خاصنئون

افغان مهاجرن جي واپسي ۾ هڪ سال جي واڌ

ڪابينا جي منظوري سان افغان مهاجرن جي واپسي جي عمل ۾ هڪ سال جو واڌارو ڪيو ويو آهي. وزير اعظم عمران خان افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات ۾ ان ڳاله جي وضاحت ڪئي آهي ته افغان مهاجر 30 جون 2020 تائين پاڪستان ۾ رهي سگهندا. اسٽيٽس اينڊ فرنٽيئر ريجن (سيفران) واري وزارت جي وفاقي وزير شهريار خان آفريدي جي ڪوششن سبب افغان مهاجرن جي واپسي ۾ 6 مهينن بجاءِ هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هلندڙ سال 3 ملڪي اتحاد جي ڳالهين بعد هي واڌارو هڪ اهم پيشرفت آهي.