بلاگنئون

خديجه دائودپوٽا جي مضمون نگاريءَ جو جائزو

خديجه خاتون دائودپوٽي جي ولادت 1918 ۾ حيدرآباد ۾ ٿي ۽ 21 جولاءِ 2001 تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. هن “اديون” رسالو جاري ڪري سنڌ جي عورتن ۾ علمي، ادبي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. سندس ٻه مضمون نظر مان گذريا، جن بابت پنهنجي راءِ ڏئي رهي آهيان.

بيگم خديجه دائودپوٽو جو لکيل مضمون “اسلام ۽ عورت” مارچ 1951 ۾ نئين زندگي ۾ شايع ٿيو، جيڪو ھڪ لاجواب مضمون آهي. پاڻ پنهنجي ھن مضمون ۾ اسلام کان اڳ ۽ اسلام جي ظھور کانپوءِ جي حيثيت کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ھوءَ پنهنجي مضمون ۾ انهيءَ زماني جي مردن جي ظلمن کي نندي ٿي جيڪي عورت کي پنهنجي ملڪيت سمجھندا رھيا. هن قرآني دليلن سان عورتن جي اهميت کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھوءَ انهيءَ ساڳي مضمون ۾ عورتن ۽ مردن جي وراثت ۽ ھڪ کان وڌيڪ شادين جو به ذڪر ڪري دليلن سان واضح ڪري ٿي ته چئن شادين جي اجازت ڪھڙي حالت ۾ آهي، ان کان علاوه مردن ۽ عورتن جو وراثت  ۾ ڪھڙو  حصو آهي. “مصنفه” جي تحرير مان ظاهر ٿو ٿئي ته کيس حديث ۽ فقه  جي به چڱي معلومات هئي.

خديجه صاحبه عورت کي اسلام جي دائري ۾ رهي زندگي گذارڻ جي تلقين ڪئي آهي. ھوءَ لکي ٿي ته ياد رکڻ گهرجي ته اسلام سڀني ڳالهين ۾ اعتدال ۽ وچ وارو رويو اختيار ڪرڻ کي پسند ڪيو آهي. تنهنڪري عورت ذات کي نه ڪي ايتري آزادي ڏني وئي آهي جو ڇڙواڳ ٿي گھمي نه مٿس ايتري پابندي مڙهي آهي جو اٺئي پھر گھر جي پابندي خاني ۾ گھاري. اڳتي ھلي عورت جي حياءُ شرم جو ذڪر ڪندي پاڻ لکي ٿي ته عورت ذات خود حياءُ ۽ عظمت جي نشانبر آهي. تنهنڪري قرآن پاڪ عورتن لاءِ حڪم ڏنو آهي ته پنهنجي گهرن ۾ باوقار ۽ باعزت رھو. جاھليت جي زماني جي عورتن وانگر سرمو سينگار ڪري ٻاهر نه نڪرو ۽ جي نڪرو ته پنهنجون اکيون ھيٺ  ڪري ھلو.

غرض ته خديجه صاحبه جي مضمون پڙهڻ سان ھر اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو ڪيتري قدر ناصحانه انداز ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿي. سندس لکڻ مان ظاهر آهي ته کيس عربي ۽ فارسي کان چڱي واقفيت هئي. سندس لکڻ جو انداز سادو ۽ ٻولي عام فھم آهي  جنهن کي سمجهڻ ۾ڪابه دقت محسوس ڪانه ٿي ٿئي سندس لکڻ ۾ ڪابه پيچيدگي ۽ مونجهارو ڪونھي. جيتوڻيڪ سندس مضمون جي تحرير مختصر آهي، پر انهن ۾ جامعيت سمايل آهي جا مصنفه جي اھميت  کي واضح  ڪري ٿي.

“آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو” به ھڪ معلوماتي مضمون آهي، جنهن ۾ ھن عورت ۽ خاص طور تي سنڌي مسلم عورت جي تعليم بابت شروعاتي مشڪلاتن ۽ انهن جو ادب ۾ حصي جو احوال ڄاڻايو آهي. ھوءَ  لکي ٿي ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ مسلم نينگرين جي پڙهڻ جو خاص انتظام ڪونه ھو. ننڍيون ڇوڪريون پنهنجي ڀائرن سان گڏجي مڪتبن ۾ قرآن شريف ۽ عربي پاري جي تعليم وٺنديون ھيون. 1939 ۾ تعليمي نظام مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو جي ھٿن ۾ آيو ته ھن صاحب نياڻين جي تعليم کي ھمٿايو. ان جو نتيجو اھو ٿيو ته اڄ عورتون انهيءَ قابل نظر اچن ٿيون جو ادب ۾ سندن نالو نروار آهي ۽ ھو نظم خواھ نثر ۾ بهتر خدمتون ڪري رھيون آهن ۽ ھو ھاڻي انهيءَ لائق آهن جو پنهنجا رسالا به جاري ڪري سگهن ٿيون. ادب ۾ افسانا صنف ۾ ثميره زرين، مھتاب محبوب، رشيده صاحبه جون خدمتون قابل ستائش آهن. خديجه صاحبه جي ھن تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته ھوءَ صاحبه جيڪو به مضمون لکي ٿي انهيءَ ۾ حقيقت کي دخل ھوندو  آهي. ڪنهن خيال ۽ تصوراتي زندگيءَ جو ذڪر ڪونه ھوندو آهي. ھوءَ جا ڳالهه لکي ٿي انهيءَ لاءِ دليل به پيش ڪري ٿي جنهن مان سندس وسيع مطالعي جو ثبوت ملي ٿو. سندس انهيءَ مضمون “آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو” جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ کي رڳو ادبي ذوق ڪونه هو، پر ادبي دنيا جي به وسيع معلومات هئس جو ھر ڳالهه کي وضاحت سان پيش ڪري ٿي. مصنفه جو طرز تحرير نه رڳو اسان کي معلوماتي انگ اکر پيش ڪري ٿو، پر ھر لکت ۾ ناصحانا نقطا شامل ڪري ٿي. ھن مضمون ۾ جتي ھوءَ عورت اديبائن جو ذڪر ڪري ٿي ته انهيءَ سان گڏوگڏ پڙھندڙن تي اھو تاثر به ڇڏي ته تعليم عورتن جو زيور آهي ۽ بھتر زندگي ۽ پنهنجي نسل کي سلڇڻو بنائڻ ضروري آهي ته مردن سان گڏوگڏ عورتون به تعليم يافته ھجن.