پاڪستان ايف اي ٽي ايف ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ تيار
قومي اسيمبلي جي فنانس ۽ ريوينيو واري قائمه ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس ٿيو. جنهن ۾ خزاني واري سيڪريٽري بورڊ آف ريوينيو جي چيئرمين، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ڪمشنرن، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اعليٰ ترين آفيسرن، پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي جي نمائندي شرڪت ڪئي ۽ ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان آگاه ڪيو. خبرن موجب اجلاس ۾ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان هن وقت تائين ايف اي ٽي ايف جي 29 نقطن مان 19 تي عملدرآمد ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته انتظامي ۽ قانون سازي جي حوالي سان 5 نقطن تي ٿيندڙ پيش رفت کان به آگاه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حڪومت کي اميد آهي ته باقي نقطن تي به مالي سال -202019 ذريعي هلندڙ سال جون تائين عملدر آمد ڪرايو ويندو. ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت ايف اي ٽي ايف ۾ جاگرافيائي صورتحال بجاءِ ڪارڪردگي جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ آمريڪا سميت با اثر ملڪن ۽ يورپي يونين سان به رابطا ڪندي. ان جي لاءِ ايف اي ٽي ايف جي صدر مارشل بلنگسليا جي سامهون به موقف پيش ڪيو ويندو.

