نئوننيو‍‍ز

وڏي وزير مراد علي شاهه JMPC لاءِ هڪ ارب رپيا منظور ڪيا

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر لاءِ هڪ ارب رپين جي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن مان مريض لاءِ دوائون، سرجريءَ لاءِ گهربل اوزار ۽ خالي جاين تي ڊاڪٽرن جي ڀرتين جا خرچ پورا ڪيا ويندا. اڱاري جي ڏينهن چيف منسٽر هائوس ۾ ميٽنگ دوران اهو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ هيلٿ منسٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، پي اينڊ ڊي چيئرمين محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت JPMC جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي شامل هئا.