پاڪستانخاصنيو‍‍ز

نگليريا وائرس سبب ڪراچيءَ ۾ هڪ هفتي اندر 2 ماڻهو اجل جو شڪار، خطري جي گهنٽي وڄي وئي

صحت کاتي سنڌ جي آفيسرن ڪراچي ۾ نيگليريا وائرس (جنهن کي عام طور تي دماغ کائندڙ اميبيا چيو وڃي ٿو) جي سبب هڪ هفتي جي ٿوري عرصي ۾ ٻن ماڻهن جي موت جي اطلاع ڏني آهي، هلندڙ سال ۾ هن خطرناڪ انفيڪشن سبب مرڻ وارن جو تعداد 10 ٿي ويو آهي. هن وائرس جو تازو شڪار هڪ 22 سالن جو شاگرد ٿيو 24 آڪٽوبر تي ساڳئي علائقي ۾ هڪ 45 سالن جو دڪاندار پڻ هن مهلڪ انفيڪشن سبب اجل جو شڪار ٿي ويو. ٻنهي فوتين جو تعلق نارٿ ڪراچي سان آهي.