ منصب کي آخري سلام ڪندي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارڙن جي روشن مستقبل واسطي وڃي ڪئناڊا جو ديس وسائڻو پيو.
رفيق صاحب رکي، رکي سنڌ ۾ پنھنجن اباڻن ڪکن نوان جتوئي ۾ حاضر ٿي سڄڻ ساٿين عزيزن سان سڪ ڀريون ملاقاتون ڪرڻ ايندا رھن ٿا. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجھو ساٿي اڳوڻو وزيراعظم جناب غلام مصطفيٰ خان جتوئي سندس ويجھو عزيز ھو.
سائين جن اھڙا قرب ڪندي پاڻ ۽ پنھنجي دوست سان گڏجي 10 فيبروري جي شام ڌاري قاسم آباد واري رھائشگاھ تي ڀلارا پير کڻي ڪجھه گھڙين لاءِ آيا. سندن نوازشون جو مون کي پنھنجي قرابتداري ۾ شامل ڪندي مان بخشيو. ھن ڪچھري ۾ جيڪي سينيئر عزيز گڏ ٿيا تن ۾ مانوارو عبدالعزيز ڀرڳڙي، جناب مقبول احمد چنا، محترم منظور احمد ميمڻ، عزيزم مير چنيسر ۽ جناب محمد انور سومرو جيڪو پاڻ به ڪئناڊا جو رھواسي ٿي چڪو آھي ان کي به رفيق جتوئي صاحب سان ڪچھري لاءِ سڏ ڪيوسين ته پنھنجي ملڪ جي شھري سان ملاقات اچي ڪريو. بهرحال ڪي سڄڻ ساٿي آيا ته ڪي پنھنجين مصروفيتن سبب نه پھچي سگھيا. تن جو به سدا خير ھجي جيڪي شريڪ ٿيا سي به خوش رھن.
رفيق جتوئي صاحب جيئن ته SGTC اداري (ھاڻ نالو SSGC) جي ھڪ ڊپارٽمينٽ ۾ بالا آفيسر رھيو ھو، (تنھنڪري پاڻ مون جھڙي 1984 ۾ داخل ٿيندڙ ننڍڙي ملازم جو به صاحب ھو، تنھن ڪري کيس ساڳي عزت بخشيندي “صاحب” چوڻ جو لطف ۽ نوڙت جو پنھنجو مزو آھي). ڪمال جو انجنيئر ۽ ڄاڻو ته ھو، پر منجھس جيڪا شفقت، ھمدردي، محبت ۽ مڻيادار مڻيا ھئي تنھن اسان کي دادو ھيڊ ڪوارٽر ۾ ملازمت ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. ٻي حالت ۾ ٽنڊوالهيار جو جوان منظور حسين ڪٿي دادو ۾ اچي نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ھا. ڇو جو، دادو اسان واري مروجه روايتن موجب پرديس ھو. جتي مون فيملي ڪوارٽر ملڻ بعد لڳاتار 9 سال عاليشان انداز سان نوڪري ڪئي.
رفيق صاحب سان ٻي ويجھڙائپ تڏھن ٿي جو پاڻ ليکڪ طور به اوچتو ظاھر ٿيو جڏھن سندس لکيل بھترين ڪتابن“لوچان ته لھان” جھڙو شاهڪار ڪتاب سامھون آيو جنھن ۾ يادگيريون به آھن ته سارون ۽ يادون به آھن. مظلوم سان محبتن جا اظھار توڙي ظالمن سان شديد نفرتن جا سبق به ملن ٿا. پوءِ سوشل ميڊيا سبب قاسم آباد ۽ ڪئناڊا ھزارين ميلن جون دوريون پل ڀر ۾ ختم ڪري ڇڏڻ سبب ھڪ ٻئي جي خبرگيري لھڻ لڳا آھيون.
تڏهن ته 10 فيبروريءَ 2026ع تي جتوئي صاحب سان لڳ ڀڳ 25-30 سالن کانپوءِ خبرگيري لھڻ لاءِ روبرو ملاقات ٿيڻ تي سچ پچ گھڻي خوشي ٿي. جڏھن آئون به رٽائرمينٽ جي زندگي بسر ڪريان پيو. هن ملاقات ۾ گھڻن کي ساريوسين؛ امداد حسين بلوچ، نعيم الرحمان آخوند، شوڪت علي چنا، رشيد احمد خانزادہ، شريف خانزادہ، آصف ميمڻ، بشير احمد ميمڻ، غلام رسول کٽياڻ، اڪبر قريشي جهڙا دوست شامل آھن.. گھڻو ڪجھه ماضي جي حوالي ڪري حال ۽ مستقبل لاءِ خوشين، سڪ ۽ محبتن کي زنده رکڻ واسطي ھن قسم جون ملاقاتون يادگيريون ۽ سلام دعائن جو رابطو ھڪٻئي کي وسارڻ نه ڏيندو. ڇو جو خبر ناھي ته زندگيءَ جو سڳو ڪٿي ڪنهن جو ٽٽي پوي.